ادا اسين پنهنجي دوست عاشق سولنگي کي 1000 تحريرون مڪمل ٿيڻتي مبارڪ ڏيون ٿا۔ عاشق سولنگي 3 مهينا 3 ڏينهن ۾ پنهنجون 1000 تحريرون مڪمل ڪيون آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: عاشق سولنگي کي مبارڪ ادا عاشق مجبور کي اسان جي طرفان به لکين نه پر ڪروڙين مبارڪون۔۔۔ توهان جي هر تحرير ۾ پنهنجي ديش سان محبت ۽ سچائي جا لفظ جڙيل هوندا۔۔۔ اهڙا لفظ جن کي اگر هيرن ۽ جواهرن سان گڏ رکجي ته به اِهي لفظ پنهنجي سچائي ۽ ديش سان محبت جي ڪري انهن هيرن ۽ جواهرن کان وڌيڪ چمڪندا۔ ادا عاشق منهنجي دُعا آهي ته توهان جلد ئي سنڌ سلامت جي هيروز جي ٽاپ لسٽ ۾ اچو۔
جواب: عاشق سولنگي کي مبارڪ عاشق مجبور آهي ۔۔۔ سولنگي دوستن جو سنڌ سلامت سان ۽ سنڌ ڌرتي سان عشق پنهنجي مٽ پاڻ آهي ۔۔۔ هي دوست سنڌ سلامت تي آيو ۽ بادل جيئان اهڙا ته وسڪارا ڪرڻ لڳو جو اڄ اسين سندس تحريرن جا ديوانا آهيون، دوست عاشق ! هن اڱڻ سميت سڄي دنيا هڪ سکيا گهر آهي ۔۔۔ اوهين پنهنجي اندر ۾ هڪ حب الوطن انسان رکو ٿا انجي اسانکي خوشي به آهي ته فخر به ۔۔۔ ۽ اميد آهي ته اوهان پنهنجي ڏاهپ ۽ علم مان سنڌ سلامت جي معرفت سنڌ کي پنهنجا پيغام پهچائيندا رهندا ۽ اميد ته پوئتي ورائي نه ڏسندا ۔۔۔قدم اڳتي وڌندا رهن، اسانجي منزل ساڳي آهي ۔۔۔ رب اوهانکي ڪوسي وا کان بچائي ۽ اوهانجون سڀ نيڪ خواهشون پوريون ڪري ۔۔۔ آمين
جواب: عاشق سولنگي کي مبارڪ ادا عاشق اوهان کي منهنجي طرف کان به لکين لکين واڌايون هجن۔۔۔۔۔۔۔۔ ٿورڙي وقت ۾ 1000 تحريرون مڪمل ڪرڻ تمام وڏي ڳالهه آهي۔۔۔۔۔۔ اميد اهڙيون عنايتون ڪندا رهندا۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: عاشق سولنگي کي مبارڪ ها ادا سولنگي صاحب جي به هر تحرير تي نظر هوندي آهي اسانکي وڏي خوشي ٿيندي جو عاشق سولنگي صاحب سنڌ سلامت جي هيروز جي ٽاپ لسٽ تي هوندو انشاالله اسان ان عاشق مجبور کي جلد هيروز جي لسٽ ۾ ڏسنداسين
جواب: عاشق سولنگي کي مبارڪ ادا ڀا درويش اوهان جي وڏي مهرباني جو اوهان هن ناچيز عاشق کي ياد ڪيو۔ عاشق ئي ته درويش مست ٿيندا آهن۔ shal judy hujeen @};-@};-@};-
جواب: عاشق سولنگي کي مبارڪ سائين نثار ابڙا، سائين زاهد سومرو صاحب، راجه صاحب ڪهڙو راجه۔۔۔؟ ير پاڻ وارو راجه لڪيل چاهت اوهان سڀني جي مهرباني۔ ادا مان کي ته پهريان سنڌي به لکڻ نه ايندي هئي،مان جڏهن کان هن محبتي ۽ محنتي اڱڻ تي آيم ته سنڌي لکڻ به سکي وياسين۔ مان ته هن اوطاق کي هڪ خزانو سمجهندو آهيان۔ اُهوبه اڻ خٽ خزانو هتان مان الاهي سکو آهي، خاص ڪري سائين نثار ابڙا صاحب کان۔انهن جي هر تحرير ۾ سبق هوندو آهي، درويش صاحب جن ته پنهنجو مٽ پاڻ آهن اُهي به هن اوطاق جو سينڱار آهن لڪيل چاهت معني راجه صاحب به اڃان لڪيل ئي آهي فقير ته پنهنجو ڳوٺائي آهي، زاهد صاحب جن به ڪنهن کان گهٽ ڪون آهن، مست جي ته وري ڳالھ نه پڇ با۔ اڙي معافي همانگير ته ير مان کان وسري ويو همانگير صاحب اوهان جي به مهرباني لک لائق۔۔۔۔۔۔اوهان جي مان ڪهڙي تعريف ڪيان۔۔۔؟ هڪ دفعو ٻيهر اوهان سڀني جي مهرباني جو اوهان هن ناچيز کي ايڏو پيار ڏنو۔ سدائين گڏ۔ دعا ۾ ياد
جواب: عاشق سولنگي کي مبارڪ واهه واهه ڏاڍو سٺو ٿيو۔۔ پهرين ته مان سوچيو پئي ته عاشق 1000 تحريرون مڪمل ڪندو ته پهرين مبارڪ مان ڏيندس پر پٽيل ڊي ايس ايل ڪم خراب ڪري ڇڏيو۔۔۔۔ درويش ۽ مست مڙئي ڳالهه ساڳي آهي۔۔۔ درويش شروعات ڪئي مطلب ته مست شروعات ڪئي۔۔ ادا عاشق مجبور۔۔۔ هن مست طرفان به توهان کي اڻ ڳڻت مبارڪون هجن، اميد ته جلد ئي اوهان موضوعن کي به 1000 جي تعداد تي پهچائيندا۔۔۔ ۽ سنڌ سلامت جي اڱڻ ۾ اهي عشق جون بهارون وکيريندا رهندا۔۔۔
جواب: عاشق سولنگي کي مبارڪ استاد دعا کپي اوهان جي۔۔۔۔۔ ها بلڪل مست، درويش، عاشق هڪ ئي ڳالھ آهي با۔ ائين نه۔۔۔؟ ڪن مان غلط آهيان۔۔۔؟ مهرباني استاد مست۔
جواب: عاشق سولنگي کي مبارڪ فقير سائين هر ڪو پاڻ ڄاڻي، اڃان منهنجو دل عشق ان رتبي تي نه پهتو آهي جو مان مست سڏرائي سگهان پر زماني جي چوڻ تي مست سڏرايان پيو۔۔۔ اصل مست ۽ درويش ته بس بهلول هو۔۔
جواب: عاشق سولنگي کي مبارڪ ادا عاشق سولنگي صاحب توهان کي اسان جي طرفان ب 1000 تحريرون پوريون ڪرڻ تي مبارڪون هجن.