ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
دور ۽ نذديڪ جي خراب نظر جو حل: اليڪٽرانڪ چشمو
ڳالهه هتي ختم ڪونه ٿي آهي، مسئلو ان مهل ٿيندو آهي جڏهن دور، نذديڪ ۽ درمياني ٽنهيءَ جاين کي ڏسڻ ۾ تڪليف ٿيندي آهي. درمياني مفاصلي جي نظر جي ڪمزوري وقت ۽ عمر جي لحاظ سان وڌندي آهي. ان جو مستقل حل پراگريسو لينز آهن. پراگريسو لينز دور، نذديڪ ۽ درمياني مفاصلي کي ڏسڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا آهن پر سڀ کان وڏو مسئلو پراگريسيو لينز جي قيمت آهي ڇاڪاڻ ته اُهي لينز هر اک جي لحاظ سان خاص طور تي تيار ڪيا ويندا آهن.
ماهرن چيو آهي ته سمورا مسئلا جلدي حل ٿي ويندا. هلندڙ سال جي آخر تائين اهڙا اليڪٽرانڪ چشما بازار ۾ اچي ويندا جيڪي توهانجي اکين جي ضرورت موجب آٽوميٽڪ سيٽنگ ڪندا. اُميد آهي ته اُهو چشمو هلندڙ سال جي آخر تائين آمريڪا ۽ انگلينڊ جي مارڪيٽن ۾ اچي ويندا.
اليڪٽرانڪ چشمو آٽوميٽڪ ڪم ڪندو آهي. ان چشمي ۾ موجود خاص جاين مان بجلي جو جارچ گذري سگهندو آهي جنهن سان چشمي کي آٽوميٽڪ سيٽنگ ڪرڻ ۾ مدد ملندي آهي. ان چشمي جي وچ ۾ هڪ مائع ڪرسٽل جي تحه هوندي آهي. جڏهن چشمو استعمال ڪندڙ شخص ڪنهن شئي کي ڏسندو آهي ته مائي ڪرسٽل مان نڪرندڙ بجلي نمبر سيٽ ڪندي آهي جيئن ڊاڪٽر ڪمپيوٽر مشين جي آڏو ويهاري توهانجي چشمي جو نمبر سليڪٽ ڪندو آهي.
چشمي ۾ هڪ خاص سينسر هنيو ويو آهي جيڪو اک جي حرڪت سان سمجهي ويندو آهي ته اک دور، نذديڪ يا وري درمياني مفاصلي واري شئي کي ڏسي رهي آهي جنهن کانپوءِ اليڪٽرانڪ چشمو آٽوميٽڪ فوڪس سيٽ ڪندو آهي.