ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ذهني دٻاءُ جو حل چانھ جو هڪ ڪوپ
ٽيلي گراف ۾ ڇپجڻ واري هڪ رپورٽ موجب سٽي يونيورسٽي لندن جي ماهر نفسيات ڊاڪٽر مالم ڪراس ويجھڙائي ۾ هڪ تحقيق کان پوءِ چانھ پيئڻ وارن لکئين ماڻهن جي انهي خيال جي تصديق ڪئي آهي ته جيڪڏهن توهان کي پريشاني هجي يا پوءِ ذهني دٻاءُ هجي ته پوءِ چانھ جو هڪ ڪوپ پيئڻ سان ئي ذهني دٻاءٌ گھٽجي سگھي ٿو.
پوءِ هن تحقيق هيٺ رضاڪارن کي ذهني دٻاءُ جي حالت ۾ رکيو ويو، جنهن کان پوءِ انهن جي هڪ گروپ کي چانھ پياري وئي، جڏهن ته ٻئي گروپ کي چانھ ڪونه ڏني وئي، انهي کان پوءِ انهن جي ذهني دٻاءُ جي سطح جي پيمائش ورتي وئي. جنهن مان ظاهر ٿيو ته جنهن گروپ کي چانھ ناهي پياري وئي هئي انهي ۾ پريشاني واري حالت ۾ چانھ نه پيئارڻ کان پوءِ انهن جي پريشاني 25 سيڪڙو وڌي هئي، جڏهن ته چانھ پيئڻ واري گروپ ۾ پريشاني 4 سيڪڙو گھٽ ٿي هئي.
نفسيات جي ماهر مالم ڪراس جو چوڻ آهي ته تجربن مان هي ثابت ٿيو آهي ته دٻاءُ ۾ ڪمي آڻڻ ۾ چانھ ۾ موجود سڪون وارين شين جو عمل ته هوندو ئي آهي، پر چانھ جي ديڳڙي چلهي تي چڙهڻ سان ئي پريشاني گھٽجڻ شروع ٿي ويندي آهي.