• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇوڪري کي ڪتن پاليو

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن
روس ۾ انتظاميا ٻڌايو آهي ته انهن کي هڪ اهڙي پنجن سالن جي چوڪري ملي آهي جيڪا ڪتن ۽ ٻلين جي صحبت ۾ پلي آهي جيڪا ڀوڪندي آهي پر ڳالهائي نٿي سگھي.

اها ڇوڪري سائبيريا جي شهر چتا ۾ هڪ گندي فليٽ ۾ رهندي هئي. هو انهي فليٽ مان ڪڏهن ٻاهر ڪونه نڪتي هئي ۽ هن هتي رهندي جانورن جئان سلوڪ ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو هو.

انتظاميا هاڻ هن ڇوڪري کي پاڻ وٽ رکي ڇڏيو آهي ۽ انهن جو هي چوڻ آهي ته هو ڪتن جئان سلوڪ ڪندي آهي ۽ جڏهن هن کي ڏسڻ وارو ڪمري مان نڪري ويندو آهي ته هو ڪتن جئان ڪمري جي در تي ٽپا ڏيندي آهي.

هن ٻارڙي سميت گھر ۾ ٻيا به ڪجهه ماڻهو رهي رهيا هئا انتظاميا جو چوڻ آهي ته هن ٻارڙي جي ماءُ کان پڇا ڪئي پئي وڃي ۽ هن جو پي هن فليٽ ۾ موجود ڪونه هو ۽ هن کي ڳولهيو پيو وڃي.

پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙي جي حالت تمام خراب آهي، هي تمام ڪنن ڪپڙن ۾ هئي، پوليس جو چوڻ آهي ته ٻارڙي جو آواز جانورن جهڙو آهي پر هو ڳالهائي نٿي سگھي پر ظاهري طور تي هو روسي ٻولي سمجھي سگھي ٿي.

روس جي صدر دمتري ميدي ايديف ڪجهه مهينا اڳ ئي چيو هو ته ٻارن جي حفاظت ۽ انهن کي ظلم ۽ زيادتي کان بچائڻ لاءِ وڌيڪ اپاءُ وٺڻا پوندا. هن وڌيڪ چيو هو ته روس ۾ ساڍا ست لک ٻار خطرناڪ حالتن ۾ پنهنجون حياتيون لنگھائي رهيا آهن.​
 
جواب: ڇوڪري کي ڪتن پاليو

تمام بهترين شئيرنگ اهو ڏينهن پري نه آهي عاشق سولنگي هيروز جي ٽاپ لسٽ هوندو انشاالله
 
Back
Top