انگلينڊ جي 200 سال پراڻي رسم موجب انگلينڊ جي شاهي فوج ۾ خاص ڪشميري نسل وارو هڪ ٻڪرو پڻ اهم رُڪن هجڻ سبب ڊيوٽي ڪندو آهي. لانس ڪارپورل جي عهدي تي مقرر وليم ونڊسر نالي ٻڪرو 8 سالن کان انگلينڊ جي شاهي فوج ۾ هڪ اهم عهدي تي مقرر هو جنهن ۾ هن ڪيترن ئي ملڪن جا دورا ڪيا هئا، هن ڪيترن ئي شاهي هستين سان ملاقات ڪئي هئي ۽ ڪيترين ئي پريڊن جي اڳواڻي پڻ ڪئي هئي. بلي نالي مشهور ٻڪري جون خدمتون ياد ڪرڻ ۽ هن کي آڌر ڏيڻ لاءِ هڪ خاص جلسو منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ هن ٻڪري کي هڪ خاص لباس پهريل هو. ان ٻڪري کي ملڪه پاران تحفي جي طور تي ڏنل چاندي جو تاج پهرايو ويو هو. 8 سالن تائين شاهي فوج ۾ ملازمت ڪندڙ بلي نالي ٻڪرو گذريل سال رٽائر ٿيو ۽ ان بدران نئين ٻڪري کي نوڪري تي مقرر ڪرڻ لاءِ جون ۾ اعلان ڪيو وڃي ها. رٽائر ٿيندڙ ٻڪري کي سڄي فوج آڌر سان ٽريلر تي موڪليو ويو جيڪو ان ٻڪري کي چڙيا گهر وٺي ويو جتي هو پنهنجي رٽائرمنٽ جا باقي ڏينهن گذاري رهيو آهي.
جواب: انگلينڊ شاهي فوج جو ٻڪرو فوجي رٽائر ٿي ويو سولنگي صاحب اهڙيون ڪوششون رهيون ته تون سنڌ سلامت جو هيرو پڪو آهين
جواب: انگلينڊ شاهي فوج جو ٻڪرو فوجي رٽائر ٿي ويو هل ڙي ٻڪرا تنهنجي لئه،، اسان وٽ ڪو به رٽائر ٿو ٿئي ته اُن ويچاري کي سڃاڻين به ڪونه ٿا۔ ته هي به ڪو هن گورنمٽ جو ملازم هو۔
جواب: انگلينڊ شاهي فوج جو ٻڪرو فوجي رٽائر ٿي ويو واه سائين واه ان کي چئبو آهي ڀلا ڙي صالو تنهنجا ڀاڳ سدائين گڏ