عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
ڪراچي:سنڌ اسيمبلي ۾ پهريون ڀيرو پشتو ٻولي به ٻڌڻ ۾ آئي، اسپيڪر راڻا عبدالستار کي اندرون سنڌ چوڻ کان روڪيندو رهيو، ڪالهه سنڌ اسيمبلي ۾ پهريون ڀيرو اي اين پي جي ميمبر امان الله محسود پنهنجي پشتو ٻولي ۾ ڳالهائڻ جي شروعات ڪئي، جنهن ۾ هن هڪ شعر ٻڌايو، جنهن بعد ۾ معنيٰ ٻڌائي ته واهه واهه ٿي وئي، جڏهن ته مخالف ڌر جي ميمبر راڻا عبدالستار اندرون سنڌ چيو ته اسپيڪر نثار کهڙي کيس هدايت ڪئي ته راڻا صاحب معذرت سان اندرون سنڌ جو لفظ نه وٺو ته بهتر، جڏهن ته بجيٽ تي عام بحث دوران سڀ کان وڌيڪ نج سنڌي ٻولي ۾ مخالف ڌر جي ميمبر محمد علي ملڪاڻي تقرير ڪئي، جنهن کي تمام گهڻو ساراهيو ويو، مخالف ڌر پاران سڪندر منڌرو، غلام قادر چانڊيو، جاويد شاهه جا ٿورا مڃيا ويا ته انهن حڪومت ۾ هوندي به سچ ڳالهايو، سڄو ڏينهن تقريرون ٻڌي ٻڌي خاموش ٿيل ميمبرن ۾ صوبائي وزير موهن لال جي دلچسپ تقرير جان وجهي ڇڏي، جنهن کي تاڙيون وڄائي داد ڏنو ويو، هڪ موقعي تي صوبائي وزير منظور وساڻ مخالف ڌر بابت چيو ته ”سنڌي ۾ چوندا آهن نه ڇيڙ ملنگا نون“تنهن تي ٽهڪڙو مچي ويو ته اهو سنڌي ۾ نه چيو ويندو آهي. جنهن ڪري اڪثر ايم پي ايز هڪ ٻئي سان ڪچهرين ۾ رڌل هيا، ايتري قدر جو ايم پي ايز پاڻ شيون ڪاغذن ۾ ويڙهي ورهائيندا ۽ لڪ چوري ۾ کائيندا رهيا، اسپيڪر رولنگ ڏني ته سوالن جوابن دوران سي ايم سان ملاقات نه ڪئي وڃي، ڇو ته ڪيترائي اهم سوال اٿن ٿا جن جا ليڊر آف هائوس پاڻ جواب به ڏئي سگهي ٿو.]