ٻوڏ ۾ اهڙن ماڻهن جو ڇا ڪريون ؟ وسعت الله خان ٻوڏ ۾ اڃا تائين صحيح طور تي اهو به طئي نه ٿي رهيو آهي ته ڪيترا ماڻهو اجڙيا آهن، ڪيترا فوت ٿيا آهن، ڪيترا لاپته آهن، ڪيترو مال متاع، فصل ۽ زمينون صاف ٿي ويون آهن، ڪنهن ڪنهن جا گهر ٻوڏ ۾ لڙهي ويا آهن، جن کي اڄ کاڌو مليو آهي، انهن کي سڀاڻي ملندو يا نه؟ جن کي ٿوري دير اڳ جيڪا صاف پاڻي جي بوتل هٿ آئي هئي، اها ٻيهر انهن کي نصيب ٿيندي يا نه، هو انهيءَ بوتل جو پاڻي پي انهيءَ ۾ ميرو پاڻي ڀري وٺندا. پر هن ڪڙي وقت ۾ به آفرين انهن ماڻهن کي آهي، جيڪي هر المئي کي سنهري موقعو سمجهي ايجنڊا اڳيان وڌائڻ کان نٿا رهن. هن وقت ڪيترائي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ توهان کي اهڙا گروهه نظر ايندا جيڪي ويگنن ۽ ڪوسٽرز وٺي هنڌ هنڌ تي گهمي رهيا آهن، اهي گروهه متاثرن کي خيما، خوراڪ ، دوائون ۽ صاف پاڻي ڏيڻ بدران رڳو فاقا ڪشي جي شڪار متاثرن کي ميگا فون تي خوف، ڊپ ۽ عبرت سپلاءِ ڪري رهيا آهن. ”توهان جا اعمال ئي اهڙا هئا، اهو عذاب اچڻو هو، پنهنجي گناهن جي معافي گهرو، وغيره وغيره“. يقينن اهي سڀ نصيحتون تمام سٺيون آهن پر جڏهن پيٽ خالي هجن، جڏهن ڳورهايون عورتون هر هلندڙ گاڏي کي امدادي گاڏي سمجهي پويان پويان ڀڄنديون هجن، جڏهن ٻار خوراڪ جي ورهاست وقت پنهنجي ئي وڏڙن جي پيرن هيٺان اچي رهيا هجن ۽ جڏهن وڏا جهڙ جهپٽ دوران پوليس جي ڏنڊن جي زد ۾ اچي رهيا هجن، ڇا اهو وقت نصيحت لاءِ مناسب آهي؟ هڪ اهڙو گروهه به آهي جيڪو رڳو ٽي وي چينلز ۽ اخبارن ذريعي پنهنجي آرام ڏيندڙ ڪرسين تي ويهي ٻوڏ واري قيامت جو نظارو ڪري رهيا آهن ۽ ميدان ۾ گوڏ ٻڌي لهڻ بدران پنهنجي سيمينارن ۽ بيانن ذريعي مصيبت ۾ ورتل ماڻهن جي مدد ڪري رهيا آهن. مثال طور ڪالاباغ ڊيم ٺهي وڃي ها ته اهي ڏينهن نه ڏسڻا پون ها، ان گروهه جي خيال جو بنياد اهو مفروضو آهي ته جهڙي ٻوڏ هن سال آئي آهي هاڻ هر سال ايندي. فرض ڪريو ته ان بنياد تي ڪالاباغ ڊيم به ٺهي وڃي ته به ڇا ٿيندو؟ ڪالاباغ ڊيم ڪيترو پاڻي روڪي وٺندو، ڏهه لک ڪيوسڪ، ويهه لک ڪيوسڪ؟ باقي هڪ ڪروڙ ڪيوسڪ کان وڌيڪ پاڻي جو ڇا ٿيندو جيڪو پوئين ٽن هفتن کان لڳاتار گذري رهيو آهي ۽ جيڪڏهن ايندڙ ڏهن سالن تائين ايتري وڏي ٻوڏ نه آئي ته پوءِ ڇا ٿيندو؟ ڪيترن کي خبر آهي ته تربيلا ۽ منگلا ۾ پاڻي ذخيرو ڪرڻ جي اصل گنجائش اڌ رهجي وئي آهي، ڪالاباغ ڊيم صرف تربيلا ۽ منگلا جي اوريجنل گنجائش جو اڌ پاڻي ئي ذخيرو ڪري سگهندو. مسئلي جو حل ڪالاباغ ڊيم ٻڌائڻ وارا ڪڏهن به اهو نه ٻڌائيندا ته واهن ۽ ٻنين تائين پاڻي پهچائيندڙ آبي گذرگاهن کي جيڪڏهن پڪو ڪيو وڃي ته هڪ ڪالاباغ ڊيم جي برابر پاڻي مفت ۾ بچي سگهي ٿو، جيڪڏهن جابلو علائقن کي انڌا ڌنڌ وڻن کان محروم نه ڪيو وڃي ته اهي وڻ ٽيهه سيڪڙو ٻوڏ جو پاڻي درياءَ ۾ اچڻ کان اڳ روڪي وٺندا، جيڪڏهن دريائي گذرگاهن ۾ حددخليون نه ڪيون وڃن ته ڪيترين ئي ٻوڏن جو پاڻي آساني سان لنگهي ويندو. هڪ ٻيو گروهه به آهي، جنهن جو جو خيال آهي ته اها ٻوڏ ڀارت جي سازش آهي، جنهن جي انجنيئرن نه رڳو اضافي پاڻي پاڪستان ڏانهن ڌڪي ڇڏيو پر افغان حڪومت کي ورغلائي ڪابل درياءَ ۾ به اضافي پاڻي ڇڏرائي ڇڏيو. ڇا دماغي مرضن جا شفا خانا به ٻوڏ ۾ وهي ويا آهن؟
جواب: ٻوڏ ۾ اهڙن ماڻهن جو ڇا ڪريون ؟ وسعت الله خان ادا بس ڪونهي حال اسان جي حڪمرانن ۾۔۔۔۔۔اُهي ته چون ٿا ته وڌيڪ ٻوڏ اچي۔ ڇوته انهن جا پيسا ٿا ٺهن امداد جي صورت ۾۔
جواب: ٻوڏ ۾ اهڙن ماڻهن جو ڇا ڪريون ؟ وسعت الله خان ادا اهڙن ماڻهو ڏک ونڊڻبدران ٻين جي ڦٽن تي لوڻٻرڪڻ ئي سکيل هوندا آهن، ڇو ته انهن کي پنهنجي عبادتن تي ناز هوندو آهي۔