نوٽ ڪرڻ جهڙيون ڳالهيون...
زرار پيرزادو
اها ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو هڪڙا لالچي ماڻهو، ڦورو، پوليس اهلڪار، ڪامورا، ڪاروباري توڙي فراڊي ۽ غير جمهوري ماڻهو ٻوڏ متاثرن مان به نٿا مُڙن ۽ انهن جي مجبورين مان به ناجائز فائدو وٺڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن. اهي جيڪي اڳ ۾ ئي پنهنجو سڀ ڪجهه لُٽائي چُڪا آهن تن کي به نٿو بخشيو وڃي ۽ مختلف شڪلن ۾ کين به ڦريو ۽ لٽيو پيو وڃي. ٻوڏ متاثر جيڪي پنهنجا گھر گھاٽ ڇڏي آيا آهن تن کي به ڦورو، چور ۽ ڌاڙيل نٿا ڇڏين. جيڪي متاثر بندن تي ويٺل ۽ ڪئمپن ۾ ترسيل آهن سي به حيرت انگيز طور تي ڦورن کان محفوظ ناهن. هوڏانهن ٻوڏ متاثرن لاءِ جيڪو امدادي سامان ملي رهيو آهي تنهن امانت ۾ به وڏي پئماني تي خيانت ٿي رهي آهي. رپورٽون آهن ته ڪامورا عادت کان مجبور انهيءَ امداد مان به حصو پتي ڪرڻ کي پنهنجو حق سمجھي رهيا آهن. ڪيترن ئي ڪامورن امدادي سامان کي پنهنجي گھر رکائي ڇڏيو آهي ۽ من پسند ماڻهن ۾ امداد ورهائڻ جا به اطلاع ملي رهيا آهن ته ڪٿي وري مفت ۾ مليل امدادي سامان پئسن تي ورهائڻ جا به اُلميا ڏٺا پيا وڃن. اهي به رپورٽون آهن ته ڪراچي ۾ ڪن فليٽن ۽ پلاٽن تي ٻوڏ متاثرن جي آڙ ۾ قبضا به ٿي رهيا آهن ۽ اهي به اطلاع ملي رهيا آهن ته ڪراچيءَ ۾آيل ٻوڏ متاثرن کان پنجن کان ڏهن هزارن تائين جي رقم وٺي کين پلاٽ وٺي ڏيڻ جا ساڻن فراڊ ٿي رهيا آهن. ٻيو ته ڇڏيو پر هاڻي ٻاهرين ملڪن کان وڏن نوٽن واري ملندڙ امداد کي ڏسندي پنهنجن ” محافظن“ جا وات به پاڻي پاڻي ٿي رهيا آهن ۽ سندن دليون سٽون هڻي رهيون آهن ته جيڪر اها امداد سول حڪومت کي نه پر کين ملي ان ڪري اهڙو ماحول پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي جنهن مان اهو تاثر جڙي ته ملڪ ۾ آيل هن خوفناڪ آفت کي منهن ڏيڻ سول حڪومت جي وس جي ڳالهه ناهي ان ڪري سول حڪمرانن تي ڪرپٽ هئڻ جي بهتان بازي واري سياسي مهم هلرائي کين ناقابل اعتبار بڻائي ڪنهن مارشل لا يا نيم مارشل لا جو رستو هموار ڪيو وڃي سو نوٽ ڪرڻ جي ڳالهه اها آهي ته متحده قومي موومينٽ جي الطاف حسين پاران مارشل لا جي آجيان واري ڏنل بيان کي ڪي مبصر ان تناظر ۾ ئي ڏسي رهيا آهن.
zarar_pirzado@yahoo.com
عوامي آواز جي ٿورن سان