• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

۔۔۔۔سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم (آڊيو جي صورت ۾)

رشيد سمون

Founder
انتظامي رڪن
منتظمِ اعلى
دوستو توهان جي پسند کي نظر ۾ رکي اڄ وري ادا جانب بلاولي کي زور ڀري سائين نثار احمد جو لکيل هڪ ٻيو گيت فورم جي زينت بڻائي رهيو آهيان۔۔۔۔ جانب بلاولي جي ڳايل گذريل گيت ۾ دوستن ڍولڪي تي اعتراض ڪيو هيو ان ڪري هن گيت ۾ ڍولڪي کي شامل ئي نه ڪيو ويو آهي۔۔۔۔
دوستو ڪجهه ڏينهن کان وٺي محسوس ڪيو پيو وڃي ته سائين نثار جن فورم تي گهٽ آهن ان جو سبب جانچڻ لاءِ جڏهن سندن سان رابطو ڪيم ته سائين نثار جن جي ناساز صحت جي پڻ خبر پئي دوستن کي گذارش آهي ته سندن جي صحتيابي لاءِ دعا ڪن۔۔۔
سائين نثار ناز جن جو هي گيت جنهن ۾ موجوده وقت جي صحيح عڪاسي ڪندي ڌارين جي سنڌ مٿان ڪاهه ۽ سنڌي جوڌن کي ذهني طور تيار رهڻ لاءِ اڪسايو ويو آهي سنڌي جذبن کي اڀاريندڙ هن گيت کي اڳ ئي ادا سلطان لفظن جي صورت ۾ فورم تي لڳايو آهي۔۔۔ ان لاءِ هي گيت هڪ دفعو وري ادا سلطان کي ارپيندس ۔۔۔۔

نثاراحمدناز
بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم
سوچ منهنجي جو سفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم

امن نالي ڪربلائون، ڌارين جون سنڌ مٿان
روز تبرا ۽ سزائون، ڌارين جون سنڌ مٿان
نيچ نظرون بدنگاهون ڌارين جون سنڌ مٿان
مون ڏٺيون هرروز ڪاهون، ڌارين جون سنڌ مٿان
هڪ هڪاڻي نيٺ ٿيندي، بد گُمان ٿيندا ڀسم
بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم
سوچ منهنجيءَ جو سفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم

چور تنهنجو هيل چڙهتو، ڪو هَلي ممڪن نه آ
هر دروهي ديس ڪڙڪو، ڪو هلي ممڪن نه آ
۽ اچانڪ باهه ڀڙڪو، ڪو هَلي ممڪن نه آ
هاڻ سنڌ تي داٻ ڌڙڪو، ڪو هلي ممڪن نه آ
ڪونه مڃبو ڪوڙ جي دستور کي او بي شرم
بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم
سوچ منهنجيءَ جو سفرسنڌ کان شروع سنڌ تي ختم

ديس منهنجي جو لٽيرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان
ڀاڙئي کي مان ڀليرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان
دل ۾ لُنڊيون من جو ميرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان
سامراجي هر وڏيرو سيڻ سنڌ جو ڇو مڃان
ڪلهه به قاتل اڄ به ظالم هُو حرامي بي رحم
بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم
سوچ منهنجيءَ جو سفرسنڌ کان شروع سنڌ تي ختم

پاڻ پنهنجو اڄ ملهايان، ٿي حلالي پُٽِ هِتي
شعر سنڌ لئه گيت ٺاهيان، ٿي حلالي پُٽِ هِتي
جان گهوري ڪنڌ ڪپايان ٿي حلالي پُٽِ هِتي
ٿڃ مِٺيءَ جو قرض لاهيان، ٿي حلالي پُٽِ هِتي
هڪ جنم منهنجو ته گهٽ آ گهورجان مان هرجنم
بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم
سوچ منهنجيءَ جو سفرسنڌ کان شروع سنڌ تي ختم

[MP3]http://www.fileden.com/files/2008/11/25/2199844/SindhSalamat.mp3[/MP3]​
 
تمام دلڪش گيت سائين نثار احمد ناز جو جيڪو اوهان اسان سڀني سنڌ سلامت واري کي سٿ جي لاءِ پيش ڪيو، انهي کي وري محترم جانب بلاولي جي آواز ۾ ٻڌڻ انهي کان وڌيڪ سرور بخشيو، تمام گهڻا ٿورائتا آهيون۔۔۔۔۔۔۔ مهرباني ادا رشيد سمون صاحب۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
دوستو توهان جي پسند کي نظر ۾ رکي اڄ وري ادا جانب بلاولي کي زور ڀري سائين نثار احمد جو لکيل هڪ ٻيو گيت فورم جي زينت بڻائي رهيو آهيان۔۔۔۔ جانب بلاولي جي ڳايل گذريل گيت ۾ دوستن ڍولڪي تي اعتراض ڪيو هيو ان ڪري هن گيت ۾ ڍولڪي کي شامل ئي نه ڪيو ويو آهي۔۔۔۔
دوستو ڪجهه ڏينهن کان وٺي محسوس ڪيو پيو وڃي ته سائين نثار جن فورم تي گهٽ آهن ان جو سبب جانچڻ لاءِ جڏهن سندن سان رابطو ڪيم ته سائين نثار جن جي ناساز صحت جي پڻ خبر پئي دوستن کي گذارش آهي ته سندن جي صحتيابي لاءِ دعا ڪن۔۔۔
سائين نثار ناز جن جو هي گيت جنهن ۾ موجوده وقت جي صحيح عڪاسي ڪندي ڌارين جي سنڌ مٿان ڪاهه ۽ سنڌي جوڌن کي ذهني طور تيار رهڻ لاءِ اڪسايو ويو آهي سنڌي جذبن کي اڀاريندڙ هن گيت کي اڳ ئي ادا سلطان لفظن جي صورت ۾ فورم تي لڳايو آهي۔۔۔ ان لاءِ هي گيت هڪ دفعو وري ادا سلطان کي ارپيندس ۔۔۔۔

[MP3]http://www.fileden.com/files/2008/11/25/2199844/SindhSalamat.mp3[/MP3]​
ادا رشيد سمان جُڙيو هُجين شال سنڌ جي ڏُکن سُکن جي ڳالهه هر سنڌي سپوت کي ڪرڻ گهرجي مان شاعري جيجل سنڌ تي شاعري لکي صرف پنهنجو لکڻ وارو فرض پورو ڪندو آهيان پر تون ته باقائده مُنهنجي شاعري کي ترنم واري شڪل ۾ آڻي مونکان ڀي وڏو امڙ سنڌ وارو فرض پورو ڪندو آهين۔ مان ڪنهنجا ڪنهنجا ٿورا مڃان ادا سُلطان جا مڃان، ادا جهانداد سمون جا ٿورا مڃان، ادا وحيد ڦلپوٽو جا ٿورا مڃان، ادا زاهد سومرو جا ٿورا مڃان ، جانب بلاولي جا ٿورا مڃان يا وري تُنهنجا ٿورا مڃان جو مون مسڪين جي معمولي شاعريءَ کي ايڏو وڏو اعزاز بخشيو ڇڏين جو سموري سنڌ مُنهنجي شاعري جو آڊيو ٻُڌي پئي سنڌ سلامت جي پليٽ فارم تان۔ مان ان موقعي تي محترم جانب بلاولي جي تصوير شيئر ٿو ڪريان۔ توهان سڀني سان

P5311010.JPG
 
ادا نثار توهان جي غزل کي آواز ڏيڻ وارو ته اسان جو مائٽ آهي، سائين منهنجون دعائون پوري سنڌ سان پر خاص ڪري ادي جانب سان گڏ۔ آهن۔ جنهن اسان کي اهڙي ناياب شاعري آواز واري صورت ۾ اسان جي سامهون پيش ڪئي
 
ادا نثار توهان جي غزل کي آواز ڏيڻ وارو ته اسان جو مائٽ آهي، سائين منهنجون دعائون پوري سنڌ سان پر خاص ڪري ادي جانب سان گڏ۔ آهن۔ جنهن اسان کي اهڙي ناياب شاعري آواز واري صورت ۾ اسان جي سامهون پيش ڪئي
مهرباني سائين عبدالوهاب قمبراڻي صاحب توهان کي مون ناچيز جي شاعري ”سوچ مُنهنجيءَ جو سفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم“ وڻي لک لائق ادا جيڪڏهن بقول توهان جي ته مُنهنجي شاعري کي آواز ڏيڻ وارو توهان جو مائٽ آهي ته هڪڙي ڳالهه مان به چوندو هلان ته اها هن فورم تي اهو مٺڙو آواز پيش ڪرڻ وارو ڀاءُ عبدالرشيد سمون وري مُنهنجو مائٽ آهي۔ مطلب هرڪنهن جو مائٽ هتي لک لهي ٿو۔ باقي پنهنجا دوست سڀ مٺا ماڻهو، ادا زاهد سومرو، ادا سُلطان، ادو نثار ابڙو، ادو جهانداد سمون، ادو وحيد ڦلپوٽو، ادو ابو زين، ادو علي علي، ادو نثار منگي، ادو وحيد سمون، ادو ڊاڪٽر اي ڊي سهتو الغرض اسان جون مان واريون ڀيڻون، ڀيڻ رابيا ميمڻ، ڀيڻ نُور، اسان جي مان واري ڀيڻ نجما ڪنول، ڀيڻ ساره ۽ سنڌ سلامت جو هرڪو رُڪن سڀيئي سچا موتي، سڀيئي هيرا، سڀيئي قرب وارا، سڀيئي سنڌ جيجل جو درد رکڻ وارا آهن ، الله سائين کين زندگيءَ جي هر موڙ تي خوشيون ئي خوشيون عطا ڪري، کين سکيو ستابو رکي، ڪڏهن ڪو کين ڪوسو واءُ نه لڳي۔(آمين ثم آمين)​
 
جواب: ۔۔۔۔سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم (آڊيو جي صورت ۾)

امن نالي ڪربلائون، ڌارين جون سنڌ مٿان
روز تبرا ۽ سزائون، ڌارين جون سنڌ مٿان
نيچ نظرون بدنگاهون ڌارين جون سنڌ مٿان
مون ڏٺيون هرروز ڪاهون، ڌارين جون سنڌ مٿان
هڪ هڪاڻي نيٺ ٿيندي، بد گُمان ٿيندا ڀسم
بندگيءَ جو باب سنڌ آ دين منهنجو هر ڌرم
سوچ منهنجيءَ جو سفر سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم

واه مٺا ناز صاحب
جيئي سنڌ
 
طاهر يار هن نظم جي يادگيري ڏياري خبر ناهي وري ڪهڙين ڳالهين ۾ وجهي ڇڏئي اصل سُتل سُور جاڳائي ڇڏيئي۔ منهنجو اندر ڪڍي ڇڏيئي سنڌي منهنجو اندر ڪڍي ڇڏيئي۔
 
جواب: ۔۔۔۔سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم (آڊيو جي صورت ۾)

زبردست ادا۔
چا ادا توهان وٽ اهڙي ڪا سائيٽ آهي جنهن تي اسا سنڌي آڊيو گانا ٻڌي ۽ ڊائونلوڊ ڪري سگهون
جيڪڏهن آهي ته مهرباني ڪري ٻڌائجو
thanks
 
جواب: ۔۔۔۔سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم (آڊيو جي صورت ۾)

سنڌ سلامت جي آڊيو گيت سيڪشن ۾ ڪيترائي گيت ڊائونلوڊنگ لاءِ موجود آهن۔۔۔ جڏهن ته لوگو جي مٿان موجود پٽي تي موجود لنڪ سنڌ سلامت ريڊيو تي ڪلڪ ڪري توهان کوڙ سارا سنڌي گيت ٻڌي سگهو ٿا۔۔۔
 
جواب: ۔۔۔۔سنڌ کان شروع سنڌ تي ختم (آڊيو جي صورت ۾)

واه سائين واه ڇا ڳالهه ڪجي۔۔
اصل تعريف وارا لفظ ئي ڪونه آهن۔۔
 
Back
Top