سنڌ جي دل ڪراچيءَ کي ڪير بچائيندو؟ نثار احمد کهڙو جڏهن سرحد صوبي ۾ ڪراچي ۾ بي گناهه قتل ٿيندڙ ماڻهن جا لاش دفنائڻ کانپوءِ اتان جا ٻريل ۽ مڇريل ماڻهو اعلان ڪن ٿا ته، ”انهن مان“ جيڪو به اٽڪ پل ڪراس ڪري ته انهن جون ڄنگهون ٻانهون ڀڃي ڇڏينداسين.“ تڏهن ماڻهو ”انهن مان“ جو مطلب سمجهي وڃن ٿا ته اها چڙ ۽ غصو ڪنهن جي لاءِ آهي. اوهان جڏهن هڪ نجي ٽي وي چينل جي هڪ پروگرام ۾ فون ڪندڙ حبيب ڪمبوهه جو اهو ڪمزور ۽ ڊڄندڙ اواز ٻڌو ٿا، جنهن ۾ هو صاف لفظن ۾ چئي ٿو ”معنيٰ ته جيڪڏهن سڀاڻي ”هو“ چاهين ته پوءِ آرمي چيف به ڪراچي نه اچي سگهندو، ڪو وزير اعظم به نه اچي سگهندو.“ ان عمل مان هو صاف صاف ٻڌائڻ چاهين ٿا ته هو ڪراچيءَ کي پنهنجي ”رحم ڪرم“ تي رکڻ چاهين ٿا. جڏهن اسلام آباد جا صحافي ايم ڪيو ايم جي ڊاڪٽر فاروق ستار پاران ٽي وي چينل تي مسلسل فائرنگ ۽ تشدد جي معافي کي قبول نٿا ڪن ۽ ايم ڪيو ايم جي ان پريس ڪانفرنس جو بائيڪاٽ ڪن ٿا ته سندن بائيڪاٽ مان اها ڳالهه واضح ٿي وڃي ٿي ته هو ان سڄي واقعي ۾ اهم ذميدار ڪنهن کي سمجهن ٿا؟ جڏهن بي بي سي پاران اهو ليٽر ميدان ۾ آندو وڃي ٿو، جنهن ۾ اهو لکيل آهي ته، ”12 مئي تي ڪنهن به پوليس واري کي ڪو به هٿيار کڻڻ جي اجازت نه هوندي“، ته ان ليٽر مان ماڻهو اهو نٿا سمجهن ته ڪو اهو آءِ جي لکيو هوندو، پر ماڻهن کي اصل ڌر جي خبر پئجي وڃي ٿي، ڇو ته هنن جي باري ۾ ته اڳوڻو آءِ جي سڀ ڪجهه ٻڌائي ويو آهي. آءِ جي سنڌ مسٽر جهانگير مرزا ڪي ٽي اين تي انٽرويو ۾ ذوالفقار ٻگهي کي صاف لفظن ۾ ٻڌائي ٿو ته، ”ايم ڪيو ايم وارا پاڻ کي ملڪ جو صدر به سمجهن ٿا، وزير اعليٰ به، آءِ جي به، پوليس به ۽ سڀ ڪجهه به...“ پوءِ ان جي سزا ۾ مسٽر ٻگهئي سان ٻه هٿ ڪري ڏيکاريائون ته اسان سان جيڪو ”کنئونس“ ڪندو، ان جو حال اهڙو ڪنداسين. يا بي بي سي واري مسعود عالم 12 مئي بابت ٻڌايو آهي ته، ”رات جو سڄي شاهراهه فيصل جي سوين لنگهن تي وڏا ٽينڪر بيهاري، انهن مان رات جو ئي هوا ڪڍي انتظام اهڙو ڪيو ويو، جئين ڪا موٽر سائيڪل به نه لنگهي سگهي...ڏينهن جو وري انهن ٽينڪرن کي باهيون ڏئي اهڙو انتظام رکيو ويو، جيئن ڪو پيدل ماڻهو به نه اچي سگهي...ٽولين کي هٿيار ڏئي هڪڙا ايئرپورٽ تي چيف کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ اتي مقرر ڪري ڇڏيائون...ٻيا ويا هاءِ ڪورٽ...وڪيلن جا مٿا ڦاڙي انهن کي قتل جون ڌمڪيون ڏنائون...ٽيان موڪليائون شاهراههِ فيصل جي پلين مٿان...انهن ڇا ڪيو، مسلسل فائرنگ ڪئي...هڪ نجي ٽي وي چئنل تي 6 ڪلاڪ فائرنگ ڪئي وئي. هو ٽريننگ يافتا پئي لڳا...ايستائين جو ماڻهو اندر بند ۽ هٿياربند آزاد هئا، سندن رسد به جاري هئي. هڪ ٻي اهم ڳالهه اسان جي چيف منسٽر جو جملو به غور طلب آهي ته، ”مون کين ريليءَ کان جهليو، پر هو نه مُڙيا“ ان جو مطلب ته اهو آهي ته ارباب جهڙي ماڻهو ته ريليءَ کان اول اها ڳالهه خراب سمجهي هئي. ان جو مطلب هيءُ به آهي ته اسان کي اول ئي انهن جي سموري ڪرت جو احساس هيو، سڄي ملڪ ۾ هڪ ايم ڪيو ايم ۽ ٻيو صدر جنرل پرويز مشرف هڪٻئي کي ان جلسي تي مبارڪون پيا ڏين. باقي سڄو ملڪ پاڻ کي مارجي ويلن جو وارث پيو سمجهي. هنن جو نعرو آهي، ”سب سي پهلي پاڪستان“ شايد تشدد ۽ سزا لاءِ! هنن جي لاءِ جيڪي به عام انساني قدر آهن، اهي ٻئين درجي جي حيثيت رکن ٿا. هن ملڪ ۾ مختلف سياسي ۽ غير سياسي گروپ، سرڪاري ۽ غير سرڪاري عملدار ۽ ڪارندا پنهنجا پنهنجا مفاد ۽ مطلب حاصل ڪندا آهن. سندن اهي مطلب پنهنجي سياسي ۽ غير سياسي گروپن جي حياتي وڌائڻ لاءِ هوندا آهن. سندن اهي مطلب سندن هٿياربند طاقت جي حساب سان پورا ٿيندا آهن، يعني جيتري طاقت اوتري منافعي ۾ شراڪت. گذريل ڪيترن سالن کان هن ملڪ ۾ بنا نالي جنهن ڪارڊ جي استعمال ۾ رڪارڊ ٽوڙيا ويا آهن، تنهن جو مثال ڪٿي به نٿو ملي. ان ڪارڊ جو نالو آهي: ”ڪراچي ڪارڊ“. ان ڪارڊ ۾ انساني ”رت“ جي ”ر“ ۽ قانون ۽ امن ۾ ”رخنو“ وجهندڙ ”ر“ وسيلي نوان نوان ”رڪارڊ“ ٺاهيا ويندا آهن. اهڙي طرح ڪارڊ جي طاقت تي نوان نوان ”رڪارڊ“ ٺاهيا ويندا آهن. ملڪ ۾ استعمال ٿيندڙ ان ڪار ڊ جيڪي ڪرامتون ڪري ڏيکاريون آهن، تنهن تي ڳالهائڻ لاءِ ڪو به تيار ڪونهي. جنرل ضياءُ الحق ان گروپ جي نرسريءَ جي اوائلي ٻوٽن کي تاتي وڏو ڪيو، ان گروپ کان ٽوٽل لساني ڪم ورتئين. پنهنجي اقتدار جي ڊيگهه واسطي هن ساڻس سمورن ماڻهن سان جهيڙو ڪرايو، ڪراچي شهر، جيڪو پاڪستان جي ”واپاري شهه رڳ“ آهي، تنهن ۾ ايم ڪيو ايم جي هئڻ جو فائدو وٺي کين طاقتور بنايو ويو. اهڙي طرح پهريون ڀيرو جنرل ضياءَ ۽ ايم ڪيو ايم ”ڪراچي ڪارڊ“ کي بنا عنوان جي استعمال ڪيو. هن مهل هو اسلام آباد جي جلسي جي جنرل صاحب کي مبارڪ پيا ڏين ۽ جنرل صاحب وري کين ڪراچي ۾ ڪاميابيءَ جي مبارڪباد پيو ڏئي. ڪنهن ظفر الله خان جمالي کان پڇيو ته، هنن کي سنڌ جي سرڪار ڇو ڏئي ڇڏي اٿوَ؟ تنهن تي اسان جي مهربان وزير اعظم فرمايو هو ته، ”هنن امن امان رکڻ جي گارنٽي ڏني آهي، تنهن ڪري ڪراچي جي سرڪار هنن وٽ آهي.“ 12 مئي تي، مون پنهنجي اکين سان تنهن ڏينهن جلوس جي اڳين گاڏين ۾ هوندي سڀ ڪجهه پنهنجي اڳيان ٿيندي ڏٺو هو. مون جيڪو بيان ڏنو هو ته، ”ايئن پئي لڳو ڄڻ ته هو سڌيون گوليون هلائي پکين جو شڪار ڪندا هجن.“ اهو ڪو سياسي بيان نه هيو، اهو اکين ڏٺو مشاهدو هو. مون پنهنجي سڄي ڄمار ڪنهن به زرينا جي والد کي ايئن مارجندي نه ڏٺو هو. مون اڳي دهشتگردي ٻڌي هئي، انهن جي ستايلن وٽ عذرخواهيون ڪيون هيون، انهن سان ڏکن ۾ شرڪت ڪئي هئي، پر مون بنا ساهي هلندڙ انسان ماريندڙ بندوقون پهريون ڀيرو ڏٺيون هيون. ڀلا، سڀاڻي جيڪا به ڪميشن ويهي، (ضرور اعلان ته ڪندا) ان کي اها جاچ ڪرڻ جي وڌيڪ ڪهڙي گهرج آهي ته بندر روڊ تي ايم ڪيو ايم جي ريلي بدران شاهراههِ فيصل تي ايئرپورٽ ويندڙ ريلي جا ماڻهو قتل ڪيئن ٿيا؟ ڇو ٿيا؟ ڪنهن ڪيا؟ اهو به ٿي سگهي ٿو ته ڪو مفاد پرست ”منٿ ميڙ قافلو“ پيدا ٿئي، جيڪو صحافين کان، مري ويلن جي عزيزن کان، ۽ ميڊيا کان معافي وٺي ڳالهه درگذر ڪري پاڻ مٿان آيل بار ۽ وزن گهٽائي. اهو سمجهيو ته ماريندڙ ۽ منٿ ميڙ جو ڪم ساڳيو آهي. سو سنڌ جي دل، مورڙئي جو ماڳ، عبدالله شاهه غازي، ملير، ڪلفٽن، منگهو پير، اسان جا ٻيٽ، اسان جو عوام، سنڌي، بلوچي، اردو، پنجابي، پشتو ڳالهائڻ وارو عوام خطري ۾ آهي. ڏکڻ ايشيا جي هن ڏاکڻي سامونڊي پٽيءَ جي حفاظت اسان سمورن ماڻهن جو فرض آهي. ان تي ويهي رهڻ، ڪجهه نه ڪرڻ، ڪجهه نه سوچڻ ۽ پنهنجا ٽپڙ تين وال ٿيندو ڏسي، سڀ ڪجهه ”قسمت“ جي چڪرن جي حوالي ڪرڻ جو ٽائيم پورو ٿيو. منهنجي سنڌ جي سمورن اديبن، صحافين، قلم ڌڻين، سياسي ورڪرن، سمورين وطن دوست، سنڌ دوست، عوام دوست ڌرين کي اپيل آهي ته سنڌ مٿان هي سڀ کان نازڪ گهڙي آهي. ترقي ۽ حقن جي نالي ۾، روشن خيالي ۽ ملڪ بچائڻ جي نالي ۾ سنڌ جي دل کي هڪ وڏي شڪار گاهه ۾ بدلائڻ جون ۽ هتان جي عوام کي شڪار ڪرڻ جون ڪوششون ٿي رهيون آهن. منهنجي خواهش آهي ته اهي ڌريون، جيڪي به سنڌ جي دل ڪراچي بچائڻ چاهين ٿيون، اهي گڏ ٿين. اهي گڏجي فصلو ڪن. اهي ملڪ جي ان ڪاروباري مرڪز ۽ سنڌ جي اڪيلي پورٽ کي بچائين. http://www.youtube.com/watch?v=1wzLxaz0Z3c&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=gt4DPf-A9ok&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=uYbeM-rRyuo&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=Y5cQuE2P_yQ&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=NKoeo5G_45s&feature=related
جواب: سنڌ جي دل ڪراچيءَ کي ڪير بچائيندو؟ مهرباني ڀاء سلامت رکج سرڪار ساري هن سنڌ کي اڄ منهنجي نظر سنڌ سلامت جي انهيء جڳهه تي پئي جتي سنڌ سلامت جي انتظاميه هي دعا لکي آهي، ( سلامت رکج سرڪار ساري هن سنڌ کي ) سنڌ سلامت جا دوستو اهيا به حقيقت آهي ته اگر سنڌ آهي ته اسان جو به وجود ۽ سالميت موجود رهندي ورنه الله نه الله نه الله نه ڪري ڪٿي ائين نه پڙهجي ته( هئي ڪا سنڌ ۽ سنڌ وارن جي ٻولي۔) سنڌ سلامت جا دوستو اچو ته گڏجي سڀ انهيء مالڪ کي ٻاڏايون جنهن جي هٿ وس ۾ سڀ ڪجهه آهي، ۽ ان جي حڪم کان سواء هڪ پن به پنهنجي جڳهه تان نه ٿو چري۔ ( اي منهنجا الله اسان سڀني جا گناهه ۽ غلطيون معاف فرماءُ، جيڪي گناهه اسان ڄاڻيون ٿا ۽ جيڪي گناهه اسان نه ٿا ڄاڻيون، اهي سڀ گناهه معاف فرماءُ ۽ اسان جي مٿان تمام مصيبتون ۽ پريشانيون دور فرماءُ، ۽ سنڌ جي غريب ماروئڙن تي پنهنجو رحم ۽ ڪرم فرماءُ۔ ۽ انهن جي مصيبتون، آفتون، بيماريون، سڀ دور فرماءُ۔ يا الله تون ئي حبيب آهين ته تون ئي طبيب آهين، تون ئي درد جي دوا آهين، مرض ڏيڻ وارو به تون آهين ته شفا ڏيڻ وارو به تون آهين، دنيا جا هيلا وسيلا، به تڏهن ئي ڪم جا ٿين ٿا جڏهن تون ٿو انهن کي حڪم ڪرين، بيماري کان شفا به تڏهن ئي ملي ٿي جڏهن ان کي تنهنجو ئي حڪم ٿئي ٿو۔ ( ڦڪيون تڏهن فرق ڪن جڏهن امر ڪرهو ان کي ) يا الله اسان تنهنجي ئي عبادت ڪريون ٿا ۽ تو کان ئي مدد گهرون ٿا۔ يا الله تون وري هن سنڌ جي هر هڪ وسندي، وسندي، ڳوت، ڳوت شهر شهر ۽ پاڙي پاڙي کي آباد فرماءُ، يا الله تون ئي هر شيء کي برباد ڪرڻ وارو ۽ آباد ڪرڻ وارو آهين۔ ( وسندڙ شهر ويران ڪرين وسائين واهڻ شاهه ) يا الله هن سنڌ جي ڌرتي کي هڪ ڀيرو ٻيهر ڪاروبار جو مرڪز بڻاءُ ، يا الله تون هنن تي پنهنجيون اڻ ڳڻيون رحمتون نازل فرماءُ ته جيئن هي سنڌ جا ماروئڙا اڳي کان به هزارين درجه سکارا ٿئي پون، ۽ هن سنڌ جي خوشحالي جو مثال دنيا ۾ ڏنو وڃي۔ ، آمين۔ ثم آمين۔ دارُون ۽ ڪارُون، جان ڪِي ڪيا ويڄَ مون؛ٻُڪِي ڏيندا ٻاجَھ جِي، نِهاري ناڙُون؛جن جون سيڻَ لَهنِ سارُون، تن تان ڏُکندو ڏُور ٿئي. http://www.youtube.com/watch?v=LA0dej_zULQ&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=hpc9_52u4Y0&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=VkEZLj5S1dQ&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=CyDVcOgTlMI&feature=related http://www.youtube.com/watch?v=yGezXO6RrfM&feature=related