ڇا ڪري سگهجي ٿو؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏25 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڇا ڪري سگهجي ٿو؟​

    [​IMG]
    انيتا شاهه

    دنيا جا ڪيترائي ملڪ ۽ قومون قدرتي آفتن کي منهن ڏيندي ڊهنديون ۽ ٺهنديون پيون رهيون آهن، پر اسان جي سنڌ سڳوري ڄڻ ته قدرتي آفتن کان آشنا ئي نه رهي آهي. ويجهي ماضيءَ ۾ ڪجهه ڀيرا درياهه شاهه بادشاهه ڏمريو ۽ ڪجهه ٻوڏون آيون ته انهيءَ جا لنگهه گهڻي ڀاڱي غير آباد علائقن مان هئا، جنهن ڪري سنڌ واسين تي اهي ٻوڏون ائين اثرانداز نه ٿيون، جيئن سن 2010ع جي هيءَ ٻوڏ ٿي آهي. 2001ع ۾ ايل بي او ڊي جي مهربانين سان بدين ضلعو ٻڏو به هئو ته اهو رڳو هڪ ضلعو هئو، سو به ڳتيل آباديءَ وارو نه. سنڌ جا ماڻهو ڄڻ ته اڃا تائين وسهي ئي نه پيا سگهن ته جيڪو ڪجهه اسان ٻين ملڪن ۾ ٿيندو، ٽي وي ۽ اخبارن ۾ ڏسندا رهيا آهيون، سو ڪو سنڌ سان به ٿي سگهي ٿو. جڏهن کان ملڪ ۾ ٻوڏ جي وبا ڦهلي آهي ۽ ٽي وي چينلن ۽ اخبارن جي انهيءَ موضوع تي وٺ وٺان ٿي آهي ته سرڪار ۽ سول سوسائٽي ڪجهه به نه پئي ڪري، تڏهن کان سماج جا گهڻا ڀاڱي باضمير شخص انهيءَ باري ۾ پريشان نظر آيا آهن ته ٻوڏ ۾ ڦاٿل يا ٻوڏ مان نڪري ڪيمپن ۾ آيل ستايلن جي پرگهور ڪهڙي ريت لهجي؟ هڪ اهم سوال اهو به ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته ڪنهن تي ويساهه ڪجي ۽ ڪيئن ڪجي؟ ڇاڪاڻ جو ائين ڪيترائي ڀيرا ٿيندو ڏسڻ ۾ آيو آهي ته جيڪا امداد جن مقصدن جي لاءِ گڏ ٿيندي آهي، سا وري شخصي مفادن تان قربان ٿي ويندي آهي، سو گذريل مهينو کن اسان جي سماج جي باضمير ۽ ذميدار ماڻهن، انهن مونجهارن جي ور چڙهي وڃائي ڇڏيو آهي، پر جيئن ته هاڻي صورتحال ڏکي کان ڏکي ترين ٿي وئي آهي، سو اچو ته ڪجهه سور پچار ڪريون، مصيبت ۾ ڦاٿل ماڻهن جي واهر ڪري سندن حياتيون آسان بڻايون ۽ پنهنجي ضمير تان به ڪجهه بار لاهيون.
    اهو ئي سبب آهي جو ڪنهن جي به پرگهور لهڻ جي لاءِ جيڪو رولو سڀ کان اولو آهي، سو آهي پئسي جو. اهو رولو ائين سولو ٿي سگهي ٿو، جو جيئن ڪراچي ۾ ڪا ويلفيئر ٽرسٽ آهي، جنهن جو نعرو آهي ته رڳو هڪ رپيو جمع ڪرايو، تيئن جيڪڏهن ڦڙي ڦڙي ڪبي ته تلاءُ ٿي پوندو، پر جي گهربو ئي تلاءُ ته پوءِ ڦڙي به ڪا نه گڏ ٿيندي. شروعات جتان به ممڪن ٿي سگهي، اتان ڪرڻ گهرجي، بجاءِ ان جي جو رڳو سوچيندو ئي رهجي وڃجي. اها به صلاح مون هڪ انگريزي اخبار ۾ ڪنهن نظاماڻي صاحب پاران آيل ڏني ته هن سال ۽ ايندڙ سال پاڪستان مان حج تي ويندڙ سمورا پانڌيئڙا پنهنجي سفر جي لاءِ گڏ ڪيل سمورو خرچ ٻوڏ متاثرين جي سهائتا تي خرچ ڪن. ساڳيءَ ريت ٻن مهينن کانپوءِ ايندڙ اضحيٰ واري عيد تي جن جن کي جانور قربان ڪرڻا آهن، اهي جانورن جي خريداري ۽ اضحيٰ تي ايندڙ خرچ جا پئسا ۽ زڪوات جا سڀ پئسا ٻوڏ متاثرين جي سهائتا تي خرچ ڪن. انهيءَ کان سواءِ يونيورسٽين ۽ ڪاليجن جا شاگرد چندو گڏ ڪن ۽ هر سرندي واري جي در ۽ آفيس تائين وڃن. روڊن، بس اسٽاپن، هوٽلن ۽ هر جاءِ تي وڃن ۽ ماڻهن کان هڪ رپيو ئي سهي، پر ڪجهه نه ڪجهه ضرور اوڳاڙين. جيڪي به ملٽي نيشنل ڪمپنيون، آئل ڪمپنيون، موبائيل ڪمپنيون، ڪارپوريشن ۽ واپاري توڙي سرنديءَ وارا اسان جي ماڻهن مان ڪمائين پيا، تن جو فرض آهي ته پنهنجي ڪارپوريٽ سوشل ريسپانسبلٽي محسوس ڪندي گهڻي کان گهڻا پئسا ڏين. اهي ته ٿيا پئسا، پر ماڻهن کي گهرجي ته هو هر قسم جي سهائتا ڪن، عورتون ۽ مرد پنهنجي استعمال ۾ نه ايندڙ ڪپڙا، جوتا، ٽوال، رليون، چادرون، ٻارن جا ڪپڙا، رلڪا، وهاڻا ۽ اهڙي قسم جون شيون ڏيئي سگهن ٿا، جن جي ڪيمپن ۾ گهرج آهي. انهيءَ کانسواءِ ماڻهو توا، ديڳڙيون، پليٽون، گلاس ۽ ٻيا ٿانوَ به امداد ۾ ڏئي سگهن ٿا. پاڻيءَ جي صاف نه هجڻ ڪري پنهنجن گهرن ۾ رهندڙ ماڻهو ئي انيڪ بيمارين جو شڪار ٿين ٿا، سو اهو تصور ڪري سگهجي ٿو ته ڪيمپن ۾ ڦهليل گندگي ۽ گندي پاڻي واپرائڻ سان ماڻهن ۽ ٻارڙن جو ڪهڙو حشر ٿيندو. ماڻهن کي گهرجي ته هو خالي صاف بوتلون به امداد طور گڏ ڪرائين ڇاڪاڻ ته ٻوڏ ستايلن جو سڀ کان وڏو مسئلو صاف پاڻي آهي. تنهن ڪري اهو ڪم رضاڪار بنياد تي ائين ٿيڻ گهرجي، جو سرڪار پاران شهرن ۾ لڳل پيئڻ جي صاف پاڻيءَ جي فلٽر پلانٽن تان يا رضاڪارن جي گهرن مان اوٻاريل صاف پاڻيءَ جون بوتلون ڪيمپن تائين پهچائڻ گهرجن. صاف پاڻي واپرائڻ سان ٻوڏ ستايلن جي بيمار ٿيڻ جو خدشو پنجاهه سيڪڙو گهٽجي سگهي ٿو. اهي ڊاڪٽر جن سالن جا سال پنهنجي پرائيوٽ اسپتالن مان لک ۽ ڪروڙ ڪمايا آهن، انهن سان سماج جي حساب ڪتاب جو وقت اچي ويو آهي. ميڊيا کي انهن سڀني ڊاڪٽرن جا ڪچا چٺا پڌرا ڪرڻ گهرجن، جيڪي هن هيڏي مصيبت ۾ به سماج ڏانهن پنهنجي ڪا ذميواري محسوس نٿا ڪن. هينئر سنڌ جي ٻوڏ متاثرن کي ڊاڪٽرن ۽ رضاڪارن جي جيتري گهرج آهي، ايتري شايد ماضي ۾ ڪڏهن به ڪانه رهي هوندي. سنڌ جا ڊاڪٽر جيڪي صبح جو سرڪاري اسپتال ۾ ايندڙ ڪنهن به مريض جو فضيلت سان علاج ڪرڻ بدران کين اٿندي ئي شام جو سندن پرائيوٽ ڪلينڪ تي اچڻ جي صلاح ڏيندا آهن، کين گهرجي ته هو ڪجهه ڏينهن جي لاءِ پنهنجي مسيحائي ڌنڌي کي واقعي به مسيحائي بڻائين.
    سنڌ جي يونيورسٽين ۽ ڪاليجن کي به هن مصيبت ۾ قوم جو ڀرجهلو ٿيڻ جي لاءِ آڏو اچڻو پندو. ٻوڏ متاثرن جي واهر جي لاءِ سنڌ جون يونيورسٽيون ۽ ڪاليج رضاڪارن جون فيڪٽريون ثابت ٿي سگهن ٿيون. آمريڪا ۾ يونيورسٽيءَ جي شاگردن کان ڪٿي به رضاڪاري ڪم ڪرائڻو هوندو آهي ته کين انهيءَ جي صلي ۾ هڪ اسائنمينٽ جيتريون مارڪون ڏنيون وينديون آهن، ڇو نه سنڌ جون يونيورسٽيون به هينئر ائين ئي ڪن ۽ سنڌ کي هن مصيبت مان ٻاهر ڪڍڻ جي ذميواري محسوس ڪندي پنهنجن هزارين شاگردن جون ٽيمون ٺاهي هڪ هڪ هفتي جي لاءِ مٿن مختلف ذميواريون رکي کين ڪيمپن تي مقرر ڪن. انهيءَ سان ڪيمپن ۾ بي سهارا ۽ بي يار و مددگار مردن، عورتن ۽ ٻارن جي سنڀال ٿي پوندي ته گڏوگڏ شاگردن کي به سماج ڏانهن پنهنجي ذميواري ۽ فرض نڀائڻ جو احساس ٿيڻ سان گڏوگڏ زندگيءَ جي ڪڙين حقيقتن کي ويجهڙائي کان ڏسڻ جو موقعو ملي پوندو. ڪيمپن ۾ ڪوشش اها ڪرڻ گهرجي ته ڪا به شيءِ ورهائڻ مهل وڌ کان وڌ رضاڪار موجود هجن ته جيئن يا ته هر شخص کي پنهنجي جاءِ تي ويٺي ئي هر شيءِ ملي يا وري لائينون ٺاهي پوءِ هر شيءِ ورهائجي ته جيئن ٻوڏ متاثرن کي فضيلت ۽ عزت سان هر شيءِ ملي سگهي.
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڇا ڪري سگهجي ٿو؟

    ادا ڪوششون هلن ٿيون بس ڇا ڪجي ڪجھ ڪامورا ڪرپٽ آهن
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڇا ڪري سگهجي ٿو؟

    مهرباني ڀاء
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو