مارشل لا جي ٻوڏ بمقابلا پاڻيءَ جي ٻوڏ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏25 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    مارشل لا جي ٻوڏ بمقابلا پاڻيءَ جي ٻوڏ​


    جاويد قاضي

    ملڪ ۾ افراتفري جو عالم آهي. سيالڪوٽ ۾ ٻن ڀائرن کي مارڻ جو منظر ۽ پوليس خاموش تماشائي وانگي اهو سڀ ڪجهه ڏسي رهي آهي. وانا م 32 ڄڻا خودڪش حملي ۾ مارجي ويا. ڪراچيءَ ۾ ايم اين اي جو ڀاءُ مارجي ويو. هوڏانهن ٽوڙي بند کان هڪ نئون درياهه اڃان هلي پيو. هزارين ڳوٺ ٻڏي ويا. لکين مال مويشي مري ويا، لکين ايڪڙن تي بيٺل فصلَ ٻڏي ويا. درياهه جو وهڪرو اهو ئي برقرار، مٿان اڃان برساتن جو امڪان. هوڏانهن الطاف حسين ٿو چئي ته ”مارشل لا هڻون.“ اها صورتحال ۽ اهو ماحول اهڙو سياسي منظر جوڙي ٿي جنهن سان اهو چئي سگهجي ٿو ته جيڪڏهن اهو مڃجي به ته ايئن ئي ٿيندو ڇو جو هڪڙي سياسي پارٽيءَ فوج کي دعوت ڏني آهي ته ٻئي پاسي بزرگ سياستدان پير سائين پاڳاري به هام ڀري آهي. ماضي به ٻڌائي ٿو ته فوج اهڙيون حالتون ڏسي اهڙين دعوتن کي هميشه قبول به ڪيو آهي.
    هڪ طرف سول جنگ جا طبل وڄي چڪا آهن. طالبان کان وٺي القائده ۽ ٻيا ڪيترائي جهادي رياست تي قبضو ڪرڻ لاءِ آتا ويٺا آهن. هوڏانهن بلوچستان ۾ آزادي جي جنگ هِيڏانهن سنڌ ۾ آيل ٻوڏ کانپوءِ جڏهن سنڌين جا زخم ٿورا سڪندا تنهن کانپوءِ ڏسڻو آهي ته صورتحال ڪهڙو رخ اختيار ڪري ٿي. خود سرائيڪي بيلٽ ۾ آيل تباهه ڪاريون اڳ ۾ ئي اُتي موجود بک،افلاس ۽ مذهبي انتهاپسنديءَ واري انفراسٽرڪچر کي آڪسيجن ڏينديون. ته خود اتي ڌار صوبي واري تحريڪ کي پڻ تيز ڪنديون. غور سان ڏسجي ته خبر پوندي ته بنگال جي ڌار ٿيڻ اڳ ۾ 1970 ڌاري زبردست ٻوڏون آيون هيون. لنڊن مان نڪرندڙ رسالو Economist لکي ٿو ته پوءِ ٿيو ڇا؟ ان کي اولهه پاڪستان ۾ موجود فوجي قيادت نظر انداز ڪيو ۽ پوءِ 1971 ۾ بنگال اسان کان ڌار ٿي ويو. طالبان ڪنهن پيدا ڪيا؟ هڪ فوجي جنرل، هن ملڪ اندر مذهبي انتهاپرستي ڪنهن پيدا ڪئي؟ هن سسٽم کي جيڪو هاڻ بنهه ڌپ ڪري ويو آهي تنهن کي ان حال تائين ڪنهن آندو؟ اهي فوجي حڪومتون ئي هيون جن بلوچستان کي هن حال تائين آندو آهي. خود متحده جو وجود سواليه نشان آهي.
    امريڪا جو هڪڙو اشارو ئي ڪافي آهي. فوج اقتدار تي قبضو ڪندي دير نه ڪندي. جڏهن ته امريڪا جي جمهوريت سان Strategic Partnership جُڙي چڪي آهي. الطاف حسين کي ته اها خبر آهي الائي نه ته دنيا ۽ امريڪا سمجهي ٿي ته هي پاڪستان فوجي آمريتن جي تسلسل جو نتيجو آهي. دنيا جو آدمشماريءَ جي حساب سان پاڪستان ڇهون وڏو ملڪ آهي ۽ هتي هلندڙ اسلامي تحريڪن کي دنيا پنهنجي سيڪيورٽيءَ لاءِ وڏو مسئلو سمجهي ٿي. هنن جو جنرل مشرف کان وڏو ٻيو ڪو يار نه هو پر هن جي دور ۾ جيتري انتهاپرستي وڌي اوتري انهن جي باني جي دور ۾ يعنيٰ جنرل ضياءُ الحق جي دور ۾ به ڪانه وڌي هئي. جنرل مشرف اندران پاڻ طالبان سان مليل هو. سندس دور ۾انتها پسندي واري شورش گهٽجڻ بدران لال مسجد ۾ ٿيل آپريشن يا بگٽيءَ کي بم سان اڏائڻ وارن ڪمن سان اُها اڃان وڌي وئي. ان جو هڪ سبب اهو به هو ته هن وٽ مينڊيٽ ڪونه هو. يعني هو عوام جو چونڊيل ڪونه هو.
    دنيا پاڪستان جي تيزي سان وڌندڙ سول وار واري صورت حال کان انتهائي پريشان آهي. هوڏانهن زرداريءَ واري سول حڪومت به ڪا تبديلي آڻڻ جي حوالي سان ڪو ارادو نه ٿي ڏيکاري اڃا به اها ان سسٽم جو حصو بڻجي اسٽيٽسڪو برقرار رکيو ويٺي آهي. ان ۾ به ڪو شڪ ناهي 1990 کان وٺي جيڪي به اڍائي اڍائي سالن وارا سويلين دور آيا جن کي Quasi democracy به چئي سگهجي ٿو، انهن ۾ زرداري صاحب واري دور ڪجهه قدر ڪم ڪيو آهي. آئين جا سڌارا هجن يا اين ايف سي ايوارڊ هجي. پر طالبان جي حوالي سان ڪا خاص اڳڀرائي ناهي ٿي سگهي. پنجاب جي حڪومت ته طالبانن سان ڳجهي انداز ۾ ٺهيل آهي خيبر پختون خواهه جي حڪومت انهن سان وڙهي ته پئي پر ان ۾ اوتري طاقت موجود ناهي.
    اسان کي اهو ڪڏهن به نه وسارڻ گهرجي ته چار ماڻهون ٻاهر کان پاڪستان جي هن عمل کي ڏسن به پيا ته اثرانداز به ٿين پيا. هڪڙو آهي هالبروڪ جنهن کي جيڪڏهن ”وائيس راءِ“ چئجي ته غلط نه هوندو. ٻيو آهي امريڪا جي فوج جو سربراهه پيٽرياس جيڪو جنرل ڪيانيءَ سان مسلسل رابطي ۾ رهي ٿو ۽ ٽين آهي هيلري ڪلنٽن جيڪا حڪومت سان ۽ زرداري صاحب سان رابطي ۾ آهي. ۽ چوٿين آهي امريڪن سفير. اهو ته سوشل سائنسز جو سوال آهي ته ڇا ڪرپشن هڪدم ختم ڪري سگهجي ٿي؟ ڇا جمهوريت هڪ رات ۾ اچي سگهي ٿي؟ چوندا آهن ته بدترين جمهوريت به بهترين آمريت کان بهتر آهي. ڇو جو آمر کي هٽائڻ جو حق عوام وٽ نه هوندو آهي جڏهن ته جمهوريت ۾ حڪومت بدلائڻ جو حق عوام وٽ هوندو آهي. آمريتون پنهنجا ڇاڙتا پيدا ڪنديون آهن ۽ انهن جي ذريعي جمهوري تحريڪن کي چٿينديون آهن ۽ ارتقا جي عمل کي سست ڪنديون آهن. نتيجي ۾ بي ضمير ماڻهون وڌي ويندا آهن، منافقتون وڌي وينديون آهن. دلاليون ۽ ٺيڪيداريون وڌي وينديون آهن. ڪميشنن تي ڪم ٿيندا آهن نه ڪي ميرٽ تي. غور سان ڏسجي ته مشرف جي ۽ زرداري صاحب جي دور واري ان سسٽم جو ڪلچر يعنيٰ بيڊ گورننس ساڳي آهي. ان ۾ رتي به تبديلي ناهي آئي. جڏهن ته ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ان سسٽم کي ختم ڪرڻ وارو mandate جيڪڏهن Jurisprudence جي اک سان ڏسجي ته اهو زرداري صاحب کي ناهي مليل. مثال طور ڀٽو صاحب جڏهن آئين ڏنو تڏهن ملڪ ٻه اڌ ٿي پيو هو ۽ ان اسيمبليءَ کي آئين ڏيڻ جو مينڊيٽ هو. ويندي ڀٽو صاحب سڀني کي On board کنيو جو جماعت اسلامي جي چوڻ تي به آئين ۾ ڪجهه شيون آندائين ته جيئن Consensus document ٺهي سگهي. جو انکي ٽوڙڻ ڪنهن به فوجيءَ لاءِ ايترو آسان نه هجي. ايئن سمجهو ته ذوالفقار علي ڀٽو هڪڙي انقلابي دور ۾ آيو. ملڪ ٽٽڻ کي انقلابي ئي چئي سگهجي ٿو. 1971 جي جنگ ۾ آيل شڪست سڄو نقشو تبديل ڪري ڇڏيو هو. اصل ۾ اها سياستدانن جي نالائقي ئي هئي جنهن جو فائدو ورتو فوجين ۽ پوءِ جنهن طريقي سان پاڪستان کي فوج هلايو ان ملڪ کي ٻه اڌ ڪري ڇڏيو. پاڪستان جي پهرين 25 سالن جي سياسي بي چينين 1971 ۾ ملڪ ۾ انقلاب برپا ڪري ڇڏيو.
    ان کانپوءِ 1977 ۾ لڳل جمهوريت تي وار کي اڄ 33 سال ٿيا آهن. اڄ وري ملڪ ۾ انقلابي صورتحال جنم وٺي رهي آهي. غور سان ڏسبو ته پاڻ جنهن کي سول وار چئون ٿا ان کي انقلابي به چئي سگهجي ٿو. ايران جي شهنشاهي زماني ۾ ان جي ڪرپشن ايران کي سول وار ڏني جنهن کي انقلاب چيو ويو ۽ ان تي مُلا قبضو ڪري ويهي رهيا. اسان جي آزاد عدليه واري تحريڪ تي به مُلا قبضو ڪري ويهي رهيا. يا ايئن چئجي ته ساڄي ڌر جو ان تي مجموعي طور غلبو رهيو.
    ڏسڻو اهو آهي ته پاڪستان جي اندر هيءَ بدترين ڪرپشن جنهن جو حل مارشل لا وٽ ته بنهه ڪونهي، پر هي سويلين دور به ڪجهه ناهي ڪري سگهيو اهو هن ملڪ ۾ جيڪا خانه جنگي آڻي پيو اها ڪهڙي انقلابي صورتحال وٺندي، ڇا طالبان ڪامياب ٿيندا يا جمهوريت جو عمل جاري رهندو، فوج ۽ امريڪا جمهوريت سان سلهاڙجي گڏ بيهندا ۽ پوءِ ان عمل ۾ هي ڪرپٽ حڪمران هجن يا نوازشريف وارا ڪرپٽ حڪمران هجن، ڪامورا شاهي هجي يا ساڄي ڌر جي موقعي پرست ميڊيا هجي، مذهبي انتهاپرستي هجي يا ٻيو ڪجهه سڀ ان جمهوري عمل ۾ پنهنجي موت پاڻ مرندا ۽ پاڪستان ويلفيئر رياست جي حوالي سان دنيا ۾ ڄاتو ۽ سڃاتو ويندو. هن ملڪ ۾ Plurality ۽ سيڪيولر قدر، اهنساءِ ۽ امن جنم وٺندو.
    پاڪستان ان ٻه واٽي تي بيٺو آهي جِت مارشل لا جي ڳالهه ڪندڙ دراصل ملڪ کي هڪ اوڙاهه ۾ ڦٽي ڪرڻ جو سوچي رهيا آهن. ته ٻئي طرف حڪمرانن اڃان به هوش کان ڪم نه ورتو ۽ گڊ گورننس کي پنهنجي ايجنڊا جو اهم نقطو نه بڻايو ته پوءِ يقينن ڪرپٽ ڪامورا شاهي. پي پي پي کي گهر ڀيڙو ڪرائندي جو وري هيل پي پي اهو ڌڪ به نه پچائي سگهندي ۽ ٽڪرا ٽڪرا ٿي وکري پوندي جنهن ۾ وري نقصان پاڪستان ۾ لبرل طاقتن جو ٿيندو ۽ جيڪڏهن هي ملڪ نه هلي سگهندو ته دنيا جي قيادت هن ملڪ کي ٽڪرن ۾ ٽوڙڻ تي مجبور ٿي ويندي ۽ ان سان خود هڪ حوالي سان نقصان انهن جو به ٿيندو جيڪي اسلامي ملڪ ۾ ايٽم بم ڏسڻ چاهين ٿا. پر هنن کي اها خبر ناهي ته پاڪستان ايٽم بم جو وڏي ۾ وڏو ضامن خود جمهوري عمل آهي.
    هرڪو پنهنجي آزادي بچائڻ جي چڪر ۾ آهي. جڏهن ته جيڪب آباد ۾ رهندڙ اهي قبيلا جن هڪٻئي جا سوين خون ڪيا انهن جون عورتون ڪيمپن اندر هڪڙي ٿالهه ۾ اڄ ماني کائڻ تي مجبور آهن. سردارن جي خواهش آهي ته هيل جيڪب آباد يا اتر جيڪڏهن بحال به ڪري ڏيو ته پوءِ اتي ايئن وري آڻجو جيئن هو. يعنيٰ ساڳيا جرڳا، ساڳيا ڌاڙا، ساڳيون ڪارو ڪاريون، ساڳيا گوسڙو استاد، ساڳيو اسپتالن کي لڳل تالو.
    الطاف حسين به چئي ٿو ته منهنجي بادشاهت قائم رهي. اي اين پي وري ساڳيو ڪم ڪراچيءَ ۾ پٺاڻن سان ڪيو آهي، جيڪو شڪارپور ۾ مهر ۽ جتوئي سردارن پنهنجي برادريءَ سان ڪيو آهي. ساڳيو ڪم نوازشريف ۽ زرداريءَ به ڪيو آهي. جڏهن ته سسٽم ڌپ ڪري ويو آهي هيل جيڪڏهن هي سسٽم نه بيٺو ته پوءِ ڪوءِ به نه بيهندو ويندي ويچاري فوج به ڪانه بيهي سگهندي.
     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: مارشل لا جي ٻوڏ بمقابلا پاڻيءَ جي ٻوڏ

    ادا بهترين ونڊ آهي۔۔۔۔۔
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: مارشل لا جي ٻوڏ بمقابلا پاڻيءَ جي ٻوڏ

    مهرباني ڀاء
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: مارشل لا جي ٻوڏ بمقابلا پاڻيءَ جي ٻوڏ

    الطاف حسين کي پنهنجي بادشاهي يا غنڊه راج خطري ۾ ٿي ڏسجي۔۔۔ ان ڪري فوج کي دعوت پيو ڏئي، هڪ پاسي اي اين پي ٻئي پاسي سنڌي قومپرست، ٽئين پاسي ذوالفقار مرزا جا بدلجندڙ ارادا۔۔۔ ان کي خطري جو گهنڊ سمجهي ئي الطاف اهو قدم کنيو آهي۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو