• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا عنوان ڏيندو هن تصوير کي۔۔؟

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
جڏهن نيٽ گردي ڪندي هڪ اخبار ۾ موجود هن تصوير تي نظر پئي ته دل سڪتي ۾ اچي وئي۔۔۔ اسان ته پاڻ آرام سان ويٺا آهيون پر مختلف علائقن ۾ ٻوڏ ستايلن سان جيڪا حالت آهي، هي ان جي ننڍڙي عڪاسي آهي۔۔ ماڻهو صرف هڪ ويلي جي پيٽ گذر لاءِ ڪيڏو نه پريشان آهن، ان جو اندازو توهان هن تصوير مان لڳائي سگهو ٿا۔ هي شخص به پنهنجي زندگيءَ جو فڪر نه ڪندي بس اهي مانيءَ جا ٻه ڳڀا بچائي پنهنجي ٻچڙن يا مائٽن تائين پهچائڻ چاهي ٿو۔۔۔
ڇا نانءُ‌ ڏيندو اوهان هن تصوير کي۔۔۔
 
جواب: ڇا عنوان ڏيندو هن تصوير کي۔۔؟

سائين بس الله رحم ڪري۔۔۔۔۔۔۔۔باقي هن تصوير کي اسان جو ننڍو ذهين ڪو عنوان نه ٿو ڏئي سگهي۔
 
جواب: ڇا عنوان ڏيندو هن تصوير کي۔۔؟

هِنَ پارِ، نه هُنَّ، ويچارِي وَهَ وِچَ ۾!


لطيف سرڪار فرمائي ٿو ؛

هِنَ پارِ، نه هُنَّ، ويچارِي وَهَ وِچَ ۾!
نِيڇُ نِهاري نه گِھڙِي، تنهن ۾ پيس تُنَّ؛
اَلله! ساڻُ اَمُنَّ، آران ڪنهن اُڪارِئين

يا وري ؛

ساهَڙ ڄامَ! سَتارَ! سِگھو رَسجِ سِيرَ ۾.

لطيف سرڪار فرمائي ٿو


دَهشَتَ دَمَّ دَرياهَ ۾، جِتِ سَٽاڻا سيسارَ؛
بيحَدِ باڳُو بَحرَ ۾، هيبَتَناڪِ هَزارَ؛
سارِيان ڪانَ سَرِيرَ ۾، طاقَتَ توهان ڌارَ؛
ساهَڙ ڄامَ! سَتارَ! سِگھو رَسجِ سِيرَ ۾.
 
Back
Top