ٻڏي ويل ڳوٺ سان، ڪي ئي خواب ٻڏا ( ادل سومرو )
لٿا درياهه شاهه جا، هر هنڌ جل جٿا
نئين درد ڪٿا، شاعرن لکي سنڌ جي
پاڻي لوڙهي آ ڇڏي، پونجي ۽ ميڙي
اڪيلي ٻيڙي، ماڻهن کي ڳولي پئي
ٻڏي ويل ڳوٺ سان، ڪي ئي خواب ٻڏا
ٿي وئي ڪا وڌوا، ڪنهن کان پريتم دور ٿيو
ٻڏي ويل وڻ تي، پکي ويٺا ها
انهن جا ٻچا، آکيري ۾ ننڊ هئا
آيو ان جي آجيان لئه، مندر مان ڀڳوان
سنڌو ٿيو مهمان، آهي ساڌوءَ ٻيلي ۾
ڪچن ٿانون سان ٻڏو، پوڙهو ڪالهه ڪنڀار
ڪارو ڪارونڀار، ڇانيو هن جي ڪُڙم تي
ماڻهن جا ڳوڙها ۽ سنڌوءَ جو پاڻي
نئين آکاڻي، لکجي پئي اتهاس ۾
ڏسي ماڻهو ڪيمپ ۾، روئي ٿو رمضان*
بيوسو انسان، ٿيو آ پنهنجي ديس ۾
درياهه کان ڌرتيءَ کي، مليل ڏسي گهاءُ
پنهنجو مون سوداءُ، پاسي تي رکي ڇڏيو
ڳوٺ مٿان جهاز کي، ڏسي ڊوڙيا ٻار
امدادي- آڌار، ٻه ٽي ڪريون ڳوٿريون
ڳوڙها پنبڙين ۾ هئا، ڌنڌلو پس منظر
دري نه ڪائي در، سارو گهر ٻڏي ويو
لاکن جي دڙي جيان، منهنجي بستي ٿي
هر شيءِ وئي اجڙي، ٺڪر، ڀتر ئي بچيا.
لٿا درياهه شاهه جا، هر هنڌ جل جٿا
نئين درد ڪٿا، شاعرن لکي سنڌ جي
پاڻي لوڙهي آ ڇڏي، پونجي ۽ ميڙي
اڪيلي ٻيڙي، ماڻهن کي ڳولي پئي
ٻڏي ويل ڳوٺ سان، ڪي ئي خواب ٻڏا
ٿي وئي ڪا وڌوا، ڪنهن کان پريتم دور ٿيو
ٻڏي ويل وڻ تي، پکي ويٺا ها
انهن جا ٻچا، آکيري ۾ ننڊ هئا
آيو ان جي آجيان لئه، مندر مان ڀڳوان
سنڌو ٿيو مهمان، آهي ساڌوءَ ٻيلي ۾
ڪچن ٿانون سان ٻڏو، پوڙهو ڪالهه ڪنڀار
ڪارو ڪارونڀار، ڇانيو هن جي ڪُڙم تي
ماڻهن جا ڳوڙها ۽ سنڌوءَ جو پاڻي
نئين آکاڻي، لکجي پئي اتهاس ۾
ڏسي ماڻهو ڪيمپ ۾، روئي ٿو رمضان*
بيوسو انسان، ٿيو آ پنهنجي ديس ۾
درياهه کان ڌرتيءَ کي، مليل ڏسي گهاءُ
پنهنجو مون سوداءُ، پاسي تي رکي ڇڏيو
ڳوٺ مٿان جهاز کي، ڏسي ڊوڙيا ٻار
امدادي- آڌار، ٻه ٽي ڪريون ڳوٿريون
ڳوڙها پنبڙين ۾ هئا، ڌنڌلو پس منظر
دري نه ڪائي در، سارو گهر ٻڏي ويو
لاکن جي دڙي جيان، منهنجي بستي ٿي
هر شيءِ وئي اجڙي، ٺڪر، ڀتر ئي بچيا.