آئون ٽي وي تي ڪيئن لڳندو آهيان؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏25 آگسٽ 2010۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    [​IMG]

    انصار عباسي


    قوم جي حيثيت سان هن وقت اسين بدترين ٻوڏ جهڙي عذاب جو منهن ڏسي رهيا آهيون پر اسين پهريان وانگر ڏنگا، بي ايمان، بيدرد ۽ ظالم آهيون. ائين محسوس ٿيندو آهي ڄڻ ته اسين تباهي جي ماڳ تي هلي رهيا آهيون. نه تاريخ مان سبق پرائيندا آهيون ۽ نه ئي ڪنهن ڳالهه جي بنيادي سبب تي غور ڪرڻ لاءِ تيار آهيون جيڪي ماضي ۾ قومن جي بربادي جو ڪارڻ بڻجي ويا. اسين سڀ ڪجهه معلوم هجڻ باوجود سُڌرڻ لاءِ تيار ناهيون. هڪ اهڙي وقت جڏهن ته اسانکي ڌڻي سڳوري کان پنهنجي گناهن جي معافي گهرڻ سان گڏوگڏ پنهنجو ذاتي ۽ گڏيل رويو تبديل ڪرڻ گهرجي ته جيئن اسان مٿان اڻکُٽ قدرتي آفتن جو سلسلو بند ٿي وڃي. پر اسين وڌيڪ ظالم، بيدرد وحشي ۽ بي رحم بڻجي ڪري ظاهر ٿي رهيا آهيون.

    ٻوڏ جي نتيجي ۾ ٿيل تباهين باوجود ڪهڙي طرح وحشين وانگر پوليس ۽ عوام جي موجودگي ۾ 2 نوجوان ڀائرن کي سيالڪوٽ ۾ ڏنڊن سان تشدد ڪري قتل ڪيو ويو. انهن مٿان قتل يا ڌاڙي جو الزام هو پر بنا عدالت ۾ پيش ڪرڻ جي ڪنهن به شخص کي سزا ٻڌائڻ کانپوءِ قتل ڪرڻ انسانيت آهي. هتي پوليس پڻ موجود هئي پر پوليس ڪجهه نه ڪري سگهي. واقعي واري هنڌ موجود ماڻهو ڪيڏو اذيتناڪ منظر چپ ڪري ڏسندا رهيا، ٻنهيءَ ڀائرن کي بيدردي سان قتل ٿيندي ڏسندا رهيا. سڀ جانور بڻجي ويا ۽ بي شرمي سان حيوانيت جو تماشو ڏسندا رهيا. هن موت واري راند جو مقصد ڇا هو يا وري ٻنهيءَ نوجوان ڀائرن مٿان مڙهيل الزام ڪيترا سنگين هئا پر جيڪو ڪجهه سيالڪوٽ ۾ ٿيو اُهو برداشت ڪرڻ جوڳو ناهي. پر افسوس آهي ته هن واقعي خلاف پنجاب حڪومت، انتظاميا ۽ پوليس چپ آهن. ڌڻي سڳورو چيف جسٽس افتخار محمد چوڌري کي سدائين آباد رکي جنهن ٻنهيءَ مظلوم ڀائرن مٿان ٿيل ظلم خلاف سوموٽو نوٽيس ورتو ۽ سڀنيءَ ذميوارن جي خلاف ترت ڪارروائي جو حڪم ٻڌايو پر ڇا اِهو سچ ناهي ته جن معاشرن ۾ اهڙا واقعا ٿيندا هو قدرتي عذاب ۽ آفتن کان ڪيئن بچي سگهن ٿا.

    انهيءَ رمضان جي مهيني ۾ آيل ٻوڏ سان ٿيل تباهين باوجود 14 آگسٽ واري ڏينهن لاهور کان ڪوئيٽا ويندڙ هڪ بس کي بولان جي ويجهو ڪجهه هٿياربندن بيهاريو. سڀنيءَ مسافرن جا سڃاڻپ ڪارڊ چيڪ ڪيا ويا ۽ بس ۾ موجود 15 پنجابين کي ٻاهر نڪرڻ لاءِ چيو ويو. کين روڊ جي ڀرسان بيهاري بيدردي سان گوليون هنيون ويون. ٻي ڏينهن اخبار ۾ هن واقعي جي هڪ خبر شايع ٿي پر هن مسئلي بابت حڪومت ايڪشن نه کنيو نه ئي گهرو وزير انڪوائري ڪرڻ جو اعلان ڪيو. بلوچستان حڪومت ته هونئن به پنهنجون ذميواريون وساري ڇڏيون آهن. 14 آگسٽ واري ڏينهن 6 نوجوانن کي ڪوئيٽا ۾ قتل ڪيو ويو. انهن نوجوانن جو اِهو ڏوهه آهي ته هو آبادگار هئا ۽ سندن تعلق پنجاب سان هو. پر هن واقعي بابت سرڪار کي ندامت ناهي. نه انڪوائري جو حڪم جاري ڪيو ويو نه ئي ڪنهن کي گرفتار ڪيو ويو. ساڳئي بيدردي جيڪا پهريان به هئي هينئر به آهي. ڇا هن بيدردي سان ڪا به قوم زنده رهي سگهي ٿي.

    انهيءَ رمضان جي مقدس ۽ برڪت واري مهيني ۾ تازين ٻوڏن سان ٿيل تباهين باوجود ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي نالي تي معصوم ماڻهن جي قتلام جو بازار گرم هو. هن ظلم جي روڪٿام لاءِ هينئر تائين ڪو اُپاءُ ناهي ورتو ويو. حڪومت، ايم ڪيو ايم، اي اين پي سڀئي پنهنجن مفادن جي سياست ۾ رڌل آهن جڏهن ته عوام کي ظالم قاتلن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، متحده ۽ اي اين پي هڪ ٻي مٿان الزام هڻڻ ۾ مصروف آهن. پوليس بيوس آهي يا وري قاتلن سان مليل آهي انڪري ڪو به ٽارگيٽ ڪلر گرفتار ناهي ٿي سگهيو. حڪومت نالي جي ڪنهن به شئي جو عملي طور تي وجود ناهي. ڪوئيٽا بلوچستان وانگر هينئر تائين ڪراچي ۾ سوين معصومن کي صرف ٻولي جي بنياد تي قتل ڪيو ويو آهي پر نه ڪو قاتل گرفتار ٿي سگهيو آهي نه ئي پلاننگ ڪندڙ شخص. نيٺ اِهو سلسلو ڪيستائين دنگ ڪندو ۽ مظلوم ماڻهن جو رت ڪيستائين وهايو ويندو. حڪمران پارٽي سميت سموريون پارٽيون ملڪ ۾ جاري رتوڇاڻ بابت چپ آهن پر ايترو ڪجهه ٿيڻ کانپوءِ قدرت چپ رهي سگهي ٿي.

    انهيءَ رمضان جي مقدس ۽ برڪت واري مهيني ۾ تازين ٻوڏن سان ٿيل تباهين باوجود ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ جي نالي تي معصوم ماڻهن جي قتلام جو بازار گرم هو. هن ظلم جي روڪٿام لاءِ هينئر تائين ڪو اُپاءُ ناهي ورتو ويو. حڪومت، ايم ڪيو ايم، اي اين پي سڀئي پنهنجن مفادن جي سياست ۾ رڌل آهن جڏهن ته عوام کي ظالم قاتلن جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي، متحده ۽ اي اين پي هڪ ٻي مٿان الزام هڻڻ ۾ مصروف آهن. پوليس بيوس آهي يا وري قاتلن سان مليل آهي انڪري ڪو به ٽارگيٽ ڪلر گرفتار ناهي ٿي سگهيو. حڪومت نالي جي ڪنهن به شئي جو عملي طور تي وجود ناهي. ڪوئيٽا بلوچستان وانگر هينئر تائين ڪراچي ۾ سوين معصومن کي صرف ٻولي جي بنياد تي قتل ڪيو ويو آهي پر نه ڪو قاتل گرفتار ٿي سگهيو آهي نه ئي پلاننگ ڪندڙ شخص. نيٺ اِهو سلسلو ڪيستائين دنگ ڪندو ۽ مظلوم ماڻهن جو رت ڪيستائين وهايو ويندو. حڪمران پارٽي سميت سموريون پارٽيون ملڪ ۾ جاري رتوڇاڻ بابت چپ آهن پر ايترو ڪجهه ٿيڻ کانپوءِ قدرت چپ رهي سگهي ٿي.

    انهيءَ رمضان جي مهيني ۾ ٻوڏ ستايل سنڌ واسين کي ڪيڏي دليري ۽ بي شرمي سان چور ۽ ڌاڙيل ڦري رهيا آهن. عورتن کان ڳهه ۽ لڏپلاڻ ڪندڙ ماڻهن کان سندن ڍور ڍڳا کسيا پيا وڃن. اِهو سڀ ڪجهه سنڌ جي ٻوڏ متاثر علائقن ۾ ٿي رهيو آهي پر هتي به حڪومت نالي ڪا شئي موجود ناهي. پوليس پنهنجو بچاءُ نٿي ڪري سگهي ته هو دربدر ماڻهن جو بچاءُ ڪيئن ڪري سگهندي. پاڻ کي بدمعاش سڏائيندڙ سنڌ جي گهرو وزير ڊاڪٽر ذوالفقار مرزا جي بدمعاشي اندرون سنڌ جي ڌاڙيلن جي خلاف نه هجڻ برابر ثابت ٿي آهي جنهن جو مثال اسين روزانو ڪراچي ۾ ڏسندا آهيون. ٻين صوبن ۾ ٻوڏ سان متاثر ٿيل علائقن ۾ چوري جون وارداتون ظاهر ٿيون آهن. ڇا اِهو سڀ ڪجهه ڏسي ڪري ظاهر نه ٿيندو آهي ته اسانجي معاشري مان انسانيت ڪيتري تيزي سان ختم ٿي رهي آهي.
    ڇا سمورا واقعا ۽ وارداتون اِها حقيقت ثابت نه ڪنديون آهن ته هڪ قوم جي حيثيت سان اسين تباهي ۽ بربادي جي رستي تي هلي رهيا آهيون ۽ رب جي عذاب کا ڊيڄڻ بدران ظلم ۽ جبر جو اظهار ڪري رهيا آهيون ته هاڻي اسانکي ڪنهن عذاب، آسماني آفت يا بدترين واقعي جي پرواهه ناهي. اهڙي صورتحال ۾ ڪا به قوم صرف توبه ڪري بچي سگهي ٿي. بهتري جي هن سفر لاءِ قابل اعتماد اڳواڻ بنيادي ڪردار ادا ڪندا آهن پر هتي به اسانجي تقدير اهڙن ماڻهن جي هٿن ۾ آهي جيڪي پاڻ هن ملڪ لاءِ ڪنهن مصيبت کان گهٽ ناهن. صدر آصف علي زرداري بابت سڄي دنيا ۾ جيڪو لکيو ۽ ڳالهايو پيو وڃي هو ڪنهن کان لڪل ناهي. سندس ڪردار، سياست ۽ عوامي ڀلائي ۽ دلچسپي باري سڀنيءَ کي خبر آهي. وزير اعظم يوسف رضا گيلاني به پنهنجو مٽ پاڻ آهي. گيلاني صاحب به ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته کيس صرف نالي ماتر وزير اعظم لکرائڻ ۽ سڏائڻ ۾ دلچسپي آهي ۽ وزير اعظم کان ڪنهن به قسم جي بهتري جي اُميد رکڻ پاڻ کي مورک بڻائڻ برابر هوندو. هڪ کانپوءِ هڪ جعلي متاثر ڪئمپ جو دورو ڪندڙ وزير اعظم گيلاني کي فوٽو سيشن ۾ وڌيڪ دلچسپي آهي. ڪجهه عرصو اڳ وزير اعظم جي هڪ سنگتي ساڻس ملاقات ڪرڻ کانپوءِ ٻڌايو ته ملاقات ۾ ٽيلي ويزن اسڪرين تي پنهنجي فلم ڏسي ڪري جناب وزير اعظم سندس دوست کان پڇيو ته هو ٽي وي اسڪرين تي ڪيئن لڳندو آهي. جڏهن اڳواڻن جا اهڙا خيال هجڻ ته پوءِ لُڙڪ لاڙڻ کانسواءِ ڪجهه به نٿو ڪري سگهجي.​
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: آئون ٽي وي تي ڪيئن لڳندو آهيان؟

    انهن کي ئي ته سياسي اداڪار چئبو آهي ۔۔۔ اداڪاري جو پئسو ملين ٿو ۽ ڦوٽو سيشن ذريعي شهرت۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: آئون ٽي وي تي ڪيئن لڳندو آهيان؟

    بلڪل ادا اها ئي حقيقت آهي ادا

    سدائين گڏ
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: آئون ٽي وي تي ڪيئن لڳندو آهيان؟

    جي بلڪل ادا اه ئي ت حقيقت آهي.
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: آئون ٽي وي تي ڪيئن لڳندو آهيان؟

    ائين انصار عباسي توهان کي ڪيئن لڳندو آهي دوستو ؟؟؟؟

    ڪڏهن ان تي سوچيو آهي اوهان؟؟؟؟

    ڪڏهن ايم ڪيو ايم جي خلاف ڪجه لکيو آهي هن شخص ؟؟؟ ڪڏهن سنڌ جي حق ۾ ڪجه لکيو آهي هن ؟؟؟ ڪڏهن فوج جي خلاف لکيو آهي هن ؟؟؟ ڪڏهن بلوچستان جي اهڙين حالتن تي لکيو آهي هن ؟؟؟؟؟

    جي ها جيڪڏهن هن شخص لکيو آهي ته سنڌين جي خلاف ،،،، هن لکيو آهي حڪومت جي خلاف ؟؟؟؟

    ڪڏهن اوهان سوچيو آهي ته ههڙيون ڇرڪائيندڙ خبرون هن وٽ ڪيئن ٿيون پهچن ؟؟ هي ايجنسين خلاف ڇو نه ٿو لکي ؟؟؟؟ اهڙيون اندروني خبرون جيڪي انٽيليجنس ادارا ئي ڏئي سگهن ٿا هن وٽ ڪيئن ٿيون پهچن ؟؟؟؟

    جيڪڏهن وقت آهي اوهان وٽ ته ان تي به ضرور سوچجو۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  6. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: آئون ٽي وي تي ڪيئن لڳندو آهيان؟

    ادا بلڪل اوهان جي ڳالھ بلڪل سهي آهي.....
     
  7. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: آئون ٽي وي تي ڪيئن لڳندو آهيان؟

    ادا مس مس توهان جي ٿريڍ ۾ ڪو مضمون نظر آيو آهي نه ته رڳو اميج فايل ڏسڻ لاء ملندي هئ۔ ادا هاڻي اهڙا مضمون ضرور شئير ڪندا ڪيو۔ مهرباي
     
  8. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: آئون ٽي وي تي ڪيئن لڳندو آهيان؟

    اوڪي سائين انشاءالله ڪوشش ڪبي....
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو