عاشق سولنگي
سينيئر رڪن
گڏيل قومن چيو آهي ته پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن لاءِ کاڌ خوراڪ جي کوٽ آهي. ٻوڏ جون تباهيون جاري آهن ۽ ٻوڏ جي پاڻي ۾ کاڌ خوراڪ سميت هر شئي لُڙهڻ بعد لکين ڄڻا بُک ۽ بدحالي جو شڪار ٿي چُڪا آهن. ماڻهن جي صورتحال تمام خراب آهي، ماڻهو کُليل آسمان هيٺ بنا ڪئمپن جي ويٺا آهن، ٻوڏ متاثر ڪنو پاڻي پيئڻ لاءِ مجبور آهن. يونيسف جي ڊائريڪٽر ايمرجنسي اپريشنز لوئي جارج آر سنالٽ جو چوڻ آهي ته اِهو ڪيترن ئي ڏهاڪن ۾ پيدا ٿيندڙ سڀ کان وڏو انساني بحران آهي. هن چيو آهي ته اسانکي جيڪي مشڪلات آهن انهن مان هڪ وڏي مشڪل عالمي برادري پاران حمايت جي کوٽ آهي. ماڻهن جون ضرورتون اسانکي ملندڙ شئين کان وڌيڪ آهن.
گڏيل قومن جي انساني انتظامن بابت قائم ٿيل اداري ”اوچا“ جي ترجمان مريسيو جوليانو جو چوڻ آهي ته عالمي برادري کي پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي مدد لاءِ وڌيڪ ڪوشش ڪرڻ گهرجي. ٻوڏ متاثرن جو انگ 1 ڪروڙ 28 لک آهي جن ۾ 80 لک ٻار پڻ شامل آهن. هن مان 50 لک بي گهر ماڻهون اهڙا به آهن جن کي هينئر تائين خيما يا پلاسٽڪ شيٽون ڪونه ملي سگهيون آهن. مريسيو جوليانو موجب ٻوڏ سان متاثر ٿيل علائقن ۾ 8 لک ماڻهن تائين زميني رستي ذريعي پهچڻ ناممڪن آهي ۽ انهن کي صرف هيلي ڪاپٽرن جي مدد سان امداد ڏئي سگهجي ٿي. انهن ماڻهن مان الاهي گلگت بلتستان ۽ ڪوهستان جي علائقن ۾ امداد لاءِ واجهائي رهيا آهن جڏهن ته سنڌ ۽ پنجاب جي ڪجهه ضلعن جي ارد گرد پاڻي آهي. هينئر تائين لڳ ڀڳ 15 لک ڄڻا ٻوڏ جي پاڻي سان ڦهلجندڙ بيمارين جيئن ته گيسٽرو ۽ مليريا جا شڪار ٿي چُڪا آهن. آن لائن موجب مريسيو جوليانو چيو آهي ته تاريخ جي سڀ کان بدترين ٻوڏ سبب لکين ماڻهو دربدر ٿي ويا آهن. سنڌ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر ٻوڏ اچڻ سان صورتحال ويتر خراب ٿي سگهي ٿي. سرڪار کي متاثر ٿيل علائقن ۾ ترت امدادي سامان پهچائڻ گهرجي نه ته پاڪستان ۾ بُک ۽ بدحالي سبب ٻوڏ متاثر هڪ ٻي کي مارڻ لاءِ تيار ٿي ويندا ۽ صورتحال وس کان ٻاهر ٿي ويندي.