• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ماڻهو خلا ۾ وستيون آباد ڪن نه ته ختم ٿي ويندا: هاڪنگ

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن

طبعيات جي دنيا ۾ پنهنجي نظرياتي ريسرچ ۽ سائنس جي ڪيترن ئي کاتن جي مشهور پروفيسر 68 سالن جي اسٽيفن هاڪنگ ماڻهن کي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن هو ايندڙ 2 صدين تائين خلا ۾ آباد ڪونه ٿيندا ته پوءِ هميشه لاءِ ختم ٿي ويندا. اسٽيفن موجب جيڪڏهن انساني نسل گهڻي عرصي تائين ان ڪائنات ۾ رهڻ جي خواهشمند آهي ته ان جو واحد حل اِهو آهي ته هو ڌرتي بدران خلا ۾ گهر آباد ڪن.

تازو ئي اسٽيفن انٽرويو ڏيندي چيو هو ته انساني نسل هڪ خطرناڪ دور ۾ داخل ٿي چُڪي آهي جتي ڪنهن به وقت سندن حياتي کي خطرو ٿي سگهي ٿو. اسٽيفن جو چوڻ هو ته ماڻهن جي جينياتي ڪوڊ ۾ خود غرضي، جذبات ۽ ڪاوڙ وارو رويو شامل ٿي ويو آهي جيڪي ماضي جي انساني زندگي لاءِ خطرن جو ڪارڻ بڻجي چُڪا آهن بلڪ ايندڙ 2 صدين تائين هو تباهي جي حد تائين خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا.
 
جواب: ماڻهو خلا ۾ وستيون آباد ڪن نه ته ختم ٿي ويندا: هاڪنگ

اهڙو معلوماتي ونڊ ڪرڻ تي توهان کي جس هجي

سائين

سولنگي صاحب

سدائين گڏ
 
Back
Top