القلم قرآن پبلشر فونٽ

'سنڌ سلامت ڊائونلوڊز' فورم ۾ ابو زين طرفان آندل موضوعَ ‏25 آگسٽ 2010۔

  1. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ

    القلم قرآن پبلشر فونٽ​


    [​IMG]

    برصغيري رسم الخط ۾ دنيا جو پهريون مڪمل لگيچر بيڊ قرآن پبلشنگ فونٽ رليز ٿي چڪو آهي. هن فونٽ ۾ مڪمل قرآن پاڪ رموز اوقاف سان گڏ لکي سگهجي ٿو. انهيءَ کان سواءِ هي فونٽ مختلف DTF سافٽويئرن جهڙوڪ ايم ايس آفس (خاص طور ايم ايس آفس 2010، انهيءَ کان پهرين وارن ورزن ۾ رموز اوقاف تبديل ٿي وڃن ٿا)، انڊيزان سي ايس 5، انٽرنيٽ ايڪسپلورر، فائر فاڪس وغيره وغيره ۾ پڻ صحيح طور تي ڪم ڪري ٿو.

    هن فونٽ جي ڪتابت لاهور جي مشهور ڪاتب علي احمد صابر ڪئي آهي. گهڻي عرصي کان هن قرآن پاڪ جا صفحا مون وٽ ڪورل ڊرا ۾ ٽريس ٿيا پيا هئا. جڏهن جميل نستعليق جي ٽيم هن تي ڪم ڪرڻي ۾ دلچسپي ڏيکاري ته مون کين اهي سمورا صفحا مهيا ڪري ڏنا، جن تي تقريبا سال کان مختلف مرحلن ۾ ڪم هلي رهيو هيو.

    متن ۽ رموز اوقاف جي فائلن کي محفوظ رکڻ لاءِ لاڪ ڪيو ويو آهي. انهيءَ ڪري جنهن کي قرآن جي متن جي ضرورت هجي ته هيٺ ڏنل لنڪ ۾ موجود اصل فائل مان ڪاپي پيسٽ ڪري.
    لنڪ
    http://www.mediafire.com/?pg2r76q0x656g00

     
  2. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: القلم قرآن پبلشر فونٽ

    سبحان الله۔۔۔۔۔۔سائين تمام بهترين ونڊ۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: القلم قرآن پبلشر فونٽ

    جزاڪ الله ادا

    تمام بهترين ونڊ آهي توهان جو

    سدائين گڏ
     
  4. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: القلم قرآن پبلشر فونٽ

    ادا خليل۔۔۔ ونڊ ته تمام پيارو آهي پر سائين هي جيڪو لنڪ توهان ڏنو آهي اهو قرآن پاڪ جي نسخي جو آهي يا وري فونٽ جو ۔۔؟
     
  5. ابو زين

    ابو زين
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏25 اپريل 2009
    تحريرون:
    1,364
    ورتل پسنديدگيون:
    264
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    پليڪيشن
    ماڳ:
    سنڌ
    جواب: القلم قرآن پبلشر فونٽ


    مون ڪجهه عرصو اڳ ۾ آخري ٽي پارا ”آئي فون لاءِ“ موبائل سيڪشن ۾ شيئر ڪيا هيا. مڪمل قرآن پاڪ 850 صفحن تي مشتمل آهي. ساڳيو مڪمل قرآن ترجمي سان، قرآن سيڪشن شيئر ڪري چڪو آهيان.

    ساڳين صفحن کي لگيچر بيسڊ فونٽ ۾ تبديل ڪيو ويو آهي. هن جا لگيچر پورن پورن لفظن تي مشتمل آهن. القلم قرآن فونٽ جا ڪجهه گلفس پڻ شامل ڪيا ويا آهن. هي فونٽ صرف ۽ صرف قرآن پاڪ جي متن لاءِ ئي استعمال ٿي سگهي ٿو. يعني عربيءَ جون ٻيون عبارتون نٿيون لکي سگهجن.

    جيئن ته هي هن فونٽ جو ابتدائي رليز آهي، جنهن ڪري اڃان تائين ڪو ڪي بورڊ وغيره تشڪيل ناهي ڪيو ويو. اهوئي سبب آهي جو لنڪ ۾ ٽائپ ٿيل مڪمل قرآن پاڪ جو متن پڻ ڏنو ويو آهي ته جيئن مطلوبه آيت يا سورة ڪاپي پيسٽ ڪري سگهجي.
     
  6. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: القلم قرآن پبلشر فونٽ

    مهرباني تفصيل ٻڌائڻ جي ۔۔ وقت به وقت اهڙا بهترين ونڊ اسان مستن سان ڪندا رهو۔۔۔
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: القلم قرآن پبلشر فونٽ

    مونکي ياد آهي ته جڏهن توهان هن پروجيڪٽ بابت ٻڌايو ته ادا زاهد سومرو ۽ مون هن نيڪ ڪم ۾ حصو وٺڻ جي حامي ڀري هئي ۔۔۔ پر اها اسان جي بدقسمتي چئبي جو اهڙي نيڪ ڪم ۾ پنهنجي بي انتها مصروفيت ڪري حصو وٺي نه سگهياسين۔۔ يقينن توهان به پنهنجي مصروفيت خاطر اهو پروجيڪٽ اردو فونٽس ٺاهيندڙ ٽيم حوالي ڪيو۔۔۔
    خير اهڙي نيڪ ڪم ۾ جنهن به بهرو ورتو اهي يقينن تعريف جي مستحق آهن۔۔۔۔ تاج ڪمپني طرفان پبلش ٿيندڙ قرآن پاڪ ۾ استعمال ٿيندڙ فونٽس سان ملندڙ جلندڙ هي فونٽ پنهنجي بيهڪ ۽ خوبصورتي جي لحاظ کان انتهائي اعلى آهي۔۔۔
    اهڙي بهترين شيئرنگ ڪرڻ تي توهان جي مهرباني ۔۔۔۔ جيڪڏهن توهان جو رابطو محترم علي احمد صابر ۽ ان جي ٽيم سان هجي ته سنڌ سلامت طرفان سندن اهڙي جاندار ۽ نيڪ ڪم تي مبارڪ ۽ نيڪ تمنائن جو پيغام ضرور ارسال ڪندا۔۔۔۔ مهرباني 
     
  8. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: القلم قرآن پبلشر فونٽ

    سائين مان به ڊائونلوڊ ڪيو آهي۔
    [​IMG]
     
  9. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: القلم قرآن پبلشر فونٽ

    سائين اهڙي پياري شيئرنگ تي اوهان کي مبارڪ هجي اوهان جي اهڙي شيرنگ روح کي تسڪين ڏيندي آهي الله توهان کي شاد و آباد رکي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو