مشهور ملڪي ۽ بين الاقوامي اين جي اوز فنڊز جي نالي تي ڪروڙين رپيا ورهائڻ ۾ رڌل آهن جڏهن ته مزدور، غربت ۽ تشدد جو شڪار ٿيل عورتن جي حالت بهتر ڪونه ٿي سگهي آهي. غربت ۽ تشدد جو شڪار ٿيل عورتن جي نالي تي مشهور کاتن کان ڪروڙين رپين جا فنڊز وٺي ڪري فائيو اسٽار هوٽلن ۾ اجلاس طلب ڪيا ويندا آهن پر متاثر ٿيل طبقي مان ڪنهن به عورت کي هتي ڪونه گهرايو ويندو آهي. اخبارن ۾ روزاني عورتن مٿان تشدد جا واقعا نظر ايندا آهن پر جتي اين جي اوز کي پنهنجو مفاد نظر ڪونه ايندو آهي هتي اين جي اوز انهن واقعن جي خلاف چپ رهنديون آهن. ڪيري لوگر بل تحت اربين رپين جي امداد به حڪومت بدران اين جي اوز کي ڏني وئي آهي. هنن مان ڪجهه مشهور اين جي اوز پڻ شامل آهن جن جا ڊائريڪٽ آمريڪي بزنس مينز ۽ آمريڪي انتظاميا سان لاڳاپا آهن. مختاران بي بي جي ڪيس ۾ به مشهور اين جي اوز سندس حمايت ڪندي نظر آيون جن کي مختاران بي بي جي ڪيس بابت آواز بُلند ڪرڻ لاءِ ڪروڙين رپيا ڏنا ويا جنهن جي نتيجي ۾ مختاران بي بي جي ڪيس کي سڄي دنيا ۾ شهرت حاصل ٿي.
جواب: مظلوم عورتن جي حالت خراب، اين جي اوز ڪروڙ پتي بڻجي ويون ها فقير ڳالھ بلڪل سهي آهي ان ۾ ڪو شڪ نه آهي
جواب: مظلوم عورتن جي حالت خراب، اين جي اوز ڪروڙ پتي بڻجي ويون ادا بس هر طرف زاروزاري لڳي پئي آهي ۔ الله پناهه ڏئي۔۔۔ يتيمن، مسڪينن، غريبن ۽ مظلومن جي نالي تي پئسا وٺي اهي تنظيمون حرام جو مال ڪري پاڻ پيون کائين۔۔۔
جواب: مظلوم عورتن جي حالت خراب، اين جي اوز ڪروڙ پتي بڻجي ويون ها ادا مست بس ڇا ڪجي۔؟ ٻوڏ متاثرين جي آڙ ۾ ماڻهو ڪا ٽل ڪري به پنهنجو کيسو ڀرين ٿا۔