ادا عاشق جيئي سنڌ مون کي ڪنهن دوست مارائڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن جي ڪري اسپتال ۾ هيس، مولا سائين جي ڪرم سان هاڻ ڪجهـ بهتر آهيان، اُن ڪري اوهان دوستن کان صلاح گهري تـ جيڪو انسان قتل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري اُن جي سزا ڇا هجڻ گهرجي ۽ اُن سان ڪهڙو ورتاءَ ڪرڻ گهرجي۔ جيتوڻيڪ اهو منهنجو پيارو دوست رهيو آهي، ادا جڏهن هي دوست مونڏي ميسج ڪيو۔۔۔۔۔ته مان جي پيرن هيٺان زمين ئي نڪري وئي۔ڇوته هو تمام بهترين انسان آهي۔ هاڻي اوهان دوستن کي عرض آهي ته اوهان مان کي مٿين ميسج جو جواب اسلام جي روشني ۾ ڏيندا ته اوهان جو شڪر گذار رهندس۔ سدائين گڏ۔
جواب: دوستو السلام عليڪم۔ هڪ دوست جو ميسج سائين ڏاڍو ڏکيو سوال آهي هون ته اسلام ۾ معافي ڏيڻ ئي بهتر آهي پر وڌيڪ ان حوالي سان سائين رحيم بخش ۽ سائين نثار ابڙو صاحب ئي وضاحت ڪري سگهن ٿا سدائين گڏ
جواب: دوستو السلام عليڪم۔ هڪ دوست جو ميسج ڪجهه ڏينهن پهرين مان اوهان دوستن سان هڪ قول ونڊ ڪيو هو مولا علي عليه السلام جو۔۔۔ ته ”معاف ڪرڻ سڀني کان وڌيڪ ان کي جڳائي ٿو جيڪو سزا ڏيڻ جي طاقت رکندو هجي۔۔“ سو هاڻي وڌيڪ توهان بهتر سمجهو ٿا۔۔ ٻي صورت اها به آهي ته ڇا فعل ڪندڙ شخص پنهنجي فعل تي پشيمان آهي۔۔؟ جي نه ته پوءِمعافي اجائي آهي۔۔
جواب: دوستو السلام عليڪم۔ هڪ دوست جو ميسج انسان ڪڏهن بنا مقصد جي ٻئي ته ائين ظلم نه ڪندو آهي ان جي ڪا وجا ضرور هوندي آهي ..... هاڻ اهيو وقت هلي پيو نانگ کي معاف ڪري ڇڏڻ پنهنجو پاڻ کي مارائيڻ ..... توهان به ٿورو ايڪشن ضرورو وٺو پنهنجن وڏن وٽ ان ڳالهه اوٿاريو ائين نه ٿئي جو توهان پاڻ هن کي معاف ڪري ڇڏيو ڪنهن کي خبر نه پوي ته پوءِ ان ۾ وري به توهان جو نقصان ٿي سگهي ٿو
جواب: دوستو السلام عليڪم۔ هڪ دوست جو ميسج معاملات کي جلد کان جلد سلجهائڻ گهرجي ۔۔۔ قتل جي سزا قتل آهي ۽ قتل جي ڪوشش ڪرڻ به قتل جي برابر آهي ۔۔۔ پر ان جي عيوض هڪٻئي کي قتل ناهي ڪرڻو ۔۔۔ انجو فيصلو يا ته موجود اسلامي حڪومت ڪندي يا وري موجود قبيلي جا وڏا يا وري ڳوٺ ۾ موجود انصاف پسند ۽ اسلامي علماء ڪندا ۔۔۔ دوستو! رب العالمين اسانکي سڌي راهه تي هلڻ لئه قرآن الفرقان (حق ۽ ناحق ۾ فرق ڪرڻ وارو) موڪلي ڇڏيو آهي ۽ ان سان گڏ سنت رسول به موجود آهي ۔۔۔۔ جيڪڏهن اسين چاهيون ٿا ته اسين اسلامي طريقو اختيار ڪريون ته پو اسانکي ڪتاب ۽ سنت کان مدد وٺي معاملات کي جلد کان جلد سلجهائڻ گهرجي ۔۔۔ دير ڪرڻ نه گهرجي ۔۔۔ ڪنهنکي ڪنهنجو ڏوهه بخش ڪرڻ به پنهنجي منهن سان نه بلڪه حڪومت ذريعي يا وڏڙن ذريعي ڪرڻ گهرجي ته جيئن شاهدي يا گواهي موجود هجي ۔۔۔ پنهنجي دوست کي صلاح ڏيو ته معاملو جلد ختم ڪري چاهي حڪومت ذريعي يا پنهنجن وڏن جي ذريعي ۔۔۔ رب العالمين اسانکي معاملات کي حل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۔۔۔ آمين
جواب: دوستو السلام عليڪم۔ هڪ دوست جو ميسج سوره النحل جي آيت نمبر 126 ۾ رب العالمين فرمائي ٿو ته؛ " بسم الله الرحمان الرحيم” “ ۽ جي بدلو وٺو به ته بلڪل ايترو وٺو جيترو اوهانکي ڏک ڏنو ويو هجي، ۽ جيڪڏهن صبر ڪيو ته بي شڪ صبر ڪرڻ وارن لئه اهو (صبر) بهتر آهي ۔۔۔” بيشڪ الله سچو آهي ۔۔۔
جواب: دوستو السلام عليڪم۔ هڪ دوست جو ميسج جي ادا مان ت چوان ٿو ت جيڪا آيت ادا نثار شيئر ڪئي آهي ت اهو ئي بهتر آهي .