سنڌو، چانڊوڪيون راتيون ۽ سمنڊ ۾ وڏي وِير جو چڙهڻ نواز خان زئور سنڌو دريا پنهنجي جوڀن تي آهي. وڏا وهڪرا گڊو بئراج ۽ سکر بئراج سان منهان منهن ٿيڻ کانپوءِ ڪوٽڙي بئراج سان برسرِپيڪار آهن ۽ اُتان لنگھي پاڻي تيزي سان وهندو سمنڊ ڏانهن ڌوڪيندو وڃي. ڪوٽري بئراج کان مٿي توڙي هيٺ بندن تي اڃا پاڻي جو دٻاءَ جيئن جو تيئن موجود آهي، جيڪو مٿئين پاسي جي بندن تان ته هاڻي آهستي آهستي گھٽجندو ويندو، پر هيٺئين پاسي جي بندن تي تيزي سان وڌندو. حيدرآباد، ٽنڊي محمد خان ۽ ٺٽي ضلعي جي حدن ۾ دريا جا جيڪي بند اڳيئي ڪمزور ڄاڻايا پيا وڃن، تن جو اصل امتحان ته اڃا هاڻي تڏهن ٿيڻو آهي، جڏهن سمنڊ ۾ وڏي وير جُوار ڀاٽا، جنهن کي عام طور تي جُوار چئبو آهي، جي چڙهڻ سان دريا ۽ سمنڊ جي وچ ۾ جھيڙو مچندو. هي جھيڙو هينئر ان ڪري به چوٽان چوٽ ٿيندو، جو دريا پنهنجي پوري جوڀن تي هجڻ سان گڏوگڏ ڪئين سالن کانپوءِ پيو اچي. سمنڊ، جيڪو ڪيترن ئي سالن کان دريا جي روڪ ٽوڪ نه هجڻ سبب بنا اٽڪاءَ جي اڳتي وڌندو آهي، سو هينئر به ساڳيو ئي جوش ڏيکاريندو. وڇڙيلن جو ميلاپ هميشه جذباتي، جوشيلو ۽ گرمي ڀريو هوندو آهي. سو هيڏانهن دريا مستيءَ مان سمنڊ ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ هوڏانهن سمنڊ سندس سامهون ٿيڻ لاءِ ڪنهن تجربيڪار کيڏاري وانگر هوريان هوريان سندرو ڇِڪي رهيو آهي. ٻئي اُن مهل هڪٻئي سان منهان منهن ٿيندا، جنهن مهل وڏو وهڪرو سمنڊ جي عين اڳيان هوندو ۽ سمنڊ ۾ وري جُوار ڀاٽا پنهنجي پوري اوج تي هوندي. ڇوليون ڇو ٿيون پيدا ٿين؟ چنڊ ۽ ڌرتي جي وچ ۾ موجود ڪشش ثقل جي نتيجي ۾ سمنڊ جي پاڻي ۾ ڇوليون پيدا ٿينديون آهن، جن ڇولين کي ٻن درجن ۾ ورهايو ويو آهي. هڪ ننڍيون ڇوليون، ٻيون وڏيون ڇوليون. ننڍين ڇولين جا به وري ڪيترائي نمونا ٿين ٿا، جن مان هڪڙيون ڇوليون اُهي هجن ٿيون، جيڪي هر ڏهين سيڪنڊ ڇُلنديون ساحل سان ٽڪرائجنديون رهن ٿيون. هي ننڍيون ڇوليون سمنڊ تي گھُلندڙ وڏي واءُ يا هلڪن طوفانن جي نتيجي ۾ اڀرن ٿيون. سج جي ڪشش جي ڪري به سمنڊ ۾ ڇوليون اٿن ٿيون، پر سج جي ڌرتي کان تمام گھڻو پري هئڻ ڪري اُهي بنهه ننڍيون هونديون آهن، تنهن ڪري انهن کي ڪمزور لهرون چيو ويندو آهي. اهڙيون ئي لهرون رومي ڏند ڪٿا ۾ پيار ۽ سونهن جي ديوي وينس جي نالي سان سڏجندڙ شمسي منڊل جي سڀ کان روشن سياري زهرا ۽ ساڳي رومي ڏند ڪٿا جي جنگي ديوَتا جي نالي واري سياري مريخ جي اثر سبب پڻ پيدا ٿين ٿيون. خود سمنڊ جي پاڻي ۾ موجود تحرڪ، وهڪ ۽ ڪشمڪش جي نتيجي ۾ به اهي لهرون اڀرن ٿيون. اهڙي طرح ڌرتي تي موجود وڏن توڙي ننڍن سمنڊن ۾ ننڍين وڏين لهرن جا لڳ ڀڳ ٽي سئو قسم ڳڻيا ويا آهن، جن مان مکيه ڇوليون اُهي آهن، جيڪي چنڊ سان تعلق رکن ٿيون. چنڊ سان تعلق رکندڙ ڇوليون چنڊ سان تعلق رکندڙ ڇولين کي به ساڳئي ئي طريقي سان ٻن قسمن ۾ ورهايو ويو آهي. پنجويهن ڪلاڪن دوران ٻه ننڍيون ۽ ٻه وڏيون لهرون واري واري سان چڙهن ۽ لهن ٿيون. هر ساڍي ٻارهين ڪلاڪ وڏي لهر چڙهي ٿي، جنهن جي لهڻ سان ننڍي لهر اڀري ٿي، جنهن جي پٺيان وري وڏي لهر ۽ ان کانپوءِ وري ننڍي لهر جو وارو اچي ٿو. اهي عام لهرون آهن، جن ۾ چنڊ جي گھٽ وڌائي ۽ ڏينهن رات جي حساب سان گھاٽي واڌي اچي ٿي ۽ وڏي لهر بنهه وڏي ۽ ننڍي لهر صفا ننڍي ٿي وڃي ٿي، ان حد تائين ننڍي، جو سمنڊ بلڪل سانت ٿي وڃي ٿو. دنيا جا ڪجھه بندر اهڙا به آهن، جتي ان وڏي لهر جي چڙهڻ سان ئي سامونڊي جهازن تي مال لڏيو ۽ لاٿو وڃي ٿو. ننڍي لهر دوران اُهي جهاز اُتي بندر سان لڳا دِڪَي کان هيٺ بيٺا رهن ٿا ۽ مٿن مال چاڙهڻ يا لاهڻ ممڪن نه ٿو هجي. وڏي وِير/جُوار ڀاٽا: جڏهن چنڊ نئون يا مڪمل (پورڻماس) هوندو آهي، تڏهن چنڊ ۽ سج جي ثقلي ڇِڪ پاڻ ۾ گڏجي پوندي آهي. انهن ڏينهنَ ۾ سج، چنڊ توڙي ڌرتي هڪ ئي سِڌ ۾ اچي ويندا آهن ۽ چنڊ ڌرتي جي مدار جي ويجھو هوندو آهي. ان ويجھڙائي جي ڪري چنڊ ۽ ڌرتي جي وچ ۾ ڇِڪ وڌي ويندي آهي ۽ اهي هڪٻئي کي چقمق جيان پاڻ ڏانهن ڇڪڻ شروع ڪندا آهن. پُوري چنڊ سان جيئن ته سج جي قوت گڏ هوندي آهي، تنهن ڪري اُهو ڌرتي کان وڌيڪ سگھارو ٿي پئي ٿو ۽ ڌرتي تي موجود هر شئي کي پاڻ ڏانهن ڇڪي ٿو. ڌرتي پنهنجي ڪنهن به شئي کي چنڊ ڏانهن اڏرڻ نه ڏيندي آهي ۽ هر شئي کي پنهنجي قوت سان روڪي رکندي آهي. پر پاڻي جيئن ته متحرڪ هوندو آهي، ان ڪري اُهو ڌرتي جي ضابطي ۾ نه ايندو آهي ۽ چنڊ جي ڇِڪ تي مست ٿي ڏانهنس اڀرڻ اُلرڻ لڳندو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ وڏي وِير چڙهي ٿي. پر سج، چنڊ ۽ ڌرتي ٽئي متحرڪ عنصر آهن ۽ لڳاتار نظامِ شمسي جي مدار ۾ چڪر ڪاٽيندا رهن ٿا، تنهن ڪري انهن جي بيهڪ ۾ ڦيرڦار ايندي رهي ٿي. اُهي پهرين ۽ وچين تاريخن وارين سِڌائين دوران پنهنجيون جڳهيون بدلائين ٿا. پهرين تاريخن دوران سج ۽ چنڊ ڌرتي جي هڪڙي ئي پاسي هوندا آهن ۽ وچين تاريخن دوران اُهي ڌرتي جي ٻنهي پاسان اچي ويندا آهن، جنهن ڪري ڌرتي ۽ سج ۽ ڌرتي ۽ چنڊ جي وچ ۾ موجود مفاصلو ساڳيو نه ٿو رهي. ان ڪري خود پهرين تاريخن ۽ وِچَين تاريخن (پورڻماسي) وارين ويِرن جي شدت ۽ اڀار ۾ به فرق هجي ٿو. مختلف سمنڊن ۽ ساحلن تي انهن ڇولين توڙي وڏين ويِرن جي جسامت، تيزي ۽ شباهت ۾ فرق هوندو آهي. انهيءَ تفاوت جو ڪارڻ زميني بيهڪ، آبهوا، ماحول، دريائي وهڪرا، سامونڊي ڪنارن جي گھرائي، سامونڊي پاڻي ۾ موجود تِک، ڏڪاڻي ۽ چرپر جا انداز، موسمون، گرمي پد ۽ ٻيا عنصر هجن ٿا. سنڌو دريا ۽ جُوار ڀاٽا وِير چنڊ جي پهرين رات سان چڙهڻ شروع ٿيندي آهي. انهن ڏينهن ۾ چنڊ، سج ۽ ڌرتي هڪٻئي جي سِڌ ۾ هجن ٿا، پر اِها سِڌ جلدي ختم ٿيو وڃي ۽ سج ۽ چنڊ ڌرتي جي ساڄي پاسي ڏانهن لڙي وڃن ٿا. نتيجي ۾ پهرين چوٿائي ۾ سمنڊ صفا ماٺو ٿي وڃي ٿو. نائين جي رات کان وري وِير چڙهڻ لڳي ٿي، جيڪا تيرهينءَ جي رات تائين پڄندي پڄندي جوان ٿي وڃي ٿي. جُوار چنڊ جي تيرهينءَ جي رات کان سورهينءَ جي رات تائين جاري رهي ٿي. اِهي چار راتيون دريا ۽ سمنڊ جي وچ ۾ تمام وڏي ويڙهه هلي ٿي. جُوار دريا جي اڳيان ڪنهن ڀِت وانگر ٿي بيهي رهي ٿي ۽ دريا کي سمنڊ ڏانهن لنگھه نه ٿو ملي. اِهو جھيڙو ايڏو زور آوَر ۽ سخت هوندو آهي، جو جيڪا به شئي اُن جي وچ ۾ اچي ٿي، سا چيڀاٽجيو ختم ٿيو وڃي؛ اِن حد تائين جو جيڪڏهن وڏي مڇي به ٻنهي پاڻين جي وچ ۾ اچي وڃي ٿي ته اُتان نڪري نه ٿي سگھي ۽ مريو ٿي وڃي. ساندهه چئن راتين تائين هلندڙ ان ويڙهه ۾ فاتح آخرڪار سنڌو دريا ئي ٿئي ٿو. هونئن ته وڏي وِير جو چاڙهه ارڙهينءَ تائين هوندو آهي پر سنڌو دريا ان کي سورهينءَ تائين مات ڏيو آلڙ ڪريو ڇڏي. پوءِ جيئن ئي وِير آلڙ ٿئي ٿي ته سنڌو دريا ڪنهن فاتح وانگر ميلن جا ميل سمنڊ ۾ ڪاهيندو ويندو آهي. وِير ۽ آلڙ جي وچ واريون چار راتيون چانڊوڪي سدائين جادو ڀري هوندي آهي. سنڌ جي سينڌ چانڊوڪي ۾ ته اڃا وڌيڪ دلڪش ۽ وڻندڙ ٿي پوندي آهي پر هينئر جڏهن سنڌ جي آسمان تي چانڊوڪي پنهنجي آب تاب سان هوندي، تڏهن چانڊوڪين راتين ۾ چاندي جيان جرڪندڙ لاڙ پَٽ جي ماڻهن ۾ ٿورڙي پريشاني پڻ هوندي. اِن ڪري جو انهن راتين ۽ ڏينهن دوران سمنڊ سنڌو دريا جي پاڻي کي اڳتي وڌڻ ڪونه ڏيندو ۽ ان کي پاڻ ۾ سمائجڻ کان روڪي رکندو. هڪ پاسي ڪوٽڙي بئراج مان پاڻي جو وڏو وهڪرو تيزي سان سمنڊ ڏانهن وڌندو رهندو ۽ ٻئي پاسي ڇوڙ واري ماڳ تي پاڻي جي سمنڊ ۾ داخلا بند هوندي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڻي اڳتي وڌڻ بدران پوئتي ڀراءُ ڪندو، جنهن جو دٻاءُ هڪ پاسي دريا جي بندن تي بي يو انڊو، گليل ۽ منارڪي کان وٺي ملاڪاتيار تائين پوندو، ته ٻئي پاسي پاڻي اڳتي وڌڻ لاءِ نوان گس ۽ چارا ڳوليندو. جُوار ڀاٽا جي انهن چئن ڏينهن ۽ راتين دوران سنڌوءَ جو پاڻي گھوڙا ٻاري، شاهبندر، ڪيٽي بندر ۽ کارو ڇاڻ تعلقن جي پڪي وارن علائقن کي پنهنجي پيرن هيٺان لتاڙيندو پنهنجا نوان پيچرا ڳوليندو. جمنا سر ۽ جنگي سَر جي وچ ۾ خير شاهه ڳوٺ تائين اچي دريا جا بند ختم ٿي وڃن ٿا. خير شاهه واري ماڳ کان دريائي پاڻي جھالو، ٻگھاڻ، ڌانڌاري، ڪيٽي بندر ۽ ٻين علائقن ڏانهن وهڪ ڪري سگھي ٿو. اِهو به امڪان آهي ته گھارو ڦاٽ ۾ پاڻي ڀرجي ابتي وهڪ ڪري ۽ ميرپور ساڪري تعلقي ۽ گھاري شهر کي اچي ويجھو پوي. جنگي سر کان اڳتي دريا تي ڪوبه بند ڪونهي. سنڌو دريا، جنهن کي پُورالو دريا سڏيو ويو آهي، اُن جا پُور ڇوڙ واري علائقي ۾ به ساڳيا رهيا آهن. اهو ڇوڙ جي علائقي ۾ به پنهنجا وهڪرا ۽ رخ مَٽائيندو رهيو آهي. هينئر جتي اهو امڪان آهي ته دريا جا ڪجھه پراڻا ڦاٽ وري وهي سگھن ٿا، اُتي اِن ڳالهه کي به رد نٿو ڪري سگھجي ته جيڪڏهن دريا جا بند جُوار ڀاٽا ۽ دريا جي جھيڙي جي سَٽ سهي وڃن ٿا ته پوءِ درياهه جنگي سَر کان هيٺ پنهنجو ڪو نئون ڦاٽ پڻ ٺاهي سگھي ٿو
جواب: سنڌو، چانڊوڪيون راتيون ۽ سمنڊ ۾ وڏي وِير جو چڙهڻ ادا هينئر اڃان سائين اياز عالم ابڙو انهيءَ جوار ڀاٽا جي باري ۾ ٻڌايو پئي ته وري سندن ويندي توهان جو هي ڪالم به پڙهڻ لاءِ مليو۔۔ تمام بهترين ڪالم آهي نواز خان زنئور جو۔۔ باقي سائين اياز عالم اها ڳالهه پئي ڪئي ته جوار ڀاٽا واري ڏينهن ۾ جيڪا ڇولي وڏي هوندي آهي اها يڪدم چڙهي ايندي آهي جنهن جي ڪري سمنڊ درياءَجي پاڻي کي پوئتي ڌڪيندو آهي پر وري ٻي وير اچڻ ۾ گهٽ ۾ گهٽ اڌ ڪلاڪ جو وقفو هوندو آهي جنهن ڪري سنڌوءَ جو پاڻي سمنڊ ۾ ڪاهيندو ويندو آهي۔۔۔ تمام بهترين ونڊ آهي۔۔ اهڙا معلوماتي ونڊ اسان مستن سان ڪندا ڪريو۔۔