نيٺ ڇا ٿيندو؟ عبدالقادر جوڻيجو اسان ماڻهن سان وڏي جُٺ ته اها آهي ته انگريزن جي لکيل رڪارڊ کي ڇڏي ڪري هيستائين ”سنڌ جي تاريخ“ جي نالي ۾ جيڪي ڪجهه لکيو ويو آهي، پاڻ کي ته اهو ”ڪوڙن جو کارو“ ٿو نظر اچي، جيڪو اسان جي مٿي ۾ هنيو ويو آهي. جڏهين ته آرڪيالاجي جو ماهر سائين حاڪم علي شاهه بخاري انهيءَ ساڳئي تاريخ کي پنهنجي ٿڌي مزاج موجب ”تعصبات جو مجموعو“ ڪري ڪوٺي ٿو. سائينءَ جي انهيءَ پڪي پختي راءِ کي پاڻي ڏيندي پري ڪو نه ٿا وڃون، ڀلا انهيءَ کان ٻيو وڌيڪ ڪهڙو تعصب هوندو، جو جن انگريزن نه رڳو ڪوشش ڪري سنڌي ٻوليءَ جي الفابيٽ ٺهرائي ڏني پر گڏوگڏ سوين سالن کان سرڪاري سطح تي گم ٿيل سنڌي ٻولي ورائي ڏني. اهي انگريز ئي هئا جن سنڌ کي قرون وسطيٰ جي ڏٺي وائٺي ظلمي نظام جي ڪُنَ مان ڪڍي ڪورٽن جو اهڙو نظام ڏنو، جو اڃا تائين سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ اها وائي وات آهي ته، ”انگريزن جي واري شينهن ۽ ٻڪري هڪڙي ئي گهيڙ تان پاڻي پيئندا هئا.“ جڏهين ته انگريزن جي اچڻ کان اڳ اهو پهاڪو مشهور هوندو هو ته، ”بادشاهن جي واري، هڪڙي هَنگي، ٻئي نهاري.“ اهي انگريز ئي هئا، جن سنڌ ۾ ريلن ۽ رستن جو ڄار وڇائڻ سان گڏوگڏ ”ڪارو ڪاري“ جي ڪُريت کي سختيءَ سان چٿڻ جي ڪوشش ڪئي، پر انهن ۽ اهڙن ٻين ڪمن کان به وڌي ڪري سنڌ کي وسيع ۽ شاندار بئريج سسٽم ڏيئي ملڪ کي سائو ستابو ڪيو ۽ ائين سنڌ ۾ بنا ڪنهن جي مٿو ڦاڙڻ جي سنڌ ۾ وڏي پيماني تي ”اقتصادي انقلاب“ آندائون. پر هاڻي پيٽ ڀرائي جو اهو عالم آهي جو جنهن به تاريخدان کي ڏسو، اهو لٺ کڻي انگريزن تي ٽٽو اچي. اهو اسان جي تاريخدانن جو تعصب ناهي ته ٻيو ڇا آهي. اسان جي انهن نالي ۾ نهال تاريخدانن رڳو حاڪمن ۽ حڪومتن جو ذڪر ڪندي يا ته قصيدا لکيا آهن يا وري مجوناما لکيا آهن، پر سنڌ جي ڪنهن به تاريخدان لڏپلاڻ، ڪرائيم، وبائن، ڏڪارن، سڪارن، پاڻيءَ جي وهڪرن، سامونڊي طوفانن، واچوڙن، زلزلن، ٻوڏن ۽ سماجي تبديلين جي ڪا به تاريخ نه لکي آهي، جو ماضيءَ مان فائدو حاصل ڪندي اڳتي لاءِ ڪجهه لکي سگهجي ته نيٺ ڇا ٿيندو. انهيءَ ڪري لاچار ٿي دل جي سوجهري تي پاڻ ٽپ ٿا ڏيون. ڏاڍن کي پڄيو ڪو نه سگهون، پوءِ هڻ جوتو هيڻي جي مٿي ۾. ڌڻي ڇٽو نوڪر ڦاٿو. ٻيا سڀ ڇٽا، نه وڃي ته اهو آبپاشي کاتي جو حاضر سروس ملازم نه وڃي، جو ڌڪ هڻڻ ۾ سولو آهي. ڪڏهين ڪنهن اهو سوچيو آهي ته انهن ملازمن (نوڪرن) پراسرار خاموشي ڇو اختيار ڪئي آهي؟ منهن تي رڪ ٻڌيو ۽ چپن تي چنو ڇو هڻيو ويٺا آهن ۽ ڦاٽن ڇو نٿا؟ پنهنجا ڪک ڇو لڪائيندا وتن؟ سنئين سڌي ڳالهه پيئي آهي ته مِٺي به ماٺ، مُٺيءَ به ماٺ. اها هڪ مجبوري آهي، ٻيو ڪجهه به ناهي. جنڊ جي ٻن پڙن جي وچ ۾ ڦاٿل آهن. مٿان داٻا ۽ هيٺان پٽون ۽ پاراتا. انهيءَ ڳالهه کي سمجهڻ لاءِ ڪنهن وڏي عربي فارسي جي ضرورت ناهي. مانيءَ جا ٻه ويلا کائڻ واري هر ماڻهوءَ کي خبر آهي ته درياهه جون ٻه لهانديون آهن. هڪڙي لهاندي اتر کان ڏکڻ طرف آهي ته ٻئي لهاندي خود درياهه اندر آهي، جنهن موجب درياهه جو ساڄو ڪپ مٿي ۽ کاٻو ڪپر هيٺ آهي، ته ڇا چيف انجنيئر کان وٺي آبدار ۽ داروغي تائين کي اها خبر نه هوندي؟ ٻين کان وڌيڪ خبر هوندين ۽ کين اها به خبر هوندي ته درياهه جون قدرتي ڇنڊڻيون ڪٿان ڪٿان ٿيون وهن ۽ ڪيڏانهن ٿيون وڃن. انهيءَ هوندي به درياهه کاٻي پاسي ٽِپ ڏيڻ جي بدران ساڄي پاسي ڇو ٽِپ ڏنو؟ حقيقت پڌري پٽ پيئي آهي ته خود درياهه ٽوڙي بند وٽان جيڪب آباد ۽ ڪنڌڪوٽ ضلعن ڏانهن ڦاٽ نه کاڌو آهي، پر درياهه کي هٿ وٺي گهارو هنيو ويو آهي. پر ڪنهن انجنيئر جي مجال آهي جو ائين ابتو گهارو وڃي هڻي. اصل ۾ اهو گهارو حڪم تحت هنيو ويو آهي، ڇو جو انجنيئر حڪم جو بندو آهي. رهيو درياهه جي بندن جو ڪمزور هئڻ ته گذريل خدا جي 35 سالن ۾ ڪنهن به حڪومت ڪڏهين به انهيءَ پاسي ڪو به ڌيان نه ڏنو آهي. جي گذريل 35 سالن ۾ ڪا به حڪومت ڌيان ڏيئي پئسا ڇنڊي ها ته ههڙو حشر نه مچي ها جو انجنيئر ذات کي اها خبر آهي ته ڪيترا پئسا بندن تي خرچ ڪرڻا آهن، ڪيترا پئسا پنهنجي کيسي ۾ وجهڻا آهن ۽ ڪيتري خرچي فنانس کاتي، ٽريزري کاتي ۽ آڊٽ کاتي وارن کي ڪرائڻي آهي. انهيءَ سان گڏوگڏ بند به اهڙا ٺاهيا وڃن ها جو پاڻيءَ جي دٻ جهلي سگهن ها. نانگ به مري ها، لٺ به بچي وڃي ها. ملازمن کي اهي گُر اچن ٿا، پر هاڻي جو ايترن سارن سالن کان پوءِ جڏهن سر مٿان اچي ٽٽي آهي ته حڪم جو بندو ڇا ڪري. انجنيئر ڪيڏانهن وڃي، اونڌن ابتن حڪمن کي پاڻي ڏئي يا پنهنجي نوڪري چٽڻي ڪرائي. اصل ۾ گذريل چئن سالن کان وٺي اڀ ڀريو بيٺو هو، انهن چئن سالن ۾ بلوچستان سان جيڪا حالت ٿي گذري، اها هر ڪنهن جي نظر ۾ آهي، تنهن کان سواءِ سنڌ توڙي بلوچستان جي جابلو علائقي مان جيڪي نئيون اٿيون، تن هڻي اتر سنڌ جا کنڌا کڻي ڇڏيا، اها ڳالهه به ڪنهن کان لڪل ناهي. خود ڪراچيءَ ۽ حيدرآباد کي جيڪو مينهن ڌڪ هنيو ۽ نوري آباد جي جبل جي نئين جيڪو ٻڙڌڪ مچائيو (جنهن ۾ خود آئون ڊرائيور ۽ سرڪاري گاڏيءَ سميت ذري گهٽ نئين جي حوالي ٿيڻ کان بچي نڪتاسين) ۽ ڪيترائي ماڻهو نئين ۾ لڙهي ويا. پاڻ وٽ هڪڙي ئي بندوق هئي قلم جي، سو هر سال ڪاوش جي هنن صفحن تي ڇوڙيندا رهياسين، پر ڪنهن به بااختيار بندي جي ڪن تائين ڪا به جونءِ پهچي نه سگهي. تنهن کانپوءِ ميرپور خاص شهر ٻڏندي ٻڏندي بچيو ۽ سانگهڙ ضلعو به ٻوڏ جو شڪار ٿيو. سو انهن گذريل چئن سالن ۾ جيڪو اڀ وسندو رهيو، تنهن کي ڪنهن نه ڪنهن وقت ڦاٽڻو هو. نيٺ هيل سال اهو اڀ ڦاٽو. رڳو انهن چئن سالن ۾ اڀ جي موڊ کي ڏسندي ڪجهه ڪجي ها ته ڪر ههڙو ويل نه ٿئي ها. پولينڊ هڪ ننڍڙو، ستايل ۽ غريب ملڪ آهي، پر اتي به زلزلي جهڙي آفت کي (جيڪا اوچتي ايندي آهي) منهن ڏيڻ لاءِ پلاننگ موجود آهي، پر اسان وٽ دير سان پهچندڙ آفت کي منهن ڏيڻ لاءِ پلاننگ جو ته ڪو تصور ئي ناهي. ظاهر آهي ته اهڙي صورتحال ۾ اڀ جا ڏنل اشارا ڪٿي ڪا ڪائونٽ ٿين. اها ڳالهه اتي ڇُٽي، وٺ وهنديءَ کي. خير، جيئن به ٽوڙي وٽان بند ٽٽو، سو ته ٽٽي چڪو. انهيءَ بند ٽٽڻ جي نتيجي ۾ جيڪب آباد کي بچائڻ لاءِ ڪيل ڪوششون پنهنجي جاءِ تي راءِ طلب هيون، پر اهو ڪٿان جو انصاف آهي جو يارن جا سور ٻارن مان ڪڍڻ لاءِ کنڌيون هڻي اڳ ۾ ئي ڏکويل بلوچستان کي ٻوڙجي. ڇا بلوچ، اسان جا ڀائر ناهن؟ جيڪي اڳ ۾ ئي ٻرگهلن جيڏا ڦَٽَ جهليو ويٺا آهن، جن کي ڏيئي وٺي ٿورو گهڻو اعتبار سنڌ ۾ ئي آهي. حقيقت ته اها آهي ته بلوچن کي ٻوڙڻ سندن ڦٽن تي لوڻ ٻرڪڻ جي برابر آهي. ٻيلي ائين نه ڪريو، جو سڀاڻي ڀائر ڀائرن جو نه رهي. انجنيئر هجن يا ڊي سي او، ڊي پي او هجن، آهن ته حڪم جا بندا، پر پڙهيا لکيا ماڻهو آهن، جن کي اها خبر آهي ته بين الاقوامي ضابطن موجب وڏيءَ ٻوڏ جي صورت ۾ ڪٿان به، ڪنهن به وهڪري کي ايستائين وَڍُ نه هڻڻو آهي، جيستائين اهو وَڍُ پاڻيءَ کي ڇڪي ڪنهن درياهه يا سمنڊ يا وري ڪنهن رڻ پٽ، وارياسي ۽ ويران علائقي ڏانهن روانو نٿو ڪري يا وري ڪنهن قدرتي ڇنڊڻ ڏانهن پاڻي نٿو وري ۽ گهڻي نقصان ڪرڻ جي بدران تمام گهٽ نقصان نٿو ڪري. جديد تحقيق موجب اڳي جنهن شيءِ کي ”قدرتي آفت“ چيو ويندو هو، اها ٻئي عظيم جنگ کان پوءِ هاڻي ”انسان جي آندل آفت“ بڻجي چڪي آهي. اڳي ماڪڙ قدرتي آفت هوندي هئي، پر هاڻي اها آفت انسان جي هٿ وس اچي ويئي آهي، جو ماڪڙ اٿڻ کان اڳ هيلي ڪاپٽرن ذريعي ڦوهارو ڪري ختم ڪري سگهجي ٿي. اڳي وبائون قدرتي آفت هونديون هيون، پر هاڻي دوائن ذريعي انهن جو خاتمو آڻڻ سولو ٿي پيو آهي. هن دور جي وڏي ۾ وڏي وبا ايڊز آهي، پر انهيءَ کي ماڻهوءَ تائين پهچڻ کان اڳواٽ جا طور طريقا نڪري آيا آهن، تنهن کان علاوه ايڊز جي وئڪسين اڃا پنڌ ۾ آهي ۽ جلد ئي پهچي ويندي. سڀني کان اوچتي، سيڪنڊن جي حساب سان تيزيءَ سان ايندڙ ۽ خوفناڪ ترين قدرتي آفت زلزلو رهي آهي، پر هاڻي جپان ۾ روزانو لڳ ڀڳ ٻه ٽي ڀيرا زلزلو اچي ٿو، پر جپان جي اڳواٽ رٿابنديءَ جي ڪري اهي زلزلا نقصان نٿا پڄائين. جي بنهين وڏو زلزلو به ايندو آهي ته ڏيئي وٺي 50 يا 100 ماڻهو مرن ٿا. آباديءَ جي لحاظ کان جپان اهڙو ملڪ آهي، جو ماڻهو ماڻهوءَ جي مٿان سٿيو پيو آهي، پوءِ به بچاءُ موجود آهي. انهيءَ صورتحال کي ڏسي پاڻ کي آمريڪا جو مشهور سائنسدان ڪارل ساگان مرحوم ياد ٿو اچي ٿو، جيڪو ناسا جي سائنسي اداري ۾ ويهي ڪائنات تي ريسرچ ڪندو هو. سندس آخري ڪتاب Billions and Billions ۾ هو لکي ٿو ته، ايندڙ ٽن چئن ڪروڙن سالن ۾ ڪو به گرهه يا تارو زمين سان ٽڪرائجي ڪا به تباهي ڪو نه آڻيندو پر خود حضرت انسان جون حرڪتون ڪنهن به وقت هن ڌرتيءَ جو خاتمو آڻي سگهن ٿيون، جڏهين ته سنڌ ۾ آيل ٻوڏ ايترو نقصان نه ڪري ها، جي سمجهه، ٿڌائي ۽ صبر کان ڪم وٺجي ها ۽ پنهنجي ئي مُٽ ۾ ترڪي نه ڪرجي ها ۽ درياهه جي الهندئين حصي ۽ اتر ۾ هالي ووڊ جي ڪنهن ايڊوينچر فلم جو ڪردار بڻجڻ جي ڪوشش نه ڪئي وڃي ها. بابا، اهڙا ايڊوينچر فلم جو حصو ته بڻجي سگهن ٿا، پر سرزمين جون حقيقتون فلم کان بنهين الڳ آهن. ڪنهن جي دل رکڻ لاءِ چوڻ لاءِ گهڻو ئي ڪجهه چئي سگهجي ٿو. اها ڳالهه به دل رکڻ لاءِ چئي ويئي آهي ته موجود ٻوڏ سوناميءَ کان به وڏي آهي. ظاهر آهي ته ڏٽا ڏيڻ تي ته ڪا ڍل ته ڪا نه ٿي لڳي. پر اصلي حقيقت اها آهي ته سونامي اسان وٽ آيل ٻوڏ کان سوين ڀيرا خطرناڪ هئي. سونامي بروقت جيترا ماڻهو ماريا ۽ جيتريون بلڊنگيون ڪيرايون ۽ جيترن ملڪن کي ڌڪ هنيو، انهيءَ جو شمار ڪبو ته پوءِ ڳالهه پري وڃي ٽٽندي. پر سونامي اچڻ کانپوءِ انسان جيڪا حڪمت عملي اختيار ڪئي ۽ رهيءَ کهيءَ جي نقصان جو جيڪو ازالو ڪيو، اهو اسان لاءِ هڪ سبق بڻجي سامهون آيو هو ته درياهه جي چاڙهه کي ڪيئن منهن ڏجي. پر اهڙيون ڳالهيون اسان لاءِ ائين آهن، جيئن مينهن مٿان پاڻي پيو ۽ مينهن ڇنڊڪو ڏيئي پاڻي پنهنجي پٺيءَ تان ڇنڊي ڇڏيو. اسان ماڻهو اڃا انهيءَ Hang up جو شڪار آهيون ته ٻين کي ٻوڙي پنهنجو پاڻ کي ۽ پنهنجي ملڪيت کي بچايو. انهيءَ Hang up ۾ هوندي اسان اهو وساري ويهي رهياسين ته لکا ماڻهو وڃي ٻڏن ته ڀلي وڃي ٻڏن، اربين کربين رپين جي ملڪيت هلي وڃي ته ڀلي هلي وڃي. جيڪو پاڻي پهرئين جيڪب آباد ۽ پوءِ شهدادڪوٽ کي بچائڻ لاءِ هٿ سان گهارا هڻي مختلف رخن ڏانهن ڇنڊيو ويو، اهو ساڳيو پاڻي هتان هُتان ڦري گهري لکين ماڻهن جي ڀينگ ڪندو نه رڳو واپس اچي منهن ۾ لڳو، پر گڏوگڏ ڏکڻ طرف ڦهلجڻ لڳو ۽ وڏي ڇر ۾ تبديل ٿيڻ لڳو. اهو پاڻي جڏهن شڪارپور ڏانهن وڌڻ لڳو ته اتان جي چڱن مڙسن ٻيو ته ٺهيو، مورڳو ريل جي پٽڙيءَ کي اکوڙي گهارا هنيا ته ڀلي وڃي ننڍا شهر، ٻهراڙيءَ جا ڳوٺ، ماڻهو، فصل ۽ مال وڃي ٻڏن، پر اسان بچي وڃون. ڪنهن به اهو نه سوچيو ته ٽوڙي وارو گهارو ڏينهون ڏينهن ويڪرو ٿيندو ٿو وڃي، جيڪو کين به ٻوڙي سگهي ٿو. مٿان وري اهڙا بيان به اچي ٽٽا ته سنڌ جا شهر بچائيو. ٻين اکرن ۾ ائين کڻي چئون ته ٻهراڙيءَ جا ڳوٺ ڀلي وڃي ڊهڙ ۾ پون. سچ ڪري پڇو ته اهو گهرو فلسفو ۽ ٿيوري پاڻ کي سمجهه ۾ نه آيا. اهو انهيءَ ڪري جو سڄي ملڪ ۾ شهرن ڏانهن جيڪا به سپلاءِ لائين ٿي اچي، اها ٻهراڙين مان ئي ٿي اچي. پوءِ اهو اناج هجي، کير هجي، ڀاڄي ڀُتي هجي، مرچ مصالحا هجن، ميوات جي افرادي قوت هجي، اچڻ وڃڻ لاءِ روڊ رستا ۽ ريلوائي هجي يا کڻي فون، گئس ۽ بجليءَ جون تارون هجن، جي اها سپلاءِ لائين ٽٽي ٿي وڃي ته شهرن جي ٻيٽن ۾ ويٺل ماڻهو مِٽي ڦڪيندا نظر ايندا ۽ ڊاڪٽر جو هٿ به ڪو نه رسندن. سنڌو درياهه جو الهنديون حصو اهڙين عجيب و غريب ٿيورين جي رهڙي ۾ اچي جيڪب آباد کان وٺي ڪوٽڙيءَ تائين هڪ اهڙي ڇَرَ بڻجي چڪو آهي، جنهن جي ڪا به ڪنڌي نظر نٿي اچي. انهيءَ ڇر جي وچ ۾ جيڪي شهر بچايا ويا آهن، انهن شهرن ۾ ڪجهه وقت کانپوءِ کاڌي پيتي جون شيون ڏينهون ڏينهن اڻ لڀ ٿينديون وينديون. تان جو شهرن جي سِرَ سِرَ سان وڃي لڳندي ۽ ماڻهن کي پنهنجا ئي گهر کائڻ ايندا. جابلو پٽيءَ کي ڇڏي ڪري الهندينءَ سنڌ ۾ Catch 22 جي صورتحال بڻجي چڪي آهي ۽ ڪنهن کي ڪا خبر ناهي ته هو پاڻ ۽ ٻيا ماڻهو ڪهڙي دڳ سان لڳل آهن. انهيءَ سڄي Catch 22 واري صورتحال ۾ جنهن ماڻهوءَ پنهنجا حواس برقرار رکندي، ڊگهيءَ نظر کان ڪم وٺندي ۽ وڏي دل ڌاريندي پنهنجي ڪروڙين اربين رپين جي قبولي ۽ حقي واجبي مال ملڪيت داءَ تي هڻي ٻيءَ سنڌ کي بچائڻ جي وس آهر ڪوشش ڪئي، اهو ڪو ٻيو نه، پر 1983ع ۾ هلندڙ ايم آر ڊي تحريڪ جو هيرو محترم غلام مرتضيٰ جتوئي آهي. غلام مرتضيٰ خان ڪالهه به هيرو هو، اڄ به هيرو آهي ۽ سڀاڻي به هيرو رهندو. جيڪي پنهنجي ديس لاءِ ڪَسُ کائيندا آهن، اڳو پوءِ جيت انهن جي هوندي. پاڻ ڳچ وقت کان پئي سوچيو ته Dark horse ڪير ٿو ٿئي سگهي. هاڻي وڃي خبر پيئي اٿئون ته ڪاري گهوڙي جو ڌڻي نيٺ اوندهه مان نڪري روشنيءَ ۾ لهي آيو آهي، جنهن کي غلام مرتضيٰ جتوئي چوندا آهن. هاڻي اڳيان اوندهه نه رهي آهي. دل جو سوجهرو ته ائين ئي ٿو چوي، باقي رب ڄاڻي ته رب جي ذات ڄاڻي. اسان جا ماحوليات جا ماهر اها وائي وات لڳايو ويٺا آهن ته گلوبل وارمنگ جي ڪري گليشيئر ڳري رهيا آهن. انهن يارن مان ڪنهن به ڪو گليشيئر نه ڏٺو آهي، جي ڏسن ها ته ڍڪرجي پون ها. پاڻ به اسلام آباد کان بيجنگ ويندي رڳو دريءَ مان اهي بلائون ڏٺيون آهن. انهن گليشيئرن مان هڪڙو هڪڙو گليشيئر اهڙو آهي، جو جيڪڏهن ڳري پوي ته سڄو ايشيا ۽ سڄو اوڀر يورپ پاڻيءَ جي اهڙي رهڙي ۾ اچي وڃي جو ڦُڪ به نه بچي. پر گلوبل وارمنگ واري گرمي ايندڙ هزار سالن تائين ڪنهن به گليشيئر کي ڳاري نه سگهندي، جو هڪ ته اهي گليشيئر هيٺان کان وٺي مٿي تائين ڪاٽو 20 سِي سي (-20 cc ) کان ڪاٽُو 30 سي سي (-30cc) تائين جي پد ۾ پاتا وڃن ٿا. ٻئي ڳالهه ته اهڙي برف ڪٿي به هجي ته اها گرميءَ جي ڪري نه ڳرندي آهي. اها حقيقت پڌري ڪرڻ لاءِ تمام معمولي تجربي جي ضرورت آهي، جيڪو بنا ڪنهن لئبارٽري جي ڪري سگهجي ٿو. ڇا ڪريو جو جِست جو گلاس پاڻيءَ سان ڀري فريزر ۾ رکي ڇڏيو، جڏهين برف ڄمي وڃي ته اهو گلاس اونڌو ڪري مٿان سيڪ ڏيو، پر گرمي کائڻ کانپوءِ به برف جو ڳوڙهو هيٺ ڪو نه ڪرندو. پر جي گرميءَ جو تئه ڏيڻ جي بدران ساڳئي گلاس مٿان ٿڌو پاڻي هاريندئو ته برف جو ڳوڙهو ٿوهه اچي هيٺ ڪندو. پوءِ به ساڳئي برف جي ڳوڙهي کي پاڻيءَ ۾ وجهندئو ته پوءِ وڃي برف ڳرندي. مطلب ته برف کي گرميءَ جي بدران مينهن جو پاڻي ڳاريندو آهي، پر جنهن ٽيمپريچر ۾ گليشيئر هوندو آهي، جي انهيءَ مٿان به مينهن وسندو ته اهو پاڻيءَ جي ڦڙن جي بدران ڪپهه جي پوڻيءَ جهڙي نرم برف بڻجي گليشيئر مٿان ڪرندو رهندو ۽ گليشيئر مٿان ٻئي برف ڄمندي ويندي. سو مهرباني ڪري گليشيئر جي ڳرڻ جو ڊپ ڏيڻ کان پاسو ڪيو وڃي. پر اصل حقيقت اها آهي ته جڏهين به سياري جي مند ۾ جبلن تي جنهن سال معمول کان گهڻو سيءُ پوندو آهي ته اوتري ئي گهڻي برف ڄمندي آهي. اهي جبل وڏن گليشيئرن کان هيٺ آهن، پوءِ جڏهين وسڪاري جي مند ايندي آهي ته انهيءَ ڄميل برف مٿان مينهن وسندو آهي ته اها برف ڳري مختلف هنڌن تان پاڻيءَ جي وهڪرن جي صورت ۾ سنڌو درياهه ۾ ڪرندي آهي ۽ پوءِ اڳ ۾ ئي وهندڙ پاڻيءَ ۾ شامل ٿي درياهه کي ايڏي وڏي ڀرپ ڏيندو آهي جو درياهه معمول کان وڌيڪ وهڻ لڳندو آهي ۽ مستيءَ ۾ اچي ويندو آهي. جن وهڪرن جو مون ذڪر ڪيو آهي، اهي وهڪرا تبت، لداخ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي جبلن مان اٿي درياهه ڀيڙا ٿيندا آهن. جڏهن عطا آباد ڍنڍ جو مامرو پيدا ٿيو هو، انهن ئي ڏينهن ۾ اسان جي محقق دلشاد سينيئر ڀٽو هنن ئي صفحن ۾ سنڌ وارن کي ڪن کڻائيو هو، پر حڪومت جي ڪنهن به ڪارندي انهيءَ ڳالهه تي ڌيان نه ڏنو ۽ اهي انهيءَ رڙ تي ڌيان ڏيڻ جي بدران مدي خارج رٽائرڊ انجنيئرن جون خوش ڪندڙ پيشنگوئيون ٻڌي ٽڙندا رهيا ته ڇهه لک ڪيوسڪ کان پاڻي مٿي ڪو نه چڙهندو. جيڪي تجربا نئين ريسرچ کان خالي هوندا آهن، انهن جو حشر اهو ئي ٿيندو، جيڪو ٿي چڪو، پر اڃا تائين به سرڪار اهڙن ماڻهن کي چنبڙي پيئي آهي. ڀلا دلشاد ڀٽو ڇٽو ته گهٽ ۾ گهٽ انڊين ريسرچ تي ڌيان ڏنو وڃي ها، جتان جي ٽن صوبن هر هڪ بهار، جهار کنڊ ۽ اولهه بنگال ۾ هر سال ٻوڏ ايندي رهندي آهي، ايڏانهن به ڪنهن ڌيان نه ڏنو. بابا هي دور مٿان کان پيرا کڻڻ جو دور آهي، فوٽ پٽين کان قصو اڳتي وڌي چڪو آهي. سو ٻوڏ جو وڏو ڪارڻ ته اهو ئي هو. مٿان جو وري پختونخوا ۾ جيڪو اڀ ڦاٽو Cloud burst))، تنهن جي پاڻيءَ به سنڌو درياهه ڏانهن رخ ڪيو، پر پوءِ به وڏو ڪارڻ مٿي ڄاڻايل وهڪرا هئا، جن جو ڏهو (Double figures) موٽي آيو آهي. يعني ته جيترا سال سوڪهڙي جا گذريا، هاڻي ايترا ئي سال چئوماسو پنهنجو رنگ ڏيکاريندو رهندو، پوءِ ڪڏهين گهٽ ته ڪڏهين وڌيڪ. هي هڪڙا سرڪلس آهن، جيڪي گول وانگر ڦري وري اچي ساڳئي هنڌ بيهندا آهن. اڳي جيڪو چئوماسو 15 آگسٽ تي ختم ٿيندو هو، اهو هاڻي کسڪي وڃي 15 سيپٽمبر تي بيٺو آهي. انهيءَ ڪري اڃا امڪان بيٺا آهن ته سنڌو درياهه جي مٿئين شروعاتي گذرگاهه وارن هنڌن تي مينهن پوي. هڪڙي ته ٿئي اها ڳالهه، ٻئي ڳالهه اها آهي ته ڀارت وارن چناب درياهه ۾ ايترو پاڻي ڇڏيو آهي جو تعليم جو مرڪزي وزير ٽوپلو پائيو ٻيڙين تي پيو گهمي ۽ رڙ پيئي پويس ته کين ڀارت وارن ٻوڙي ڇڏيو آهي. ٽئين اها ڳالهه ته اڄ جڏهين هيءُ مضمون پيو لکان ته ڪي ٽي اين ۽ ڪاوش جي لاهور واري رپورٽر امداد سومري راوي درياهه ۾ بنهين گهڻو پاڻي اچڻ جو اطلاع ڏنو آهي. ائين لداخ کان هيٺ وهندڙ وهڪرا، چناب ۽ راويءَ جي واڌ گڏجي ڪري ٽيون وهڪرو آڻي سگهن ٿا. باقي نجوم جو علم پاڻ ڪو نه ڄاڻون ته ٽيون وهڪرو ڪيتري سطح جو ۽ ڪيتري وقت تائين هلندو. بس ايترو چئي سگهجي ٿو ته، ايندڙ ڪجهه سال سنڌو درياهه ڪڏهين گهٽ ته ڪڏهين وڌ ٻڏيءَ جا ٻيڻا ڪندو رهندو. ڪن يارن وري اهو هل هلايو آهي ته هن سال واري ٻوڏ 1942ع واري ٻوڏ کان گهڻي آهي، جڏهين ته حقيقت انهيءَ جي ابتڙ آهي. 1942ع واري ٻوڏ هن ٻوڏ کان گهڻو مٿي هئي، پر هڪ ته انهيءَ وقت ايڏي گهڻي آبادي ڪا نه هئي جو انساني نقصان نظر اچي، ٻيو ته انگريزن هوشياريءَ کان ڪم وٺندي مٿان کان هيٺ تائين ڪيتريون ئي پاڻيءَ جون ڇنڊڻيون آجيون رکيون هيون. وڏي ۾ وڏي ڇنڊڻ روهڙيءَ وٽان ڇڏيل هئي، جيڪا اڇڙي ٿر جو ڪس وٺي، اڇڙي ٿر جون ڪيئي ڍنڍون ڀريندي سانگهڙ ضلعو ٽپي وڃي ٿرپارڪر ۽ ميرپورخاص وارو ڪس وٺي وڃي بدين ضلعي کان ڏکڻا ٿرپارڪر ضلعي ۾ ئي سمنڊ ۾ وڃي ڇوڙ ڪندي هئي. سنڌو درياهه جو اڌ پاڻي ته اها ڇنڊڻ کڻي ويندي هئي. ٻئي وڏي ڇنڊڻ لاڙ ۾ هوندي هئي، جيڪا ڍنڍون ڍورا تار ڪندي وڃي رڻ ڪڇ ۾ ڪرندي هئي. ٽئي وڏي ڇنڊڻ سنڌو درياهه جي ڊيلٽا جون ست ڇاڙون هونديون هيون، جيڪي ڪراچيءَ وٽان وڃي سمنڊ کي ٻک وجهنديون هيون. ننڍيون ننڍيون ڇنڊڻيون انهن کان علاوه هيون. انهن مان هڪڙي ننڍي ڇنڊڻ ته لاڙڪاڻي شهر وٽ ڇوڙ ڪندي هئي. هاڻي انهن ڇنڊڻين جو ڪو ڏس پتو نٿو پوي. ڊاڪٽر عارف حسن هڪ معتبر اسڪالر آهي، ڊيلٽا جي باري ۾ سندس ڪيل ريسرچ سنڌو درياهه جي ڇوڙ جو هڪ دلچسپ باب آهي. سندس ريسرچ مطابق ڊيلٽا جون جيڪي ست ڇاڙون هيون، انهن مان ڇهه ڇاڙون ڪراچي شهر جي هيٺان اچي ويون. البته ڪجهه سال هڪ ڇاڙ هڪ نالي وانگر وهندي هئي، جيڪا پوءِ گٽر جي لائين ۾ تبديل ٿي ويئي، ائين اهو سلسلو ختم ٿيو. هاڻي ته اهي اطلاع پيا ملن ته سنڌو درياهه ٺٽي ضلعي ۾ کاري ڇاڻ ۽ ڪيٽي بندر وٽان سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪندو، پر ايندڙ سائي ڏهي (لڳ ڀڳ ٻاويهه سال) ۾ سنڌو درياهه ڪٿي ڇوڙ ڪندو، اها خبر نٿي پوي. تنهن ڪري منجهي پيا آهيون ته نيٺ ڇا ٿيندو؟ ڪجهه نه ڪجهه ٿيندو يا گهڻو ڪجهه ٿيندو. وقت نه تنهنجو مائٽ نه منهنجو مائٽ. وقت ته درياهه شاهه کان به وڏو بادشاهه آهي.
جواب: نيٺ ڇا ٿيندو؟ ادا الله رحم ڪندو مان سائين نثار جن جي ڪهاڻي ۾ پڙهيو هو ته وقت گذري ويندو آهي۔۔۔۔۔ڪڏهن ڏک ته ڪڏهن سک۔
جواب: نيٺ ڇا ٿيندو؟ سائين هي ليک سمورو پڙهيم۔۔ اسان بي عقلن جي اکين کي کولڻ جي لاءِ ڪافي آهي۔۔۔ گليشيئر، سنڌو ۽ موسمن جي ڦير گهير جي حساب سان جيڪو ڪجهه عبدالقادر جوڻيجو صاحب لکيو آهي اهو بلڪل صحيح لکيو آهي۔۔ واقعي سنڌو درياءَجي وهڻ جو جيڪڏهن هڪڙو ئي رستو هوندو ته پوءِ يا ته درياءَ جو پيٽ ميلن ۾ هجڻ گهرجي يا وري سائين جي ڳالهه وانگر مختلف ڇنڊڻون ٺهيل هجن جيڪي ڍنڍن ۽ ترائين کي تر ڪنديون وڃي سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪن۔
جواب: نيٺ ڇا ٿيندو؟ ادا هي آرٽيڪل تمام بهترين آهي سنڌ جي تاريخ جي حوالي سان به مجوده صورتحال سان به وقت ملو ته هن کي گور سان پڙبو مهرباني ونڊ ڪرڻ جي