هن ٻوڏ ۾ ڇا ڇا ٻڏڻ گهرجي؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏25 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    هن ٻوڏ ۾ ڇا ڇا ٻڏڻ گهرجي؟​

    اشفاق آذر

    جيتوڻيڪ درياءَ جي هن بي رخي ۽ ڪاوڙ جا ذميوار رڳو چند ماڻهو آهن، پر توهان ڏسو ته درياءَ پنهنجي دوستي ۽ دشمني برابري سان ورهائيندو آهي، هو ڪا تفريق ناهي رکندو. هن ديس جا جهونا به ڪنن کي هٿ هڻي چون ٿا ته هنن اهڙي ٻوڏ اڳ ڪڏهن به ناهي ڏٺي. جن جي درياءَ سان سنگت ڪيترن ئي ڏهاڪن تائين محيط آهي، اهي به هيل درياءَ جي دهشت کان خوفزده آهن. هي قصو ٽوڙي بند کي لڳل/ هنيل گهاري کان شروع ٿيو ۽ پوءِ هر گذرندڙ ڏينهن پاڻ سان گڏ ٻوڙ ٻوڙان جا ڪيترائي داستان کڻي ايندو رهيو، اهو سلسلو اڃان تائين جاري آهي. هن ٻوڏ ڇا ڇا نه ٻوڙي ڇڏيو آهي، ماڻهن جا ڪچا گهر، گهرن جا اڱڻ. اڱڻ ۾ وکريل ننڍپڻ جون يادون، رانديون کيڏڻ جا ميدان، اهي گهٽيون، جن تي هاڻ پيرن جا نشان به ناهن رهيا، مال مويشي، هنڌ ٽپڙ، اکين جو نور نچوئي ٽاڪيل رليون، ڦڙي ڦڙي ڪري گڏ ڪيل متاع....جيڪي بچيو سو سکڻا سر هئا، جيڪي کڻي ماڻهو ڪي ڪيمپن تائين پهتا، ڪي اڃان دربدر آهن.

    گڊو کان ڪشمور، ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، شڪارپور کان ويندي شهدادڪوٽ پير جو ڳوٺ کان ويندي مانجهند تائين هزارين ڳوٺ آهن، جن ۾ رهندڙ لکين ماڻهو پنهنجي ئي وطن ۾ بي وطن آهن. هن ٻوڏ ڀلي ڀت سرڪاري اهليت جي پت وائکي ڪري ڇڏي آهي، هاڻي ماڻهن کي چڱي ريت اهو اندازو ٿي چڪو آهي ته سرڪار هنن جي لاءِ ڇا ڇا ڪري سگهي ٿي؟ سرڪار کين نه رڳو خطري کان اڳ آگاهي نٿي ڏيئي سگهي، کين محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل نٿي ڪري سگهي، سندن لاءِ بروقت ڪيمپن جو بندوبست نٿي ڪري سگهي پر سندن سار سنڀال به نٿي ڪري سگهي. ڪجهه آفيسرن کي ڇڏي ڪري عوام جي ئي ٽيڪسن جي پيسي مان ڳرين پگهارن ۽ مراعاتن تي رکيل ڪامورن توڙي لاڳاپيل ادارن جي عملدارن جي ڪارڪردگي تي هن ٻوڏ جي پاڻي چڱي نموني پاڻي ڦيري ڇڏيو. حالت اها رهي ته وزير هجن يا ڪامورا سڀ پاڻي جي پويان ڊوڙندا رهيا ۽ پاڻي کين ڊوڙائيندو رهيو، پوءِ جنهن کي جتان سمجهه ۾ پئي آيو، اتان پاڻي کي ڪٽ ڏيڻ شروع ڪري ڏنائون. هڪ علائقي کي بچائڻ لاءِ ٻيا علائقا ٻوڙڻ شروع ڪري ڏنائون. توهان غور ڪيو ته پاڻي ايترو ناهي ٻوڙيو، جيترو انهن همراهن جي ”عقل ۽ دورانديشي“ انهن علائقن کي ٻوڙيو آهي. اهو ياد ڪرڻ کانسواءِ ته پاڻي پنهنجا گس پاڻ ٺاهيندو آهي هو ڪٽ لڳائيندا ويا، نتيجي ۾ ڳوٺ ۽ شهر ماڻهن کان خالي ٿيندا ويا، ماڻهن جون مال ملڪيتون پاڻي جي قبضي هيٺ اچي ويون ۽ سرنديءَ وارن وڏن شهرن ۾ قائم ڪيل بنگلن ۾ پناهون وٺي خلق کي چورن، لٽيرن ۽ بي رحم لهرن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو. ماڻهو ڀڳڙن مٺ تي پنهنجا زيور ۽ ڳهه ڳٺا کپائي ٽرانسپورٽ جا ڳرا ڀاڙا ڀري نڪرڻ لڳا ۽ سرڪار اهي اعلان ڪندي رهي ته ماڻهو پنهنجي مدد پاڻ تحت نڪري وڃن! هينئر به ڪيترن ئي علائقن ۾ ماڻهو ڦاٿل آهن جن لاءِ ڪا واهر ڪانهي. هنن کي پاڻي نه، پر بک ماري رهي آهي! توهان نٿا سمجهو ته هن ٻوڏ ۾ سرڪار جي اها ”گڊ گورننس“ به لڙهڻ گهرجي؟

    هن پاڻي نه رڳو آبپاشي کاتي جي ”بند مينوئل“ کي ٻوڙي ڇڏيو آهي پر کين اهو به يادگيرو ڏياريو آهي ته جڏهن درياءَ سان کئونس ڪئي ويندي آهي ته درياءَ جو انتقام ڪنهن به بند يا ڪٽ کي مڃڻ جو محتاج نه هوندو آهي. هن ٻوڏ ۾ جيڪڏهن ٻڏڻ گهرجي ته آبپاشي کاتي جي عملدارن جي اها بي حسي ٻڏڻ گهرجي، جيڪا هو بندن سان روا رکندا آيا آهن، سندن اها غفلت لڙهڻ گهرجي، جنهن جي ڪري اڄ سنڌ کي ڏکيا ڏينهن ڏسڻا پئجي رهيا آهن. سندن اها روش لڙهڻ گهرجي، جنهن ۾ هو نوڪري بچائڻ کي ترجيح ڏيڻ بدران بندن ۽ ڪنارن کي بچائڻ تي ڌيان ڏين، هن ٻوڏ ۾ هنن جي سرڪاري جي حضوري ۽ ها ۾ ها ملائي ماڻهن کي حقيقت کان بي خبر رکڻ وارو رويو ٻڏڻ گهرجي. توهان کي ٽي وي اسڪرين ۽ اخبارن ۾ ڪيترائي اهڙا بيان ڏسڻ ۽ پڙهڻ لاءِ مليا هوندا، جنهن ۾ غلط تجزيا، سڀ خير هجڻ جون دعوائون ۽ ميڊيا کي هراس نه پکيڙڻ جون هدايتون ٿيل هونديون پر پاڻي انهن سمورين دعوائن ۽ تجزين کي غلط ثابت ڪري ڏيکاريو. هن ٻوڏ جي پاڻي ۾ هاڻي اها ”سرڪاري حقيقت پسندي“ به ٻڏڻ گهرجي.

    جيڪڏهن اهو سوچجي ته هن ٻوڏ کان اڳ واري سنڌ ڪيئن هئي ته اها قبائلي جهيڙن ۾ ورتل نو گو ايرياز واري سنڌ به هئي، اتر سنڌ جا اهي علائقا جتي برادرين جا هٿياربند هڪٻئي جي علائقن ۾ وڃڻ کان لنوائيندا هئا، پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ مورچا بند ٿي رهندا هئا، انيڪ برادرين جا سردار پنهنجي انا ۽ ضد سبب انهن قبائلي جهيڙن کي هٿي ڏيندا هئا، سرڪاري سرپرستي ۾ جرڳا ٿيندا هئا، خير ٿيڻ بعد وري رتوڇاڻ ٿي ويندي هئي، ويگنن، بسن ۽ ٽريڪٽر ٽرالين مان ماڻهن کي لاهي گولين جو بک بڻايو ويندو هو. انهن ئي نو گو ايرياز ۾ ٻوڏ جي پاڻي نه رڳو داخل ٿي ڏيکاريو، پر انهن برادرين کي بي دخل ٿيڻ تي پڻ مجبور ڪري ڇڏيو. پاڻي لاءِ ڪوبه نو گو ايريا نه هوندو آهي، پاڻي پنهنجا ايريا پاڻ طئي ڪندو آهي. ڪوئي ٻڌائي ته ڇا پاڻي اهو فرق رکيو ته فلاڻو اوڳاهي آهي، تيغاڻي، لنڊ، بوزدار، مهر، جتوئي آهي يا ڪو ٻيو...ڇا پاڻي اها تميز رکي ته فلاڻي برادري جي ڳوٺن ۾ داخل ٿيڻو آهي ۽ فلاڻي برادري کي بخش ڪري ڇڏڻو آهي..؟ پاڻي سڀني سان برابري جو سلوڪ ڪيو. اهي ماڻهو جيڪي هڪٻئي جي ڳوٺن ڏانهن منهن نه ڪندا هئا، سي پنهنجا سر بچائي هڪٻئي سان گڏجي ٻوڏ مان نڪتا. مون کي خبر ناهي ته جڏهن ٻوڏ جو پاڻي لهندو ۽ سمورين برادرين جا ماڻهو پنهنجي پنهنجي ڳوٺن ڏانهن واپس ورندا ته ڇا وري هو ساڳين ئي نو گو ايرياز ۾ قيد ٿي ويندا، ڇا وري هنن جي زندگي ۾ سردارن جي انا رڪاوٽ بڻجي ويندي؟ پر منهنجي خيال ۾ هاڻي وقت آهي ته هو درياءَ مان سبق سکن ۽ هن ٻوڏ جي پاڻي ۾ اهو ضد، اهي قبائلي جهيڙا، اهو جرڳائي نظام ۽ اهي فرسوده ريتون رسمون به لوڙهي ڇڏين، جن ورهين کان هن سماج کي انساني، اخلاقي قدرن کان کوکلو ڪري ڇڏيو آهي. هاڻ جڏهن اهي ماڻهو واپس پنهنجي تر موٽين ته اسان کي اهي منظر ڏسڻ ۾ اچن ٿا ته انهن برادرين جي ماڻهن جي هٿن ۾ هٿيارن بدران ڪوڏرون ۽ تغاريون هجن ۽ بنا فرق جي هڪٻئي جي گهرن جي تعمير ۾ حصو وٺن. اسان کي اهي به منظر ڏسڻ ۾ اچن ته سمورين برادرين جا سردار بنا ڪنهن تفريق جي ماڻهن جي مدد ڪري سگهن. اها مدد جيڪا هو ٻوڏ کان اڳ نه ڪري سگهيا، تنهن کي هو پنهنجو ڪفارو سمجهي ادا ڪن، جن ڪاٽڪوئن کي هو پنهنجي پناهه ۾ رکندا آيا آهن، تن کان دستبردار ٿين ۽ جيڪي به قبائلي جهيڙا هلندڙ آهن، تن جي هميشه لاءِ خاتمي جو اعلان ڪن.

    هن ٻوڏ هاڻي يادگيري ۾ فقط پاڻي جي تيز وهڪرن، لڙهندڙ لوڙهن، پاڻي ۾ ڦاٿل ماڻهن جي صدائن، ڪيمپن ۾ سٿيل بيمارين وگهي مرندڙ ماڻهن جي داستانن کان سواءِ ڪجهه ناهي ڇڏيو. سنڌ جي ڳوٺن مان ٿيندڙ هجرتن جا منظر ڄڻ ته هڪ نئين تاريخ رقم ڪري رهيا آهن. 47ع کان پوءِ ورهاڱي سبب جيئن سنڌ جي شهرن جي ڊيموگرافي تبديل ٿي، امن ۽ سڪون برباد ٿيو، قبضا خوري، ڀتا خوري جا نوان داستان جنم وٺڻ لڳا، تن ڄڻ ته ڌرتي ڌڻين کي پنهنجي ئي ديس ۾ اجنبي بڻائي ڇڏيو. هاڻي هي ٻوڏ لڏپلاڻ جا نوان منظر ڏيکاري رهي آهي. انهن ئي شهرن ۾ جتي ڪڏهن سنڌين جي اڪثريت هوندي هئي، تن جي سيني تي اردو جي محاوري وانگر ”سانپ لوٽ رهي هين“، مختلف طريقن سان کين تنگ ڪرڻ جو سلسلو به جاري آهي ته هڪ خاموش مهم به هلندڙ آهي ته ڪنهن طريقي سان انهن ٻوڏ متاثرن کي انهن شهرن ۾ آباد ٿيڻ کان روڪيو وڃي ۽ جيڪي اچي چڪا آهن، تن جي جلد کان جلد واپسي ممڪن بڻائي وڃي. توهان جيڪڏهن خبرداري سان مختلف چينلن جو جائزو وٺندئو، اخباري خبرن کي ڌيان سان پڙهندئو ته سڄي ڳالهه سمجهه ۾ اچي ويندي. توهان ان رويي جي هڪ جهلڪ ڪراچي جي مروت باغ ۾ ٿيندڙ واقعي مان به ڏٺي هوندي ته مختلف چينلس تي سيڪيورٽي ادارن جي سربراهن سان منسوب ڪيل بي بنياد بيانن مان به اندازو لڳائي سگهو ٿا، جنهن ۾ ٻوڏ متاثرن جي آمد ڪراچي ۾ روڪڻ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. سنڌ جي وڏن شهرن ۾ قائم ڪيمپن ۾ متاثرن جي زندگي ان حد تائين مشڪل بڻائڻ واري روش هلي رهي آهي ته جيئن اهي تنگ ٿي جلد کان جلد پنهنجي ڳوٺن ڏانهن واپس وڃڻ جو مطالبو ڪن، اهي ڳوٺ جيڪي هاڻي هنن جا پنهنجا ناهن رهيا. پر سنڌ جي سڄاڻ حلقن ۾ اهو سوال گردش ڪري رهيو آهي ته جڏهن هي ڌرتي ٻاهران ايندڙ غيرن کي پناهه ڏيئي سگهي ٿي، کين روزگار ۽ گهر ڏيئي سگهي ٿي ته پوءِ هن ئي ڌرتي جي ماڻهن لاءِ هتي ڪا گنجائش ڇونه هجڻ گهرجي؟ انهن وڏن شهرن ۾ سرڪاري سرپرستي ۾ ٻوڏ متاثرن جون باقاعده وسنديون قائم ٿيڻ گهرجن، جتي کين گهربل بنيادي سهولتون فراهم ڪيو وڃن، کين روزگار ڏنو وڃي ته جيئن هو پنهنجا ڪٽنب پالي سگهن. هن ٻوڏ ۾ هاڻ اها تعصب پرستي، ٻه اکيائي ۽ ڌرتي ڌڻين ڏانهن ويڳاڻپ جو رويو به لڙهڻ گهرجي، جنهن سنڌ کي ڪن ڏهاڪن کان وٺي ٻولي جي بنياد تي ورهائي رکيو آهي. ڪياماڙي ٽائون ۾ ورهاڱي کان اڳ آيل هڪ پناهگير ميرپور ٻرڙو جي ٻوڏ متاثرن کي پناهه ڏيڻ وقت چيو هو ته، ”اسان جا وڏا جڏهن لٽجي هتي سنڌ پهتا هئا ته سنڌين کين پنهنجي جيءَ ۾ جايون ڏنيون، اسان سندن ٿورو ته ڪڏهن به نٿا لاهي سگهون پر هڪ ننڍڙي ڪوشش ضرور ڪري سگهون ٿا ته هن مشڪل جي گهڙي ۾ هنن لاءِ به پنهنجي دلين جا دروازا کوليون، پر تنهن هوندي به هنن جا انيڪ احسان اسان جي ٿوري نيڪي مٿان ڳرا آهن!“ هن ٻوڏ ۾ هاڻ اهي سموريون تلخيون ۽ نفرتون ٻڏڻ گهرجن، جن جي ڪري سنڌ جا وڏا شهر سنڌين لاءِ اوپرا بڻجي ويا آهن، جتي مفاد پرست ٽولا ڏينهن رات رڳو پنهنجي فائدي لاءِ سرگردان آهن. هن ڌرتي پنهنجن ۽ پراون سڀني کي نوازيو آهي، هاڻ هن ٻوڏ جي پاڻي ۾ ڪوٽا سسٽم به لڙهڻ گهرجي ته ڊوميسائيل جو شرط به ٻڏڻ گهرجي!!
     
  2. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: هن ٻوڏ ۾ ڇا ڇا ٻڏڻ گهرجي؟

    بيشۡڪ سائين اوهان درست چيو آهي۔۔ اهڙا تعصب وارا ذهني مرض ۽ ڪيني واريون ڳالهيون پڻ‌ ٻڏڻ گهرجن۔۔ پر سائين جن جي فطرت ئي اها هوندي ته اهي پاڻ ته ٻڏي ويندا پر انهيءَ‌ ذهنيت کي نه ٻوڙيندا۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو