ڇا هن هاڃي کي نئين قومي اڏاوت ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو؟جامي چانڊيو ٻيو ۽ آخري حصو ٻوڏ ۽ سماجي تبديليون: سماجي تبديليءَ جو عمل هونئن ته معاشري ۾ پنهنجي فطري اؤسر ۽ رفتار جي حوالي سان هر وقت جاري رهي ٿو، پر اوچتيون آيل سماجي، سياسي، معاشي، فطري ۽ ماحولياتي آفتون ۽ مصيبتون پڻ انساني تاريخ ۾ سماجي اُٿل پُٿل ۽ تبديليءَ جو وڏو سبب رهيون آهن. غريباڻي خوشحاليءَ ۽ انيڪ وسيلن سبب سنڌ جو ماڻهو تاريخ ۾ گهڻي ڀاڱي لڏپلاڻ کان هميشه پاسيرو رهيو آهي، جنهن جي ڪري سنڌي ماڻهن تي اهو الزام به لڳندو رهيو آهي ته اُهي سُست ۽ ڪاهل آهن، ان ڪري اُهي پنهنجي گهر، ڳوٺ يا شهر کان ٻاهر نڪرڻ لاءِ تيار نه هوندا آهن. جڏهن ته حقيقت اها آهي ته سنڌي سماج جي اهڙي رويي جو مُکيه سبب سُستي ۽ ڪاهلي نه، پر خوشحالي ۽ مناسب وسيلن جي هوندَ رهيو آهي. جڏهن ماڻهن کي گهر ۽ ڳوٺ ۾ مڇي ماني ميسر هوندي ته اُهي هرو ڀرو ڇو لڏيندا؟ ويجهي ماضيءَ ۾ سنڌ ۾ معاشي بحران ۽ سماجي اُٿل پُٿل تڏهن آئي، جڏهن ميرن جي دؤر ۾ سنڌو درياهه پنهنجو پيٽ بدلايو. هن ڀيري سنڌو درياهه ۾ آيل ٻوڏ جي نتيجي ۾ لڳ ڀڳ سنڌي ماڻهن جي آباديءَ جو ٽيون حصو لڏپلاڻ جو شڪار ٿيو آهي، جيڪا ڳالهه عارضي طور ته ڏُکي ۽ ڏکوئيندڙ لڳي ٿي، پر جيڪڏهن ان کي سماجي تبديليءَ جي لحاظ سان ڏسجي ته پس و پيش اِها لڏپلاڻ ۽ نئين پيدا ٿيل صورتحال ماڻهن جي سماجي روين ۽ سوچ ۾ تبديليءَ جو وڏو سبب بڻبي. ڇاڪاڻ ته اُهي هن لڏپلاڻ جي نتيجي ۾ نئين ماحول، نَون مسئلن، نون اُتساهن توڻي مايوسين ۽ مختلف سطح ۽ نوعيت جي ماڻهن سان وسيع تر رابطي ۽ ڳانڍاپي جي تجربن مان گذرندا، جنهن جو کين هينئر احساس نه ٿيندو، پر اڳتي هلي ان جا گهڻ-طرفا ۽ غير معمولي مثبت توڙي منفي اثر سندن زندگين تي واضح طور نظر ايندا. ماڻهو اهو عملي طور ڏسندا ۽ شدت سان محسوس ڪندا ته هن ڏکيءَ مهل سندن واهَر اُهي پيا ڪن، جن جو سندن ڳوٺ، ويڙهي، راڄَ ۽ ڪُڙم سان پري جو تعلق به نه آهي. اهو تجربو هنن لاءِ نئون هوندو. سنڌ ۾ معياري تحقيق جو ڪلچر تمام گهٽ آهي، نه ته انهن موضوعن تي وڏي سنجيده تحقيق جي گهرج آهي، جيڪا اسان کي مستقبل جي رٿابنديءَ ۽ حڪمت عمليءَ لاءِ وڏيءَ حد تائين ڪم اچي سگهي ٿي. جيڪڏهن ماڻهن جي مايوسيءَ ۽ بيوسيءَ کي اُتساهه ۽ زندگيءَ جون نيون راهون تلاش ڪرڻ جي سوچ ۽ جستجوءَ ۾ تبديل ڪيو ويو، ته يقينن اها وقتي ڏکوئيندڙ صورتحال غير معمولي طور بهتر نتيجا پڻ آڻي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته ان ريت سنڌي سماج جي روايتي، مُدي خارج ۽ رجعت پسند سماجي ڍانچن ۾ ڏار پوڻ شروع ٿيندا ۽ سماج هڪ حد تائين تبديليءَ جي نَون مرحلن مان گذرندو. هن صورتحال ۾ جڏهن عوام ڏسي رهيو آهي ته سندن زندگين تي وڏو اثر رکندڙ وڏيرا، نام نهاد چڱا مڙس، سردار، نواب سندن سهائتا لاءِ ڪوبه ڪردار ادا نه ڪري رهيا آهن، تڏهن ماڻهو هڪ ڀيرو وري شدت سان سندن زندگين مٿان انهن روايتي حڪمران طبقن جي اثر ۽ هڪ هٽيءَ تي سنجيدگيءَ سان غور ڪندا ۽ ضرور دل ئي دل ۾ اهي حتمي نتيجا ڪڍڻ تي مجبور ٿيندا ته اهي ڦورو طبقاتي ڄؤرون رڳو سندن سماجي، سياسي ۽ معاشي توڻي روحاني رَتُ ئي پي سگهن ٿيون، پر ڪنهن طرح به سندن مدد، واهر ۽ سنڀال نٿيون ڪري سگهن. مختلف ڪيمپن جي دؤري دوران مون ماڻهن جي اکين ۽ نگاهن ۾ ان ادراڪ جو چِٽو اظهار ڏٺو. منهنجيءَ نظر ۾ سنڌي سماج ۾ هن اوچتي پيدا ٿيل هڪ موتمار صورتحال جي نتيجي ۾ سماجي تبديليءَ جو عمل پنهنجي پراسس ۾ آهي، پر اُهو سماجي نراجيت جي صورت ۾ اُڀري اسان جو رهيل قومي سماجي نُورُ به چَٽُ ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن ان کي وڏيءَ سوچ، رٿابنديءَ، حڪمت عمليءَ ذريعي مثبت رُخ ڏيڻ جي ڪوشش نه ڪئي وئي ۽ اهو ڪم سياسي پارٽيون، سول سوسائٽي، ميڊيا ۽ سماج جا ٻيا ذميوار فرد، ادارا ۽ شعبا اثرائتي نموني ڪري سگهن ٿا. هن صورتحال ۾ ٻوڏ متاثر ماڻهن کي کاڌو ۽ خوراڪ يا ڪپڙا ۽ دوائون ڏيڻ سان گڏوگڏ انهن سان ڳالهائڻ ۽ مسلسل ڳالهائڻ جي ضرورت آهي. انهن جي ذهني حالت کي سمجهڻ ۽ مٿن مثبت طور اثرانداز ٿيڻ جي گهرج آهي. مردن، عورتن ۽ ٻارڙن سان الڳ الڳ مسلسل رابطي ۾ رهي کين ذهني طور هڪ نئين دؤر ۾ داخل ڪري سگهجي ٿو. اين جي اوز، سياسي پارٽيون، استاد، اديب، شاعر ۽ زندگيءَ جي ٻين شعبن جا سڄاڻ ماڻهو اهو ڪردار اثرائتي نموني ادا ڪري سگهن ٿا ۽ سماجي تبديليءَ جي هن عمل کي نه رڳو تيز پر مثبت رخ ڏئي سگهن ٿا. اهڙيءَ طرح سنڌ کي وچولي طبقي کي به عوام سان سڌيءَ ريت ڪم ڪرڻ، کين سمجهڻ، کين سمجهائڻ ۽ هڪٻئي تي اثرانداز ٿيڻ جو موقعو ملندو. ٻوڏ ۽ سياسي تبديليون: هونئن ته سنڌي سماج پاڪستان جي ٻين قومن جي ڀيٽ ۾ سياسي طور گهڻو اُسريل ۽ اڳتي وڌيل آهي، پر ان باوجود جيئن ته سماجي ڍانچن جو سياست تي لازمي طور اثر پوي ٿو، ان ڪري سياسي شعور جي اڳتي وڌيل شڪل جي موجودگيءَ جي باوجود سنڌ ۾ بهرحال حڪمران طبقن ۽ سندن اسٽيٽسڪو جي نمائنده پارٽين جو اثر حاوي آهي. سياسي طور سنڌي عوام جي گهڻائي هڪ طرف پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي پٺيان هلڻ تي مجبور آهي ته ٻئي طرف اُن جا ٻيا حصا مسلم ليگ فنڪشنل، رياست جي پاليل ۽ تاتيل نام نهاد بااثر وڏيرڪن خاندانن جي رحم ڪرم تي آهن. سنڌ جي وچئين طبقي جي وطن دوست سياست اڃا دانهُنِ، ڪُوڪن، احتجاجن، ڌرڻن، جلسن جلوسن ۽ لانگ مارچن کان اڳتي وڌي، وسيع تر عوامي ۽ تنظيمي شڪل اختيار نه ڪئي آهي. سنڌ ۾ آيل هن ٻوڏ جي نتيجي ۾ جتي وڏي پئماني تي سماجي ۽ معاشي تبديليون اينديون، اُتي سياسي تبديليون پڻ اڻٽر آهن. حڪومت جي ڪارڪردگي عوام جي سامهون آهي، جنهن وٽ وسيلا کڻي گهڻا نه به هجن، پر وٽن وڏو ڏڪار سنجيدگيءَ، عوام سان ڪمٽمينٽ، صحيح رٿابنديءَ ۽ گهربل سرگرم ذميوار ڪردار جو آهي. حڪومت پنهنجيءَ پر ۾ وڏو ڪم ڪندي هوندي پر جڏهن سنڌ جي ٻُڏي ويل ڳوٺن، فصلن، شهرن ۽ ڪيمپن ۾ ترسيل ڪسمپرسيءَ جو شڪار ماڻهن ڏانهن ڏسجي ٿو ته اُتي ته ڪاريءَ وارا ڪَکَ آهن. پاڪستان پيپلز پارٽي جيڪا سنڌ ۽ پاڪستان جي وڏي ۾ وڏي پارٽي آهي، تنهن جا هزارين جيالا ۽ لکين ڪارڪن توڻي اڳواڻ ماڻهن کي پاڻ سان گڏ بيٺل نظر ڇو نٿا اچن؟ پيپز پارٽيءَ هڪ پارٽيءَ توڻي حڪومت جي حيثيت ۾ هن ڀيري به مثالي غير سنجيدگيءَ، نااهليءَ ۽ بد انتظاميءَ جو جيڪو مظاهرو ڪيو آهي، اُهو نه رڳو ماڻهو اکين سان ڏسي رهيا آهن، پر اهو سڀ ڪجهه تاريخ جي صفحن ۾ رڪارڊ پڻ ٿي رهيو آهي. متحده قومي موومينٽ جي باري ۾ ته هونئن به ماڻهن کي ڪا غلط فهمي نه آهي، پر هن ڀيري ٻوڏ جي نتيجي ۾ ڪجهه هزار سنڌي ڏتڙيل خاندان ڪراچيءَ جي ڪيمپن ۾ پهتا آهن ته سندن حواسن ڪم ڪرڻ ڇڏي ڏنو آهي ۽ اُهي سڌيءَ ريت جنرلن کي مارشل لا هڻڻ جون آڇون ڪري رهيا آهن.سڄي عمر وڏيرن ۽ جاگيردارن سان اقتدار ۾ ڀاڱي ڀائيواري ڪندڙ ڌر کي اوچتو اها خبر پئي آهي ته جاگيردار ۽ وڏيرا جمهوريت ۽ عوام جا سڄڻ نه آهن. هونئن ته هر موقعي تي ايم ڪيو ايم پاڻ کي هميشه وائکو پئي ڪيو آهي، پر هن ڀيري ته هنن پاڻ کي مڪمل طور وائکو ڪرڻ ۾ ڪابه ڪسر نه ڇڏي آهي. ٽئين طرف سنڌ جا روايتي وڏيرا، سردار ۽ جاگيردار جيڪو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، اُهو دنيا ۽ عوام آڏو واضح آهي. ان سموريءَ صورتحال ۾ سوچڻ جوڳو سوال هيءُ آهي ته جڏهن سنڌ جي لڳ ڀڳ ٽيون حصو آبادي، هر لحاظ کان دربدر هجي ۽ سندن واهر لاءِ روايتي سياسي ڌريون رڳو ڏيکاءَ وارا ڏند ڏيکارڻ کان اڳتي نه وڌنديون هجن ته پوءِ پڪ سان چئي سگهجي ٿو ته اها سموري صورتحال يقيني طور سنڌي سماج جي روايتي سياسي بيهڪ ۾ اُٿل پُٿل آڻي، اُن جي توازن کي تبديل ڪندي. سوال آهي ته ڇا سنڌ جي هيٺئين وچئين ۽ وچئين طبقي سان واسطو رکندڙ سياسي ڌرين وٽ ان صورتحال جو ڪو ادراڪ ۽ ان لاءِ گهربل سوچ ۽ رٿابندي آهي؟ ڪڏهن ڪڏهن وڏيون وڏيون مصيبتون، چئلينج ۽ عذاب رڳو منفي نه پر گهڻن حوالن کان مثبت نتيجا پڻ آڻينديون آهن يا اُن جو سبب ۽ ذريعو بڻبيون آهن. سنڌ جي وطن دوست ۽ عوام دوست قومي ۽ روشن خيال سياسي پارٽين کي هن اوچتي آيل آفت کي پنهنجي بهتر آئيندي ۽ سنڌي سماج جي اندر سياسي تبديليءَ جي هڪ زبردست موقعي طور وٺڻ گهرجي. جيڪڏهن سنڌ جون قومي ۽ روشن خيال وطن دوست پارٽيون هن ڏکيءَ محل رڳو ڏيکاءَ خاطر نه، پر سچ پچ ماڻهن جي واهر ڪن، ساڻن مسلسل رابطي ڪاريءَ ذريعي سندن سياسي سوچ تي اثرانداز ٿين ۽ پنهنجين تنظيمن اندر ان لاءِ گهربل رٿابندي ڪن، ته مان سمجهان ٿو ته اُهي پنهنجيءَ موجوده حالت جي ڀيٽ ۾ هزار ڀيرا وڌيڪ سگهاريون ٿي سگهن ٿيون ۽ پاڻ کي حقيقي طور عوامي پارٽين ۾ تبديل ڪري سگهن ٿيون، پر ظاهر آهي ته اهو سڀ ڪجهه رڳو اخبارن ۾ تصويرون ڇپائڻ خاطر سامان جون چار ٿيلهيون ورهائڻ سان ڪونه ٿيندو. سنڌي ماڻهوءَ جي هڪ نرالي خصوصيت اها به آهي ته اُهي ڏکيءَ مهل ساڻن ڪنهن جا ڀريل پيرَ ڪڏهن به نه وساريندا آهن. هن بدترين صورتحال ۾ سنڌ جي وطن دوست قومي ۽ روشن خيال پارٽين لاءِ زبردست موقعو آهي ته اُهي هن هاڃي ۽ بحران کي سنڌي سماج ۾ سياسي تبديليءَ جو سبب ۽ وسيلو سمجهي، اُن ۾ ڀرپور ڪردار ادا ڪن ته مان سمجهان ٿو ته اُهي حقيقي طور وڏين عوامي پارٽين ۾ تبديل ٿي سگهن ٿيون، پر ان لاءِ کين پنهنجين صفن ۾ پڻ بنيادي تبديليون آڻڻيون پونديون. ڳالهين جو ڳَهير ٿيڻ بجاءِ باعمل ٿيڻو پوندو. پنهنجين صفن مان ڏوهاري ۽ موقعي پرست عنصرن کي ڪڍڻو پوندو ۽ سڀ کان وڏي ڳالهه ته پنهنجين پارٽين جي سياسي ڪلچر کي حقيقي معنيٰ ۾ جمهوري بڻائي اُنهن کي عوام جي ملڪيت ۾ تبديل ڪرڻو پوندو. ٻوڏ ۽ معاشي تبديليون: ڪنهن به معاشري جي اصل طاقت اُن جي معاشي سگهه هوندي آهي ۽ دراصل معاشي پيداواري ذريعا ئي اسان جي سماجي روين، سياسي سوچ ۽ سگهه جو تعين ڪندا آهن. سنڌ ۾ آيل هن ٻوڏ جتي زندگيءَ جي هر شعبي کي لوڏي هڪ ڌڪ سان تبديل ڪري ڇڏيو آهي، اُتي سنڌي سماج جي معاشي بيهڪ ۾ پڻ بنيادي نوعيت جون تبديليون اڻٽر آهن. سنڌي ماڻهن جو وڏو حصو زرعي معيشت سان لاڳاپيل آهي، جڏهن ته اُن جو هڪ ننڍڙو اقليتي حصو شهري معيشت ۾ پنهنجا پيرَ کوڙڻ لاءِ جاکوڙيندو ۽ جتن ڪندو رهيو آهي، پر جيئن ته ٻهراڙيءَ جي زمينن جو وڏو حصو وڏيرن ۽ شهري معيشت مڪمل طور ٻاهران آيل ڌارين جي هٿ وس رهي آهي، اُن ڪري سنڌي پورهيت عوام جي اڪثريت جو معاشي پيرُ نه ٻهراڙيءَ ۾ ٿو کُپي ۽ نه شهر ۾. سنڌ ۾ آيل هن ٻوڏ جا جتي ٻيا ڊگهي مُدي وارا اثر پوندا، اُتي لڏپلاڻ جو شڪار ٿيل لکين ماڻهن جي معاشي زندگيءَ ۾ پڻ وڏي تبديلي ايندي، ڇاڪاڻ ته پاڻيءَ جي لهي وڃڻ کان پوءِ به سمورا ماڻهو واپس وري پنهنجي اڳوڻي نارمل معاشي زندگي جي شروعات ڪري سگهن، اهو ممڪن نه آهي. ڇاڪاڻ ته اُنهن جي اڪثريت جو الهه تلهه وڃائجي چڪو آهي، ماڻهن جون ٻنيون، ڍور ڍڳا، گهر ۽ وسنديون مڪمل طور تي تباهه ٿي چڪيون آهن، ان ڪري انهن متاثر ماڻهن جي آباديءَ جو چڱو انگ پنهنجي لاءِ نيون معاشي راهون تلاش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو. ان سڄيءَ صورتحال جي گهِري مشاهدي کان پوءِ مان ان نتيجي تي پهتو آهيان ته جيڪڏهن انهن لکين تباهه حال ماڻهن لاءِ گهربل معاشي رٿابندي نه ڪئي وئي ۽ اُن ۾ حڪومت سميت سڄي معاشري سرگرم ۽ مثبت ڪردار ادا نه ڪيو ته سنڌ ۾ پيدا ٿيندڙ سماجي ۽ معاشي انارڪي بدترين ڏوهاري نفسيات ۽ ڪلچر کي جنم ڏيندي. ماڻهن وٽ پوئتي ڪجهه نه بچيو آهي ۽ جيڪڏهن کين جياپي ۽ اڳتي وڌڻ لاءِ ڪي سنوان سڌا ۽ عزت ڀريا معاشي گَسَ نه مليا ته پوءِ لازمي طور ان جي نتيجي ۾ ماڻهو بي وسيءَ، نڌڻڪائيءَ ۽ ردعمل جي منفي نفسيات جي صورت ۾ ڏوهن طرف مائل ٿيندا، جنهن جي نتيجي ۾ ٻوڏ جي خطرناڪ نتيجن کان هيستائين بچيل ماڻهو به وڌيڪ سلامت رهي نه سگهندا. اهو اندازو مون کي ڪجهه ڪيمپون ڏسڻ ۽ ان دوران ماڻهن سان سڌيءَ ريت ڳالهائڻ ۽ سندن ذهني ۽ احساساتي ڪيفيت کي محسوس ڪرڻ سان ٿيو. پر هن سموريءَ صورتحال کي مثبت رُخ ۾ پڻ وٺي وڃي سگهجي ٿو ۽ اُن ۾ حڪومت، ميڊيا، سِول سوسائٽي، سياسي پارٽين توڻي سماج جي سمورن سڄاڻ ۽ سرنديءَ وارن ماڻهن کي پنهنجو گهربل ڀرپور ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته حڪومت ٻيو نه ته اُنهن ماڻهن جي آبادڪاريءَ لاءِ ڪراچيءَ ۾ وڏي پئماني تي انتظام ڪري. جي اسان 5 کان ڏهه لک ماڻهو ڪراچيءَ ۾ آباد ڪرڻ ۾ ڪامياب وياسون ته اهو هن تباهيءَ جو هڪ وڏو فائدو هوندو. سنڌي ماڻهن ۽ حڪومت کي تاريخ هيءُ زبردست موقعو ڏنو آهي ته اهي سنڌين جي ڪراچيءَ ۾ وڏيءَ سطح تي آبادڪاريءَ لاءِ گهربل سنجيده اُپاءَ وٺن ۽ ان لاءِ رٿابندي ڪن. حڪومت کين رهائشي پلاٽن سان گڏ ٿوري معاشي مدد پڻ ڪري. جڏهن ته غير سرڪاري ادارا عالمي ادارن جي مدد سان انهن لکين ماڻهن جي هنري تربيت لاءِ اُپاءَ وٺن، خاص طور تي اُهي هنر، جيڪي شهري زندگيءَ ۾ معاشي روزگار جو سبب بڻجي سگهن ٿا. سنڌ ۾ ڪيترائي ادارا خانگي سطح تي ننڍا قرض ڏين ٿا، ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته اهڙا ادارا پنهنجن ننڍن خانگي قرضن جي اسڪيمن کي انهن ماڻهن لاءِ وقف ڪن ۽ گهٽ ۾ گهٽ سندن لاءِ پنجن کان ڏهن سالن جا منصوبا جوڙين. اها هڪ مڃيل حقيقت آهي ته ڦُريل، لُٽيل، لتاڙيل ۽ مصيبتن جي ماريل ماڻهن ۾ عام ماڻهن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ ذهني ۽ احساساتي سگهه ٿيندي آهي ۽ اُنهن منجهه اها صلاحيت هوندي آهي ته اُهي تيزيءَ سان پنهنجي ٿيل نقصان جو ازالو ڪري پنهنجي جياپي جا نوان گَسَ ڳولين، پر ظاهر آهي ته اهو سڀ ڪجهه هو اڪيلي سر پاڻ مرادو نٿا ڪري سگهن، اُن لاءِ کين وڏيءَ سطح تي سهڪاري انتظام گهرجي. تباهيون ۽ تبديليءَ جو عمل: جيئن اسان مٿي بار بار ذڪر ڪري آيا آهيون ته انساني تاريخ جي ترقيءَ ۽ اؤسر جو عمل رڳو سنئين سڌي طريقي سان اڳتي نه وڌيو آهي ۽ نه وري ان ۾ مثبت ڳالهين ئي بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي. انساني تاريخ کي جتي سنئين سڌي اؤسر جي عمل، وسيلن، خوشين، ڪاميابين ۽ اُتساهه اڳتي وڌڻ ۾ مدد ڏني آهي، اُتي تبديليءَ جي پيچيده مرحلن، ڏکن، تڪليفن، مصيبتن، آفتن، جنگين، زلزلن، ٻوڏن، شڪستن، ڏڪارن ۽ گهڻ طرفين تباهڪارين پڻ وڏو اهم ڪردار ادا پئي ڪيو آهي. دنيا جي سمورين قومن پنهنجيءَ اؤسر ۽ ترقيءَ جي سموري سفر ۾ اهڙا انيڪ مرحلا ڏٺا آهن. قومون ۽ معاشرا عروج ۽ اؤج کان ڪِري تنزل جو شڪار ٿي مرڻينگ ۽ تباهه حال ٿي سگهن ٿا ۽ بظاهر نِٻل، مرڻينگ، ڪمزور، هيڻا، ناڪامياب، شڪستون کاڌل ۽ لتاڙيل قومون ۽ معاشرا پنهنجون توانائيون گڏ ڪري نئين حوصلي، ارادي، رٿابنديءَ ۽ حڪمت عمليءَ سان ڄڻ ته ڪَرَ موڙي اُٿي بيهي سگهن ٿا ۽ رڳو اُٿي بيهي نه پر عملي تدبيرن سان پنهنجون تقديرون تبديل ڪري زوال کان عروج ۽ اؤج تي پهچي سگهن ٿا. ان ڪري تاريخ ۾ عروج ۽ زوال، ڪاميابيون ۽ ناڪاميون، هيڻائي ۽ سگهه ڪي حتمي، بيٺل، غير متحرڪ يا تبديل نه ٿي سگهندڙ شيون نه آهن. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته هن صورتحال ۾ روڄ راڙي، پِٽڪي، خود قياسيءَ، بدحواسيءَ ۽ ذهني انتشار بجاءِ پنهنجين سمورين توانائين ۽ قوتن کي گڏ ڪيو وڃي ۽ سنڌ ۾ اوچتو آيل هن وڏيءَ تباهيءَ کي سنڌ جي نئين تعمير لاءِ هڪ موقعي ۽ فرض ۾ تبديل ڪيو وڃي. جيئن چرچل چيو هو ته، “جنگ ايڏو حساس معاملو آهي، جو ان کي رڳو جرنيلن حوالي نٿو ڪري سگهجي.” تيئن قومن جي سگهه ۽ تعمير به ايڏو حساس معاملو آهي جو اُن کي رڳو هڪ ناڪام رياست جي نااهل ادارن ۽ ڪرپٽ حڪومتن جي حوالي نٿو ڪري سگهجي. سنڌ ۾ آيل هن تباهيءَ اسان کي هڪ ڀيرو وري اهو موقعو ڏنو آهي ته اسين نه رڳو هڪ قوم پر زندهه قوم هجڻ جو ثبوت ڏيون ۽ اهو ثبوت رڳو ٺلهين خواهشن، ڏک جي اظهار، حڪومت جي مذمت ۽ متاثر ماڻهن تي رحم کائڻ تائين محدود نه هئڻ گهرجي. هن تباهيءَ کي سنڌ جي نئين قومي اڏاوت لاءِ هڪ موقعي ۾ اسين تڏهن ئي تبديل ڪري سگهون ٿا، جڏهن اسان مان هرهڪ هن سموري عمل ۾ ذهني، احساساتي، جسماني، سياسي، سماجي ۽ معاشي طور پنهنجي پنهنجي پتيءَ جو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. مون کي يقين جهڙو ويساهه آهي ته ڪروڙين ذهن، روحَ، دليون، اکيون، زبانون ۽ هٿَ جيڪڏهن سچ پچ به عملي طور متحرڪ ٿين ته هن قومي هاڃي کي هڪ نئين قومي سگهه ۾ تبديل ڪري سگهجي ٿو. اچو ته اسين سڀ پنهنجي پنهنجي ذهن، روح ۽ ضمير کان پڇون ته ڇا اسين هن سفر ۾ پنهنجي حصي جي وِک کڻڻ لاءِ عملي طور تيار آهيون؟