اي سنڌ جا وارثو اچو ڪراچي سڏي ٿي سارنگ منير سومرو اندروني سنڌ جو اندر اجڙي ويو آهي، رستا ويران ۽ خاندان وکري ويا آهن. سنڌ جو اهڙو حال ڏسي هر اک آلي ۽ هر دل ۾ غم گھر ڪري ويو آهي. مڃان ٿو ته سنڌ هميشه سائي رهي، انهي کي ڪو لهر ۽ لوڏو لوڏي نه سگهندو آهي ڇو جو سنڌ جي اندر ۾ اهي دفن آهن جن جي دعائن سنڌ کي ڪڏهن ڪوسو واءُ ويجھو اچڻ نه ڏنو آهي. پر آزمائش هر ڌرتيءَ مٿان ايندي آهي پوءِ اهو ڌرتيءَ ڌڻين مٿان ڇڏيل آهي ته هو انهيءَ آزمائش مان ڪيترو اڳتي اچن ٿا. هن وقت سنڌ مٿان ڏکيو وقت ڪڙڪي پيو آهي. آفتن سنڌ جو اڳ ورتو آهي پر انهي مان جان ڇڏائڻ لاءِ رڳو حوصلو ۽ همت کپي جيڪا مون ڏٺي آهي ته اسان جي سنڌ ۾ آفتن کان اڳ ئي الله تعاليٰ ڏئي ڇڏي هئي. اڄ ڪلهه سنڌ جو ٻچو ٻچو روئي رهيو آهي پر مون کي فخر آهي ته هو پوءِ به اڳتي وڌي رهيو آهي. هڪ نئين سنڌ ڏانهن اڄ سنڌ جي اهڙي حال ڏسڻ کان پوءِ اهو ثبوت مليو آهي ته سنڌ جو عوام انهن حڪمرانن ڏانهن ڏسڻ پسند نٿو ڪري. جن هميشه رت جي ڳوڙهڻ ۾ به بيانن جون ڀريون ڏنيون آهن. هن ملڪ جي حڪمرانن اهو ثبوت ڏنو آهي ته هن وقت جي جمهوريت انسانيت جو توهين وارو ڪردار ادا ڪيو آهي. ڇا هن وقت هن ملڪ جي حڪمرانن کان ڪو پڇي سگهي ٿو ته هن وقت جيڪو وقت آهي جيڪڏهن هو عوام سان هن وقت ۾ به گڏ نه رهيا ته آخر ڪڏهن رهندا؟ هن وقت جڏهن عوام روڊن تي ويٺو آهي، پاڻي ۾ ٻڏي ٿو پيو، اهڙي صورت حال ۾ به اسان جا حڪمران اي سي وارن بنگلن ۾ مرسيڊيز گاڏين مان ٻاهر ناهن نڪتا. ان کان وڌيڪ حڪمرانن جي لاپرواهي ڪهڙي چئجي جو عوام روڊن تي زندگي جا آخري پساهه پيو پورا ڪري ۽ چئوطرف وزيرن جون گاڏيون 10 موبائيل سان گڏجي امڪاني ڦيرا ڏئي وڃن ۽ انهن کان پڇن به نه ته پوءِ ان هن حڪومت جي ناڪاميءَ جو ڪهڙو ثبوت ڏجي، جو حڪمران گھرن ۾ ويهي بيانن جوم بهاريون ڪن ۽ وڏيرا مرضين سان بند ٽوڙي جنهن علائقن کي چاهين انهي علائقن کي ٻوڙائيندا رهن. هي ڪهڙي ملڪ جو قانون آهي جو هڪ وفاقي وزير مرضيءَ سان بند ڀڃائي هزارين گھر اجاڙي ۽ ملڪ جا حڪمران هن کان پڇڻ به پسند نه ڪن. جڏهن ملڪ جي حڪمرانن جو اهڙو حال هجي ته پوءِ اهي حڪمران ڪئين ٿا سمجھن ته هنن تي عوام جو اعتماد آهي ۽ هو عوام جي اعتماد جو حوالو ڏئي اربين رپيا امداد وٺي عوام کي هڪ ويلو ماني به نه پهچائي سگهن. هن وقت اسان جي ملڪ خاص ڪري سنڌ ۾ سخت صورت حال آهي، سوين ماڻهو مري ويا آهن، هزارين ماڻهو زندگيءَ موت جي وچ تي بيٺل آهن جنهن جي سار سنڀال لاءِ ڪير به اڳتي ايندي نه پيو ڏسجي.