مست
سينيئر رڪن
جنهن کي الله رکي ان کي ڪير چکي، هي ڳالهه واقعي تڏهن ڪافرن کي به سچ محسوس ٿي هوندي، جڏهن يورپي ملڪ “چلي” ۾ سون ۽ ٽامي جي هڪ کاڻ ۾ اڻ ٿيڻي ڳالهه ٿي پئي... هڪ اهڙي ڳالهه جنهن کي معجزو ئي چئي سگهجي ٿو.
چلي جي ڪوپياپو شهر ۾ سون ۽ ٽامي جي هڪ کاڻ ۾، جيڪا ٻه هزار ٽي سؤ 2300 فٽ اونهي آهي، ۾ هن مهيني جي پنجين تاريخ يعني پنج آگسٽ تي 33 مزدور ڦاسي پيا، ڇو ته انهيءَ کاڻ جي مُک ٽنل يا اچ وڃ جي رستي تي هڪ وڏو پٿر اچي ڪريو هو، جنهن سبب اچ وڃ جو رستو بند ٿي پيو. 23 آگسٽ تائين انهن جي بچڻ جي ڪابه اميد ڪانه هئي، 23 آگسٽ تي امدادي ڪارڪنن کاڻ جي اندر جي معلومات وٺڻ لاءِ هڪ سنهي ٽيوب ۾ هڪ ڪيمرا هڻي ان کي کاڻ جي اندر موڪليو ته خبر پئي ته سمورا 33 مزدور زنده ۽ صحيح سلامت آهن. مزدورن جي جيئري هجڻ جي خبر ملڻ بعد انهن کي ٽيوب وسيلي گلوڪوز جا محلول ۽ مختلف دوائون موڪليون ويون جڏهن ته اهي مزدور هاڻي هڪ انٽرڪام وسيلي امدادي ڪارڪنن سان رابطي ۾ آهن. چلي جي صدر جو چوڻ آهي ته انهن مزدورن کي ٻاهر نڪرڻ ۾ مهينن جو عرصو لڳي سگهي ٿو. سندس چوڻ آهي ته مزدورن وٽ پاڻي ته آهي پر انهن کي کاڍي جي سخت ضرورت آهي. آخري اطلاع تائين مختلف ملڪن ان سلسلي ۾ مدد جي آڇ ڪئي آهي ۽ ان کان علاوه چلي جي صدر آمريڪي خلائي اداري “ناسا” کي به ان ڏس ۾ مدد ڪرڻ لاءِ چيو آهي.