• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

درگاه حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي گادي نشين سيد نثار حسين شاه لطيفي سان ڳالهه ٻولهه

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
درگاه حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي گادي نشين سيد نثار حسين شاه لطيفي سان ڳالهه ٻولهه
fla4b9.jpg
انٽرويو: خورشيد احمد ٻگهيو

موجوده دهشتگرديءَ جي دور ۾ شاهه لطيف جي ڪلام کي عام ڪرڻ جي ضرورت آهي
شاه لطيف فائونڊيشن جي سرپرستِ اعليٰ ۽ گادي نشين درگاه شاه عبداللطيف ڀٽائي رح سيد نثار حسين شاه، شاهه ڀٽائي جي 321هين جنم ڏينهن جي حوالي سان خاص ملاقات ۾ چيو آهي ته موجوده دهشتگردي ۽ قتل وغارت جي دور۾ شاه سائين جي روحاني ۽ آفاقي ڪلام کي عام ڪري ان تي عمل جي ضرورت آهي ته جيئن ملڪ ۾ پيار، محبت، امن ۽ ڀائيچاري جي فضا قائم ٿي سگهي. سنڌي قوم اڄ تائين اهو فيصلو نه ڪري سگهي آهي ته سندن روحاني رهبر ڪير آهي. شاه لطيف جي نالي کي ڪيش ڪرائي ماڻهن پنهنجو قد ڪاٺ وڌايو آهي. شاه لطيف کي فقط هڪ شاعر جي روپ ۾ ظاهر ڪيو ويو آهي جنهن سان ان جي فڪر ۽ پيغام کي محدود ڪرڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي پئي وڃي. شاه ڀٽائي رح جي ڪلام منجهان اهو مقصد ڪڍيو وڃي ٿو ته لطيف سائين مرد ۽ عورت جي عام رواجي عشق جي ڳالهه ٿو ڪري جڏهن ته حقيقت ائين نه آهي. وڏي تعجب جي ڳالهه آهي ته ڀٽائي جا 7 رسالا مسلمانن نه پر غير مسلم صاحبانِ علم ترتيب آهن. انهن کان بعدمرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، ۽ ٻين لطيف سائين بابت لکڻ شروع ڪيو. اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا سالن کان ڀٽائي جي ڪلام، ان جي فن، فڪر ۽ پيغام کي عام ڪرڻ ۾ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو آهي.جيڪو قابلِ تعريف آهي. شاه لطيف فائونڊيشن پنهنجي محدود وسائل مان شاه جي رسالي جو دنيا جي مختلف زبانن ۾ ترجمو ڪرائي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ پهچائڻ لاءِ جاکوڙي رهي آهي.شاه لطيف فائونڊيشن جي سموري سٿ پوري ملڪ ۾ شاه لطيف فائونڊيشن جون آفيسون قائم ڪرڻ لاءِ مصروفِ عمل آهي. هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي سمورين لائبريرين ۾ ڀٽائي بابت ڇپجندڙ مواد گڏ ڪري شاعري ۽ موسيقي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرائي رڪارڊ روم ٺاهڻ گهرجي، ڀٽائي بابت ڇپيل اڻڇپيل مواد گڏ ڪري ۽ حڪومتي سطح تي مختلف زبانن ۾ ڇپرائي مفت تقسيم ڪرايووڃي ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جي ولادت جي ڏهاڙي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل ڪري عظيم بزرگ، شاعر جي ولادت کي سرڪاري سطح تي ملهايو وڃي ۽ شاه ڀٽائي جي پيغام کي پرائمري کان يونيورسٽي سطح تائين جي نصـاب ۾ شامل ڪيو وڃي. ۽ شاه سائين سان منسوب ماڳن ۽ مڪانن جي پرگهور لهي انهن جي حفاظت کي يقيني بڻايو وڃي. لطيف سائين جي جاءِ ولادت کي محفوظ بڻائي زائرين جي لاءِ زيارت گاه بنايو وڃي. سيد نثار حسين شاه چيو ته آئون ڪو سياستدان نه آهيان جو ڪنهن ڪم ڪرڻ ۾ منهنجا سياسي مقصد هجن. آئون سادو انسان آهيان ۽ عوام جي خدمت تي يقين رکان ٿو جيڪڏهن ڪنهن جي ڪم اچي سگهندو آهيان ته ان کي پنهنجي خوش قسمتي سمجهندو آهيان عوام جي خدمت ۾ئي الله جي رضا ۽ پنجتن جو پيار لڪل آهي. ٻيو ته منهنجي مرشد جي ڪلام مان به مونکي محبت ڀائيچاري امن ۽ انساني خدمت جو درس ملي ٿو انڪري پهرين عوام جي خدمت ٻيون ڳالهيون پوءِ هئڻ گهرجن.
 
جواب: درگاه حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي گادي نشين سيد نثار حسين شاه لطيفي سان ڳالهه ٻ

تمام بهترين خيالات آهن۔۔ واقعي شاهه عبداللطيف سائين جي لطيفي احساس کي عام ڪرڻ لاءِ انهن قدمن جي ضرورت آهي
 
جواب: درگاه حضرت شاه عبداللطيف ڀٽائي جي گادي نشين سيد نثار حسين شاه لطيفي سان ڳالهه ٻ

سائين ممتاز صاحب تمام وڏي ڳالهه آهي جيڪا اوهان اسان سان ونڊي اسانجي علم اضافو ڪيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

شاه لطيف فائونڊيشن جي سموري سٿ پوري ملڪ ۾ شاه لطيف فائونڊيشن جون آفيسون قائم ڪرڻ لاءِ مصروفِ عمل آهي. هن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سنڌ جي سمورين لائبريرين ۾ ڀٽائي بابت ڇپجندڙ مواد گڏ ڪري شاعري ۽ موسيقي کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڪمپيوٽرائزڊ ڪرائي رڪارڊ روم ٺاهڻ گهرجي، ڀٽائي بابت ڇپيل اڻڇپيل مواد گڏ ڪري ۽ حڪومتي سطح تي مختلف زبانن ۾ ڇپرائي مفت تقسيم ڪرايووڃي ۽ ڀٽ ڌڻيءَ جي ولادت جي ڏهاڙي تي سڄي ملڪ ۾ عام موڪل ڪري عظيم بزرگ، شاعر جي ولادت کي سرڪاري سطح تي ملهايو وڃي ۽ شاه ڀٽائي جي پيغام کي پرائمري کان يونيورسٽي سطح تائين جي نصـاب ۾ شامل ڪيو وڃي.

الله سائين ڪري ته ائين جلدي ٿئي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top