ڊاڪٽر فهميده ميمڻ جي تحقيقي ٿيسز ( ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“تي تنقيدي جا )

'ڀيڄ ڀٽائي گهوٽ' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏26 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڊاڪٽر فهميده ميمڻ جي تحقيقي ٿيسز ( ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ تي تنقيدي جائزو. )

    تحرير حڪيم محمد يوسف کتري.
    قسط پهرين:

    ڪافي ڏينهن ٿيا هئا جو شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ جو مطالعو ڪيو هوم، جيڪو محترمه فهميده حسين ميمڻ جو لکيل هو، جنهن تي کيس ڪراچي يونيورسٽي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏني . سندس نگران قابل احترام ڊاڪٽر محمد اياز قادري(مرحوم) هو. پڙهڻ کانپوءِ مونکي ڪئين واضح غلطيون نظرآيون، انهيءَڪري ان تي ٻيهر تحقيقي نظر وڌم، انهيءَ لاءِ ته ڪنهن تحقيقي ڪم تي تنقيد ڪرڻ لاءِ واضح ،ٺوس ثبوتن کان سواءِڳالهه ڪرڻ اجائي ٿئي ها. انهيءَ ڪري ڪافي محنت کانپوءِ موجوده مقالو تيار ڪيم.

    ڊاڪٽر اياز قادري صاحب( بقول ڊاڪٽر فهميده) ته ” مونکي مُنهنجي حق کان به وڌيڪ وقت ڏنو۽ چانهيون پياريون(ڪتاب جو صفحو نمبر12) مون کي مطالعي کانپوءِ اندازو ٿيو ته موصوفه ڊاڪٽر صاحب جو ڪافي وقت ضايع ڪيو پر حاصل ڪجهه به نه ڪيائين شايد بقول سندس ته حق کان وڌيڪ مليل ٽائيم شايد چانهه پيئڻ ۾ ضايع ٿي ويو نه ته واضح غلطيون جن جو اڳيان ذڪر ٿيندو،استاد هن کي سمجهائيندي انهيءَ کي درست ڪرڻ جي تاڪيد ڪري ها. مُنهنجي خوشي ان وقت مايوسيءَ ۾ تبديل ٿي وئي، جڏهن هن تحقيقي مقالي ۾ غلط حوالا ڏنا پر پنهنجي ڳالهه کي وزن ڏيڻ لاءِ مڃيل حقيقي تاريخن ۽ واقعن ۾ 100 سالن جي هيرا ڦيري ڪئي. گڏ حوالي ڏيڻ مهل جتي محترمه ڊاڪٽر صاحبه ڏٺو ته ڪا سٽ سندس تحقيق کي ڪوڙو ثابت ٿي ڪري سا سڄي سِٽ سن ۽ تاريخ تڳائي وئي آهي. نورمحمد ڪلهوڙي لاءِ نازيبا جملا استعمال ڪري سندس ڪردارڪشي ڪئي اٿس. ڪاش پير حسام الدين راشدي زنده هجي ها ته اهو کيس ٻُڌائي ها ته جنهن شخصيت کي هو بدڪردار، عياش ۽ ترڪڻي طبيعت سان ياد ڪري ٿي اهو هڪ باڪردار،نيڪ ۽ اهلبيتن سان محبت ڪندڙ ، ڏوهارين کي تڪڙ ۾ سزا ڏيڻ خلاف هو،درويشن ۽ عالمن جي عزت ڪرڻ جو درس ڏيڻ وارو نيڪ انسان هو. پير حسام الدين مرحوم کي ڪهڙي خبر ته جنهن عظيم شخصيت جو وصيت نامو مرتب ڪري رهيو هو، سندس وفات کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽي اهڙي محققه کي پي ايڇ ڊي جي ڊگري ڏيندي، جيڪا پوري توانائي نورمحمد ڪلهوڙي کي صرف پنهنجي ذهني سوچ جي بنياد تي بدڪردار ثابت ڪرڻ ۾ صرف ڪندي، ڪاش ڊاڪٽر صاحبه پير حسام الدين راشدي جو مرتب ڪيل نورمحمد ڪلهوڙي جو وصيت نامو پڙهي ها ته سندس اکيون کلي وڃن ها! شايد ڊاڪٽر صاحبه فارسيءَ کان پاسيري رهيل ٿي ڏسجي.

    پوري مقالي ۾ مردن کي ويهي ننديو اٿس. ايستائين جو کيس هر مرد ترڪڻي طبيعت وارو نظراچي ٿو. پاڻ ڪتاب جي صفحي نمبر 385 تي لکي ٿي ته ”هن واقعن مان چنيسر جو ڪهڙو ڪردار ٿو اڀري، اهوئي بادشاهن جي ڪرپٽ طبيعت، عياش ۽ عورتن جي حوالي سان ترڪڻي طبيعت وارو ڪردار“ ساڳئي صفحن تي لکي ٿي ته چنيسر جي ڪردار کي سڀني کڻي چوٽ چاڙهيو آهي. سڀني مان مُراد عام شاعر ۽ اديب نه آهي، پر لاکاڻي لطيف لاءِ لکي ٿي ته ” چنيسر جي ڪردار کي جيتوڻيڪ هرو ڀرو مٿانهون ڪيو اٿس“( صفحو نمبر384). واه ميڊم ڪهڙا نه تحقيق جا واهڙ وهايا آهن! انهيءَ مان ثابت ٿيو ته لطيف کي به بخش نه ڪيو اٿس. ”هروڀرون مٿانهون ڪيو اٿس“ مان ثابت ٿئي ٿو ته لطيف رح ڪو محققه کان به مت جو موڙهيل هو، جنهن بقول ترڪڻي طبيعت واري کي مٿانهون ڪري ويو، انهيءَ کان سواءِ لاتعداد ڳالهيون اوٽ تي لکي وئي آهي بس اهو لکي جان ڇڏائي اٿس ته ”روايت آهي“.

    تحقيقي مقالن ۾ انهيءَ جملي سان ڪم نه هلندو پر روايت کي ثابت ڪرڻ لاءِ دليل ڏيڻ ضروري هوندا آهن، جيڪي محترمه نه ڏنا آهن، صاف ڳالهه آهي ته جيڪي ڳالهيون اوٽ تي لکيون وڃن ته انهن جو ثبوت ڪٿان آڻي؟ ٿوري دير لاءِ سوچيم ته سندس استاد کي پنهنجي شاگردياڻي کي گُٿل لفظن ۽ غلط روايتن کان روڪڻ گهرجي ها جي پاڻ هروڀرو ضد ڪري ها ته مقالي کي منظور ئي نه ڪيو وڃي ها، اها ڳالهه پاڻ مهاڳ ۾ هن ريت ڇڏائي اٿس ته ”سائين اياز قادري جا سڀني کان وڌيڪ ٿورا جنهن ڪيترين اختلافي ڳالهين کي منهنجي راءِ جو حق طور قبول ڪند، مونسان ڀرپور تعاون ڪيو“ هتي به پاڻ استاد جي ڳالهه ڪسي ڪئي اٿس، ڪوبه محقق جيڪڏهن ڪنهن تحقيق جو نگران هجي ته انهيءَ کي اختلافي ڳالهين تي اسٽينڊ وٺڻ گهرجي ها، چاهي مقالو ڊاڪٽريٽ لاءِ نامنظور ٿئي. اسان هاڻ ڊاڪٽر ايازقادري مرحوم لاءِ ڪابه ڳالهه گهٽ وڌ نٿا لکي سگهون ڇاڪاڻ ته هو پنهنجو وارو وڄائي راهه رباني ڏي راهي ٿي چُڪو آهي، تڏهن به اسان مرحوم جي خاموشي تي حيرت زده آهيون ته اختلافن کانپوءِ خاموش ڇو رهيا؟ ڇا انهيءَ خاموشي ۾ مرد جي ترڪڻي طبيعت وارو عنصر شامل هو؟!!!

    نورمحمد ڪلهوڙي جي ڪردار ۽ ڊاڪٽر صاحبه جي تحقيق تي لکڻ جي تمام گهڻي گنجائش آهي، انهيءَ تي تفصيلي تنقيدي مقالو لکڻ کان اڳ هن صحبت ۾ آئون صرف ٻن ڳالهين تي ٽيڪا ٽپڻي ڪندس اهو سلسلو ڪافي قسطن ۾ پڄاڻي تي رسندو. پهرين آئون ڊاڪٽر صاحبه جي ڪتابن مان حوالو نقل ڪريان ٿو” شاهه جي فقيرن ۾ هڪ مائي نعمت يا نيامت نالي به سندس معتقد هئي، جنهن لاءِ چيو وڃي ٿو ته کيس شاهه جو سمورو ڪلام زباني ياد هو، روايت آهي ته هڪ دفعي شاه صاحب فقيرن پاران لکيل سمورو ڪلام ڪراڙ ڍنڍ ۾ اڇلارائي ڇڏيو هو ته متان ماڻهون ان کي نه سمجهن يا ان مان غلط مطلب ڪڍي گمراه ٿين پر پوءِ فقيرن جي گهڻي زور ڀرڻ تي چيائين ته اهو مائي نيامت کان پُڇي ٻيهر لکو. ان مان ظاهر ٿو ٿئي ته کيس ان مائيءَ جي سمجهه ۽ يادگيريءَ تي ڪيڏو نه ڀروسو هوندو هو.(صفحو نمبر210)).“

    تعجب آهي ته ايڏو وڏو ڪوڙ لکندي يونيورسٽيءَ جي ڪنهن به استاد اعتراض نه ڪيو، پهرين ڳالهه ته موصوفه مائي نعمت واري قصي جو مٿيون حوالو ڪٿان ورتو؟ انهيءَ لاءِ سندس ڪتاب خاموش آهي. ڊاڪٽر صاحبه کي اها به خبر نه هئي ته جنهن ملي نيامت جو پاڻ ذڪر ڪري رهي آهي، انهيءَ جا ماءُ پيءُ به ان وقت ڄاوا به ڪين هئا. هاڻي نعمت يا نيامت جي باري ۾ ڊاڪٽر عمر بن محمد دائودپوٽي نئين زندگي ۾ شاهه جي رسالي جا 3 آڳاٽا قلمي نسخا ۾ ذڪر ڪيو آهي ته هن کان هڪ خوشخط رسالو مير نورمحمد خرچ ڏئي لکرايو. اهڙيءَ طرح ڊاڪٽرنبي بخش بلوچ شاهه جي رسالي جا سرچشما ۾ ڇهن صُفحن تي مائي ملي نعمت جي رسالي جو تفصيل پهرين ۽ آخري صفحي جا عڪس ڏنا آهن، جنهن ۾ رسالي لکڻ جي تاريخ 28 جمادي الثاني سن 1270هه مطابق 28 مارچ 1854ع ڌاري اتاري پورو ڪيو.

    شاهه سائين بابت سندس لاڏاڻي جي سن 14 صفر مطابق 1754ع ۾ ڪنهن کي به اختلاف نه آهي. اڪثر اديب انهيءَ سن تي متفق آهن، هاڻ قارئين خود اندازو لڳائن ته مائي ملي نعمت اهو رسالو 1270هه ۾ لکيو يعني هجري سال مطابق لطيف سائين جي وفات کان 105 سال پوءِ لکيو ويو ۽ عيسوي سن مطابق پورو هڪ سؤ سال بعد لکيو ويو. پنهنجي ڳالهه وڌائڻ يا عورتن جي قابليت ثابت ڪرڻ لاءِ هن سائنسي ۽ تحقيق دؤر ۾ 100 سالن جو گهپلو هڻڻ سراسر ارهه زورائي آهي جيڪا علمي ادبي خيانت چئبي، جنهن جي جيتري نندا ڪجي ته ٿوري آهي، سندس انهيءَ هاڃيڪار غلطيءَ ڪري خود ڪراچي يونيورسٽي جي لطيف چيئر به اثر انداز ٿئي ٿي ته وٽن ڪي به اهڙا ٽيوٽر استاد نه هئا جيڪي اهڙي شديد غلطي جي اصلاح ڪن ۽ هونهار شاگردياڻي عورتن کي هروڀرو مٿاهون ڏيکارڻ لاءِ 100 سالن جي جيڪا هيراڦيري ڪئي آهي، اها سندن ساک خراب ڪندي.

    سهڻي ميهار جي قصي بابت به ڊاڪٽر صاحبه عجيب گوهر افشانيون ڪيون آهن. عورتن جي ڪردار کي بلند ڪرڻ ۾ اسان کي ڪوبه اعتراض ناهي، عورت جي عظمت پنهنجي جڳهه تي قائم دائم آهي پر جيڪڏهن شاعر ڪنهن سورمي يا سورمي کي علامتي ڪردار طور کنيو آهي ته انهيءَ کي حقيقي سمجهي ٻين ڪردارن جي بي عزتي ڪرڻ ڪٿي جو انصاف آهي. انهيءَ بحث کي ڪنهن ٻي موقعي تي ڇڏيون ٿا.

    شاهه سائين جي سورمي سُهڻي تي ڪافي بحث ٿيو آهي ته سهڻي جو ڪردار ڪيترو ساراهه جوڳو آهي، هت اسان صرف اهو چاهيون ٿا ته سهڻي جي تعريف ڪرڻ جي بجا طور درست آهي پر ڏم لاءِ نازيبا لفظ استعمال ڪرڻ ڪهڙي دانشمندي آهي، انهيءَ لاءِ محققه صفحو نمبر327 تي لکي ٿي ته ” ڏم ڪو بلند ڪردار يا اصول پسند مرد به ڪونه هو. ڏينهن ۾ ڏهه ڏهه ڀيرا طعنا هڻندو هئس.“ عجيب ڳالهه آهي ته ليکڪا ، مذهب، اخلاقيات، معاشري جي سڀني تقاضائن جون حدون اورانگهيندي لکي ٿي ته ڪنهن مڙس کي زال بابت معاشقي جي خبر هجي ۽ مهڻا ڏي ته هُو بي اصول، پست ڪردار جو ٿي پوي ٿو، جڏهن ته پراڻي زماني کان وٺي هيستائين عورتون، ڪارو، ڪاري جي الزام هيٺ مرنديون اچن پر شابس ڏم کي هجي جونه ماريس ٿو، نه هٿ کڻيس ٿو پر نصيحت ڪريس ٿو، جيڪا ڊاڪٽر صاحبه طعنا جا نالا ڏئي کيس بدڪردار جي کاتي ۾ شامل ڪري ٿي، جنهن شخص پنهنجي غيرت جي قرباني ڏني انهيءَ کان اڃان ڪهڙي وڌيڪ توقع ڪئي وڃي، ڇا ڊاڪٽر صاحبه اهو چاهي ٿي ته ڏم انهيءَ وقت بلند ڪردار ٿيندو، جڏهن سهڻي کي گڏ ميهار وٽ وٺي وڃي ها؟! هن آزاد خيال دؤر ۾ ڪوبه شخص ڏم جيتري قرباني ڏيڻ لاءِ شايد تيار نه هجي، جيڪو ڪردار وٽس پاڪيزه آهي. شاهه صاحب ان لاءِ ته اهو به چيو آهي ته :



    تڙ تڪڙ تار ۾ گهڙڻ، اي ڪاڻيارن ڪم،

    ڏهه ڏهه ڀيرا ڏينهن ۾، ڏي ڏوراپا ڏم،

    عقل مت شرم ٽيئي، نينهن نهوڙيا.



    هاڻ جيڪڏهن ڪاڻياري به آهي، عقل، مت، شرم ٽنهي کان آجي آهي، انهيءَ جي ڪردار جي انتهائي قابل تعريف آهي ته اسان اهو مطالبو ڪرڻ لاءِ حق بجانب آهيون ته ڪارو، ڪاري جي رسم کي ٻُنجي ڏيڻ وارو ڏم ڀي قابل تعريف آهي، جيڪو بقول لاکيڻي لطيف جي عقل، مت، شرم کان آجي ۽ ڪاڻياري کي به ڏوراپا پيو ڏي ۽ نصحيتون ڪري رهيو آهي،” نه هٿ ٿو کڻيس ۽ نه گهر مان ٿو ڪڍيس نه ئي ڌڪ سان پورو ٿو ڪريس“، اسين ڏم جي انهيءَ روش کي خراج تحسين پيش ڪندي سندس بلند ڪرداري کي سلام ڪريون ٿا.

    مقالي ۾ سهڻيءَ جي قصي جي حوالي سان به متضاد ڳالهيون لکيون اٿس، سهڻيءَ جو داستان سنڌ ۾ آڳاٽي وقت کان مروج هئڻ ڪري اهو هتي جي شاعرن ڳايو. شاهه صاحب ڪهڙي قصي کي قبول ڪيو آهي، اهو چئي نه ٿو سگهجي (صفحو نمبر 317).

    صفحي 320 تي وري لکي ٿي ته سهڻي ميهار ڇاڪاڻ جو اسان اڪثر محققن پنجاب جو قصو تسليم ڪيو آهي اسين به ان کي ائين ئي تسليم ڪندي ڏسون ٿا. هتي به اهائي غير يقيني واري ڪيفيت يقدم بدلائي پنجاب جو قصو ڪري ڇڏيائين يعني ساڳئي ڪتاب جي صفحي 317 تي چوي ٿي ته شاهه صاحب ڪهڙي قصي کي قبول ڪيو آهي چئي نٿو سگهجي پر يڪدم بنا ڪنهن تحقيق جي پنجاب جو قصو ٿي ويو. اها ڳالهه پنهنجي جاءِ تي حقيقت آهي ته اڪثر اديب پنجاب جي قصي کي مڃين ٿا. ڊاڪٽر نبي بخش واحد محقق آهي جنهن باقائدي، هر پاسي کان بحث ڪري ثابت ڪيو ته شاهه سائين سنڌ واري قصي کي ڳايو آهي، محققه جي اها تحقيق پڙهيل ٿي ڏسجي پاڻ خود لکي ٿي ته :

    پنهنجي دعوى جي ثابتي ۾ ڊاڪٽر صاحب سهڻي ۽ ميهار جي حسب نسب سندس علائقي ۾ اهڃاڻن بابت بحث ڪيو ۽ شاهه صاحب کان اڳ جي سنڌي شاعري مان قصي کي جنهن ريت اُڀاريو آهي، اُن جو تت هيءُ آهي:

    ”سندس تحرير مان ثابت ٿئي ٿو، ڊاڪٽر صاحب پنهنجي دعوى ۾ ڪافي دليل ڏنا آهن.“ صفحو نمبر 315.

    قارئين اهو ٻُڌي تعجب ڪندا ته سنڌ جا اهي اديب يا محقق جيڪي پنجاب جي قصي جا قائل آهن، انهن مان ڪنهن به دليل نه ڏنو آهي، صرف ڊاڪٽر گربخشاڻي حوالو ڏنو آهي ته هي قصو اصل پنجاب جو آهي ۽ اتي جي ڪيترن شاعرن هن کي نظم ۾ آندو مگر سڀني کان سيد فضل شاهه وارو جوڙيل نظم وڌيڪ مشهور آهي(ڏسو رسالو گربخشاڻي).

    انهيءَ کانسواءِ ڪنهن به اديب پنجاب جي قصي لاءِ ڪوبه ثبوت نه ڏنو،جيتوڻيڪ گربخشاڻي کان گهڻو اڳ مرزا قليچ بيگ ، ليلا رام به هن قصي کي پنجاب جو قصو چيو آهي ڊاڪٽر فهميده پنهنجي مقالي ۾ پنجاب جو قصو ٻُڌائيندي جن محققن جا حوالا ڏنا آهن انهن جي اهم سٽ جيڪا واقعي کي سنڌ جو ثابت ڪري ٿي سا تڳائي وئي آهي، جن اديبن به پنجاب جو واقعو قرار ڏنو آهي، انهن شاهجهان جي دؤر جو لکيو آهي لالا رام وطن مل جنهن ڪتاب 1889ع ۾ شايع ڪيو صفحي نمبر 70 تي لکي ٿو ته:

    “During reign of Shah Jahan there lived in a small village called Gujrat in the Punjab a potter tulla (page 70 life religion and poetry of Shah Latif.

    شاهجهان جي دؤر ۾ پنجاب جي هڪ ڳوٺ گُجرات ۾ تلا نالي ڪنڀار رهندو هو، وري مرزا قليچ بيگ لائف آف شاهه عبدالطيف ڀٽائيءَ ۾ لکي ٿو : Shah Jahan was then the emperor of Dehli (page No.88). ان وقت دهلي جو بادشاهه شاهجهان هو.

    سائين جي ايم سيد جي نياڻي ڊاڪٽر دُرِشهوار پنهنجي پي ايڇ ڊي جي انگريزي مقالي۾ لکي ٿي ته:

    “During the reign of Sahah Jahan 1627-1655 the Mughal ruler of India there lived wealthy potter Tulla in Gujrat (Punjab) who was popular because of his beautiful pottery (page no290) The Poetry of Shah Latif Bhitai.”

    ترجمون: ”هندستان جي مغل بادشاهه شاهجهان جي دؤر1627ع کان 1655ع پنجاب جي گُجرات ۾ تلا نالي مشهور دولتمند ڪنڀار رهندو هو ، جيڪو خوبصورت ٿانون جي ڪري مشهور هو.“

    ڊاڪٽر عبدالجبار شام سنڌ يونيورسٽي جي ڪينجهر مخزن 1987ع 25 صفحي تي لکي ٿو ته سهڻي تلا ڪنڀر جي ڌيءَ هُئي، جنهن جو ميهار سان عشق ٿيو، هي رومان مغل بادشاهه شاهجهان (1627 کان 1655 ) جي زماني جو چيو وڃي ٿو“

    مٿيان سڀئي حوالا انهن اديبن جا آهن، جيڪي سهڻي ميهار جو قصو پنجاب جو ٻُڌائين ٿا، انهن سڀني ديانتداري سان شاهجهان جي دؤر جو سن به لکيو آهي، پر ڊاڪٽر صاحبه جتي شاهه صاحب جي سڀني سورمين جي دؤر جا سن لکيا آهن پر سُهڻي ميهار جي دؤر جو سن گُم ڪري ويئي . انهيءَ جو سبب يقينن اهو آهي ته پاڻ ڊاڪٽر نبي بخش جي سهڻي ميهار بابت تحقيق غور سان پڙهي آهي. ڊاڪٽر صاحب تفصيلي گفتگو ڪندي نه صرف حسب نسب علائقائي اهڃاڻن تي بحث ڪيو آهي، پر پنجاب جي قصي بابت به پنجاب جي اديبن جا حوالا ڏنا آهن ته اهي پنجاب جي واقعي کي فرضي يا ڀٽائي کان پوءِ مدون ڪرڻ جا حوالا ڏنا آهن. سن ڏيڻ سان سنڌي قصي جو دليل مضبوط ٿئي ٿو. انهيءَ لاءِ مشهور آهي شاهه سائين وٽ قرآن ، مثنوي مولانا رومي ۽ شاهه ڪريم جو بيان العارفين گڏ هوندو هو، شاهه ڪريم 1622ع ۾ 88 سالن جي عمر ۾ تاريخ 7 ذوالقعد آچر جي رات سانجهي نماز مهل لاڏاڻو ڪيو، هاڻي اسان شاهجهان جي دؤر جي ڀيٽ شاهه ڪريم سان ڪريون ٿا ته شاهجهان جي بادشاهه ٿيڻ کان 5 سال اڳ شاهه ڪريم گُذاري ويو، بيان العارفين ۾ ٻه بيت شاهه ڪريم جا سهڻي بابت موجود آهن، جيڪي اعلان ٿا ڪن ته سهڻي ميهار جو قصو شاهجهان کان ڪافي اڳ جو آهي، جڏهن ڀٽائي وٽ ڪريم جو ڪلام موجود هو ته هن تي پنجاب جي قصي جو اثر ڪيئن پوندو، ڊاڪٽر صاحبه پنجاب جو قصو مڃيندي، قصي جي اپٽار ڪئي آهي، جيڪا يقينن شاهه صاحب سان زيادتي آهي، جڏهن مُنڍ ۾ خود به ٻُڌائي ٿي ته شاهه صاحب ڪهڙي قصي کي کنيو آهي، چئي نٿو سگهجي.

    ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ جي قصي ۾ ايتري جامع تحقيق آهي جنهن کي پڙهن کان پوءِ سهڻي ميهار جو قصو ، جيڪو شاهه ڳايو آهي، انهيءَ کي پنجاب جو قصو سمجهڻ بيوقوفي کانسواءِ ڪجهه ناهي. لاتعداد دليلن کان پوءِ پنجاب جي قصي کي دليلن بغير مڃڻ ۾ انهيءَ کانسواءِ ٻي ڪابه ڳالهه سمجهه ۾ نٿي اچي ته ڊاڪٽر فهميده اديبن جي انهي گروپ ۾ شامل آهي، جيڪي ڊاڪٽر نبي بخش جي پورهئي جي هميشه مخالفت ڪندا رهيا آهن. ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي پورهئي جي طريقه ڪار يعني سرڪاري ادارن کان امداد وٺي ڪم ڪرڻ تي اعتراض ته ڪري سگهجي ٿو ته ڪي اسڪييمون ٻين اديبن کي ملڻيون هيون ته ڊاڪٽر صاحب اثر رسوخ استعمال ڪري انهن اسڪيمن جو پاڻ سربراهه ٿيو، باقي سندس قابليت ۽ تحقيقي صلاحيت جو انڪار هٺ ڌرمي ٿيندي. خاص ڪري اهڙي تحقيق جيڪا مستند حوالن ۽ خود پنجاب جي اديبن جي حوالي سان لکيل هُجي، ان کي محض گروپ بندي جي بنياد تي انڪار، هٺ ڌرمي ۽ ارهه زورائي چئبي، اسان سڀني حوالن کي هڪ پاسي ڪندي صرف ڊاڪٽر صاحبه کان انهيءَ ڳالهه جو جواب گهرون ٿا ته پاڻ جن محققن جا حوالا ڏنا اٿس، انهن شاهجهان جي دؤر جو قصو مڃيو آهي ته انهيءَ کان ڪافي سال اڳ سهڻي جا بيت ڪهڙي کاتي ۾ داخل ڪري ٿي؟ آئون پنهنجي هن تنقيدي مقالي جي پهرين قسط هن سٽ سان ختم ڪريان ٿو ته:



    هيڙا هانڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾

    ٻي پڙهڻي:

    هيڙا هانڃا ٿين ڀينر هن ڀنڀور ۾.!


    بشڪريه ڪمپوزنگ : نثاراحمد ناز ( ديسي طب جي نگري ديسي طب جي دنيا )
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڊاڪٽر فهميده ميمڻ جي تحقيقي ٿيسز ( ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“تي تنقيد

    ڊاڪٽر فهميده ميمڻ جي تحقيقي ٿيسز شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“” تي تنقيدي جائزو. قسط نمبر ٻي (2)

    __ تحرير حڪيم محمد يوسف کتري.

    پهرين قسط ۾ ڪافي ڳالهين جي اپٽار ٿي، جن مان مون اهو به ذڪر ڪيو هو ته ڊاڪٽر صاحبه عورت جي ڪردار کي بلند ڪرڻ لاءِ سؤ سال لطيف کان بعد ۾ پيدا ٿيل عورت کي لطيف جو هم عصر بنائي ڇڏيائين. اهڙيءَ طرح ڏهه ٻارهن سالن جي گهاٽي واڌي ڪرڻ ۾ ڊاڪٽر صاحبه دير نه ڪئي آهي. تعجب جي ڳالهه اها آهي ته پاڻ جيڪي حوالا ڪتابن تان ڏنا اٿس انهن ۾ ته سن صحيح لکيو اٿس پر جڏهن پاڻ پنهنجو تحقيقي تبصرو ڪيو اٿس اتي هرون ڀرون ڏهه ٻارهن سال هيٺ مٿي ڪري وئي آهي، انهيءَ جي خبر مونکي تڏهن پئي جڏهن هڪ دوست شاهه جي شاعريءَ جي اوسر تي هڪ مقالو لکي رهيو هو. جنهن ۾ هن لطف الله قادري جي شاعريءَ جي ڀيٽا لطيف سان ڪئي هئي، جيڪي لفظ ۽ جملا پهرين لطف الله قادري استعمال ڪيا هئا سي لطيف جي رسالي جو حوالو ڏيندي شاهه صاحب تي لطف الله قادري جي شاعريءَ جي اثر جو ذڪري ڪندي کيس هم عصر قرار ڏنو ۽ چيائين ته لطف الله قادرري جڏهن وفات ڪئي ته لاکيڻو لطيف ٻارنهن سالن جو هو، ممڪن آهي ته سندس لطف الله قادريءَ سان ملاقات ٿي هجي.
    مون ان دوست سان اختلاف ڪيو ، چيومانس ته جيستائين مُنهنجي معلومات آهي ته لطف الله قادري شاهه صاحب جي ولادت کان ڪافي اڳي گُذاري ويو هو. دوست يڪدم ڊاڪٽر صاحبه جو ” شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ کڻي آيو، صفحي نمبر 55 تي اڳي ئي وچ ۾ پنو ڏئي آيو ۽ چيائين ته پڙهي ڏس هي تحقيقي ٿيسز آهي، جنهن تي ڊاڪٽريٽ جي ڊگري به ملي آهي، ان ۾ لکيل آهي ته لطف الله جي وفات وقت شاهه صاحب ٻارهن سالن جو هو. آئون پڙهي پريشان ٿي ويس ڪوشش ڪيم ته ڊاڪٽر صاحبه اهو حوالو ڪٿان آندو پر اهڙِي ڪابه سَنَد ڪتاب ۾ موجود نه هئي ، ساڳئي صفحي تي شاهه لطف الله قادريءَ جو سن پيدائش ۽ وفات جو لکيل هو ۽ ابتدائي جملن مان اندازو پي ٿيو ته ڊاڪٽر صاحبه لطف الله کي ڀٽائيءَ کان اڳ جو شاعر قرار ڏنو آهي، قارئين جي معلومات لاءِ ساڳئي ڪتاب جي صفحي 155 تان هوبهو نقل ڪجي ٿو.
    ” شاهه لطف الله قادري 1020 کان 1090 هه : سنڌي ڪلاسيڪي شاعريءَ ۾ شاهه لطف الله قادري شاهه لطيف کان ٿورو ئي اڳي جو شاعر ٿي گُذريو آهي، سندس بيتن لاءِ چيو وڃي ٿو ته اهي شاهه ڪريم ۽ شاهه عنايت جي بيتن جي وچ واري ڪڙي آهن.“
    شاهه لطف الله جي ڄم واري سن تي تبصري ڪرڻ کان پهرين قارئين اندازو لڳائين ته مٿئين جملن مان اهوئي اندازو ٿو ٿئي ته لطف الله قادري ڀٽائي کان اڳي ٿي گُذريو آهي، پر افسوس جو ڊاڪٽر صاحبه چند سٽن کان پوءِ ساڳئي صفحي تي لکي ٿي ته ” جڏهن لطف الله قادري وفات ڪئي ته شاهه لطيف ٻارهن سالن جو هو.“ قارئين خود اندازو لڳائين ته ٻنهي جملن ۾ تضاد آهي يا نه ؟! اسان انهيءَ مسئلي کي نظرانداز ڪندي ساڳئي صفحي تي لطف الله قادري جي ڄم جو سن 1020 هه ۽ وفات وارو سن 1090 هه ڄاڻايل آهي. هاڻ ٻي طرف اسان شاهه ڀٽائي رح جي ڄم جي تاريخ تي اچون ٿا منهنجي خيال ۾ لطيف سان ٿوري گهڻي محبت رکڻ واري کي اها خبر ضرور هوندي ته شاهه صاحب 1102 هجري ۾ ڄائو هو، انهيءَ باوجود آئون ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ جي مرتب ڪيل ڏهن جلدن واري رسالي جي پهرين جلد جي صفحي نمبر 10 تان حوالو نقل ڪريان ٿو، ان وقت جي عالم فاضل شاعر سيد غلام محمد گدا تاريخي مادي واري شعر مان ڪڍيو .



    گدا سال توليد سلطان ڀٽ
    شنيدم هاتف عنايت شعار
    1102



    هاڻ قارئين خود حساب ڪن ته ڊاڪٽر صاحبه خود ساڳئي ڪتاب ۾ لطف الله قادريءَ جي وفات جو سن 1090 هجري لکيو آهي، معنى ته شاهه سائين لطف الله قادريءَ جي وفات کان 12 سال پوءِ ڄائو هو. معنى ته هتي يڪو 24 سالن جو گهپلو هنيو اٿس، اسان جو دماغ ڪنهن نتيجي تي پُڄڻ کان سواءِ اهو ئي ڪم ڪري رهيو آهي ته آخر هر ڳالهه جي خبر هجڻ کان پوءِ به اتي جو اتي 24 سالن جي هيراڦيري ڇو؟، تحقيقي مقالن تي ته وڏي محنت ٿيندي آهي، لاهيون چاڙهيون، غلطيون، سلطيون نه صرف شاگرد پاڻ بار بار ڏسڻ جي ڪوشش ڪندو آهي پر سندن ٽيوٽر انهن غلطين جي نشاندهي ڪندا آهن . اسان جي سمجهه کان اها ڳالهه گهڻو مٿي آهي ته ٻنهي کي اها سادي ڳالهه سمجهه ۾ ڇو نه آئي؟، اها به خبر نه آهي ته ساڳئي مقالي جو ترجمون ڊاڪٽر صاحبه جي ڀائٽي انگريزي ۾ ڪيو آهي، اتي انهن غلطين جي اصلاح ڪئي وئي آهي يا نه ، اهو ترجمون جڏهن يورپي ملڪن ۾ پڙهيو ويندو ۽ انهن جي انهن غلطين کي ڏٺو ته اسان لاءِ هو ڇا راءِ ڏيندا؟ مُنهنجي ڊاڪٽر صاحبه ۽ مترجم انگريزي کي گُذارش آهي ته آئنده ايڊيشن ۾ گهٽ ۾ گهٽ اهڙين واضح غلطين جي اصلاح ڪن، جيئن آئنده ڪو ماڻهو گمراهه نه ٿئي جيئن ٻُڌايل دوست پنهنجي غلط ڳالهه کي مڃاڻڻ لاءِ زير بحث ڪتاب جو حوالو ڏئي رهيو هو. ساڳئي صفحي تي ڊاڪٽر صاحبه لکي ٿي ته جڏهن شاهه ڪريم وفات ڪئي ته شاهه لطف الله چوويهن سالن جو هو. هتي محترمه ساڳيو گهپلو هنيو آهي، پاڻ اهي عمريون ڌڪي ۽ اوٽ تي لکندي آئي آهي، ايتري به تڪليف گوارا نه ڪيائين ته شاهه ڪريم جي وفات ۽ لطف الله قادري جي پيدائش جو سن ڀيٽي لطف الله قادري جي صحيح عمر لکي، اسان ڊاڪٽر عمر بن دائودپوٽي جي لکيل ڪتاب شاهه ڪريم بلڙي واري جو ڪلام ڇپيل 1937ع صفحي نمبر 18 تان شاهه ڪريم جي وفات جو سن نقل ڪريون ٿا، جڏهن شاهه ڪريم هن بي بقا جهان مان لاڏاڻو ڪيو تڏهن سندن عمر 88 ورهيه هئي، تاريخ 7 ذوالقعد سن 1032 هه آچر جي رات مغرب نماز جي وقت سندن مبارڪ روح وڃي رب کي پهتو. قارئين کي ٻُڌائي آيو آهيان ته ڊاڪٽر صاحبه سندس ڪتاب جي صفحي نمبر 155 تي لطف الله قادريءَ جي تاريخ پيدائش 1020 هجري لکي آهي، هاڻ پاڻ خود ٻُڌائي ته شاهه ڪريم 1032 هه ۾ وفات ڪئي ته لطف الله قادري گهڻن سالن جو هو؟ مُنهنجي خيال ۾ ڪُند ذهن ماڻهوءَ جو به جواب هوندو ته لطف الله قادري 12 سالن جو هوندو، ڊاڪٽر صاحبه لطف الله قادري جي عمر 24 سال لکي آهي، آئون سمجهان ٿو ته اها تحقيق نه پر نه صرف اديبن پر پڙهندڙن سان هڪ قسم جو مذاق آهي، مون سمجهو ته شايد پروف جي غلطي هُجي پر ڪتاب ۾ ته چوويهه سال انگن ۾ نه پر اکرن ۾ لکيل آهن انهيءَ ڪري پروف جي غلطي جو سوال ئي نٿو پيدا ٿئي، هتي هڪ دلچسپ سوال اڀري ٿو ته واجب الاحترام ڊاڪٽر صاحبه انهيءَ صفحي تي هر دفعي ٻارنهن سالن جي هيرا ڦيري ڇو ڪئي آهي، انهيءَ مان پاڻ ڪهڙو فائدو وٺڻ چاهي ٿي؟، بزرگن جي باري ۾ اڪثر روايتون معجزا ڪرامتون ۽ اڻ وسهندڙ ڳالهين جون هونديون آهن، ڀٽائي ءَ لاءِ به مير عبدالحسين سانگي اهڙيون روايتون لکيون جڪي بعد ۾ اسان جي اديبن نقل در نقل شايع ڪيون ۽ انهن ۾ غير اخلاقي اضافا ڪيا، جن کي محترمه بنياد بنايو، مثلاً مائي گُلان واري روايت جيڪا مير عبدالحسين سانگي لکي، ته جڏهن گلان دربار ۾ پُڳي ته ميان صاحب ان کي ڏسندي مٿس عاشق ٿي پيو آخر گُلان شريعت موجب ميان صاحب جي زال ٿي ان مان غلام شاهه ڄائو(لطائف لطيفي صفحو نمبر52) اها روايت وڌائڻ وارن وڌائي وڃي اتي بيهاري ته نورمحمد ڪلهوڙي چيس ته هينئر مون کي زنا ڪرڻ ڏي ، گُلان ڪڃري کتو جواب ڏنس نيٺ مجبور ٿي شادي ڪيائين، ڊاڪٽر صاحبه به اها ڳالهه ڪري گُلان ڪڃري کي بلند ڪردار ۽ نورمحمد ڪلهوڙي کي بدڪردار چيو آهي.
    اسان اهو بحث ٽين قسط ۾ ڪنداسين هت مختصر ٻُڌائيندو هلان ته 1984ع ڌاري نئين زندگي ۾ هڪ تحقيقي مضمون شايع ڪرايو هئم ته غلام شاهه ڪلهوڙو گُلان ڪڃريءَ جو پُٽ نه هو ۽ نه ئي اها شادي ٿي، جڏهن گُلان ڪڃري ڀٽ تي نچي هئي ته غلام شاهه ڪلهوڙو ڳڀرو جوان ايران ۾ قيد هو، انهيءَ ڪري ڊاڪٽر صاحبه نورمحمد ڪلهوڙي کي جنهن بنياد تي بدڪردار چيو آهي اها روايت ئي ڪوڙي آهي ، انهيءَ بابت ناز سنائي کان خبر پيم ته ڪاوش ۾ به ان بابت بحث هليو ، مون اهو مضمون نه پڙهيو آهي، آئندي قسط ۾ انهيءَ تحقيق جي حوالي سان ڊاڪٽر صاحبه جي نورمحمد ڪلهوڙي بابت تحقيق کي ڀيٽينداسين.
    آخر ۾ آئون اهو به چوندس ته ڊاڪٽر صاحبه به ٻين اڻ پڙهيل ماڻهن وانگر روايتون گهڙي ڪتاب ۾ لکيون آهن، اهڙي هڪ روايت زير بحث ڪتاب جي صفحي نمبر 191 تي موجود آهي، جيڪا اجها هن ريت آهي:
    ” شاهه لطيف عشق ڪيو ۽ تمام ڀرپور نموني ڪيو هو ۽ ان عشق اصل سُک سمهڻ نٿي ڏنس،روايت آهي جڏهن عشق جي آڳ جلائيندي هئس ته پاڻ شاهه عنايت وٽ هلي ويندو هو، جيڪو سندس ان آڳ کي تسليءَ جا ڇنڊا هڻي ٿڌو ڪندو هو.“

    هن روايت لاءِ به ڊاڪٽر صاحبه ڪوبه حوالو نه ڏنو آهي، جنهن مان اهو ثابت ٿئي ٿو ته موصوفه اها روايت ڪنهن ڪتاب تان نه لکي آهي نه ته حوالو ضرور لکي ها! پوءِ اها روايت ڪٿان آئي جي ڪنهن ڀٽ رهواسي يا فقير کان معلوم ٿئي ها ته ان جو ذڪري ڪري ها، اسان اهو سمجهڻ تي حق بجانب آهيون ته اها روايت موصوفه پاڻ گهڙي آهي، لازمي آهي ته گهڙيل روايتن کي جڏهن آڏي پُڇا ذريعي پرکبو ته اها ڪوڙي ثابت ٿيندي، موصوفه جي ڏنل مٿئين روايت به سراسر ڪوڙ تي مبني آهي، هيٺ اسان حوالن سان ان کي ڪوڙو ثابت ڪنداسين.
    ڊاڪٽر صاحبه شاهه صاحب جي عشق بابت صفحي نمبر 188 تي لکي ٿي ته ويهن ورهين جي ڄمار ۾ سندس زندگيءَ ۾ عشق جي چوٽ لڳس، جيڪا عمر جي تقاضا هئي، سندس انهيءَ عشق بابت جيڪي روايتون مشهور آهن ، انهن جو تت اهو آهي ته شآهه صاحب ويهن ورهين جي ڄمار ۾ مرزا مغل بيگ جي گهر ۾ ان جي ناچاق نياڻي، سيدهه بيگم کي دُعا ڪرڻ ويو هو. مختصر حوالو لکڻ کانپوءِ هاڻ قارئين خود اندازو لڳائين ته سندس عشق جي پهرين چڻنگ ويهن سالن جي ڄمار ۾ دُکي انهيءَ کان پوءِ ئي انهيءَ آڳ جي صورت ورتي هوندي، هاڻ اسان سندس ڏنل انگ اکرن کي ڀيٽيون ٿا، پاڻ صفحي نمبر 158 تي ميين شاهه عنايت جي وفات جي تاريخ يعني سن 1701ع لکيو اٿس ، شاهه سائين جي ولادت جي تاريخ صفحي نمبر 186 تي 1689ع لکي اٿس، هي سنئون سڌو حساب آهي ته شاهه عنايت جي وفات وقت ڀٽائي جي عمر صرف 12 سال آهي، جڏهن ته پاڻ خود لکي ٿي ته شاهه سائين کي عشق جي لغار ويهن سالن جي عمر۾ لڳي يعني ان وقت شاهه عنايت کي وفات ڪندي 8 سال گُذري چُڪا هئا، هاڻ سندس روايت ته ”جڏهن عشق جي آڳ جلائيندي هئس، پاڻ شاهه عنايت وٽ هلي ويندو هو جيڪو سندس ان آڳ کي تسليءَ جا ڇنڊا هڻي ٿڌو ڪندو هو.“
    انهيءَ مان ثابت ٿئي ٿو ته پوءِ ڀٽائي شاهه عنايت جي قبر تي ويندو هوندو، جيڪو قبر مان نڪري کيس ڇنڊا هڻندو هو، ائين آهي ته آئنده ايڊيشن ۾ تصحيح ڪئي وڃي ته ڀٽائي قبر تي ويندوهو، شاهه عنايت قبر مان نڪري ڇنڊا هڻندو هو. ائين قارئين کي شايد يقين اچي وڃي، انهيءَ لاءِ ته اسان جا ماڻهون انهيءَ کان وڌيڪ ڪوڙين روايتن کي هضم ڪرڻ جا عادي ٿي چُڪا آهن. شاهه صاحب جي هن بيت سان هي ٻي قسط ختم ڪرڻ جي اجازت وٺندس:



    اگهيو ڪائو ڪچ ، ماڻڪن موٽ ٿي،
    پَلَؤ پايو سچ ، آڇيندي لڄ مران
     
  3. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڊاڪٽر فهميده ميمڻ جي تحقيقي ٿيسز ( ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“تي تنقيد

    ڊاڪٽر فهميده ميمڻ جي تحقيقي ٿيسز شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ تي تنقيدي جائزو”آخري قسط
    تحرير: حڪيم محمد يوسف کتري




    قسط: نمبر 3
    ٻي قسط ۾ لکيو هئم ته نور محمد ڪلهوڙي ۽ گُلان ڪڃري بابت ڊاڪٽر صاحبه جي تحقيق تي ٽيڪا ٽپڻي ڪئي ويندي. جيئن ته اڳ ٻُڌائي چڪو آهيان ته مون هڪ تحقيقي مضمون نئين زندگي لاءِ لکيو هو جنهن ۾ اهو ثابت ڪيو ويو هو ته نه ئي گُلان ڪڃري ڀٽ تي نچي هئي ۽ نه ئي نور محمد ڪلهوڙي شادي ڪئي ۽ نه ئي غلام شاهه ڪلهوڙي گُلان ڪڃريءَ جو پُٽ هو. غلط روايتن مطابق جڏهن گُلان ڪڃري ڀٽ تي نچي هئي ته غلام شاهه ويهن سالن جو هو. ائين مون لکيو ته انهيءَ تحقيق کان پوءِ هاڻ شاهه صاحب تي ڪير به آڱرنه کڻي ته نه وٽس ڪڃريون نچنديون هيون. ان جي ابتڙ ڊاڪٽر صاحبه گُلان ڪڃري جي واقعي کي نمايان ڪندي ڀٽ تي نچڻ ۽ ڪڃري چوڻ جي باوجود کيس بلند ڪردار چيو آهي. خبر نه ٿي پوي ته ڊاڪٽر صاحبه وٽ بلند ڪرداريءَ جو معيار ڪهڙو آهي؟ مردن جي ترڪڻي طبيعت لاءِ وٽس ڪهڙا ماپا آهن؟ ليلان هار تي مڙس وڪيو ته به ڏاهي، موکي شراب جو ڪاروبار ڪندي متارا ماريا ته به بلند ڪردار، سُهڻي جنهن لاءِ ڀٽائي چيو عقل مت شرم ٽيئي نينهن نهوڙيا سا به بلند ڪردار، حد ته اُ ها جو ناتر جنهن جي لاءِ لکي ٿي ته ڪاڪ تي هن ڪئين ڪونڌر ڪهايا هئا وري، ڪراچي ويجهو شراب جي بٺي لڳايائين انهيءَ لاءِ به لکي ٿي ته موکيءَ کي ماڻس (ناتر) فريب بدران سچائي ۽ خلوص جو سبق سيکاريو هو. (صفحو 445). بهر حال آئون ڊاڪٽر صاحبه جي بلند ڪرداري جي معيار کي سمجهي ڪونه سگهيو آهيان، جي ڪڃري ۽ نچڻ، ڳائڻ، مڙس سان بيوفائي، قتل و غارت، شراب جو ڪاروبار بلند ڪرداري آهي ته پوءِ بدڪاري ڪهڙي ٿيندي آهي؟ ڊاڪٽر صاحبه شاهه صاحب جي وائي (سُر معذوري) جي آخري سِٽَ ” پريان جي پُستان جو فاقو ئي فرحت“ تي تبصرو ڪندي لکي ٿي ته اِها سِٽ شاهه صاحب جي آهي ئي ڪانه (صفحو469) اسان صرف ايترو چونداسين ته ذهني سوچ جي بنياد تي جيڪڏهن شاهه جي بيت جي سِٽ جو انڪار محض انهيءَ بنياد تي ڪري ٿي ته شاهه سائين پُستان جو لفظ استعمال نه ٿو ڪري سگهي ته پوءِ هرون ڀرون ڀِٽ تي ڪڃري نچڻ جو ذڪر ڪرڻ ڪهڙي دانشمندي آهي؟ جڏهن سندس مقالي جو عنوان آهي ته” شاهه جي شاعريءَ ۾ عورت جوروپ“ مون کي ته لطيف جي شاعريءَ ۾ گُلان ڪڃريءَ جو ذڪر ڪنهن بيت ۾ نظر نه آيو آهي. پوءِ هرون ڀرون جو مقالي جي موضوع کان هٽي گُلان ڪڃري جوذڪر ڪري ڀٽائيءَ کي رنڊيون نچائڻ وارو ثابت ڪرڻ مان ڪهڙو فائدو؟. اهڙيءَ طرح نور محمد ڪلهوڙو ڪهڙي به حوالي سان سندس تحقيقي مقالي جي زمري ۾ نٿو اچي. بهر حال آئون پهريائين ڊاڪٽر صاحبه جي ڪتاب مان گُلان ڪڃري ۽ نور محمد ڪلهوڙي بابت حوالا ڏئي انهيءَ کان پوءِ انهيءَ تي محققانه تبصروڪندس. ڊاڪٽر صاحبه صفحي نمبر 206 تي لکي ٿي ته ، عورتن جي حوالي سان هڪ ٻئي واقعي جو تعلق به ميان نور محمد ڪلهوڙي سان آهي. جنهن هڪ راڳيندڙ عورت گُلان سان شادي ڪئي. جنهن جو پُٽ ميان غلام شاهه به سنڌ جو حاڪم ٿيو. اهو واقعو نه صرف شاهه جي ڪردار تي روشني وجهي ٿو بلڪه خود ميان نور محمد ڪلهوڙي جهڙن عيش پرست حاڪمن جي ڪرداري ڪمزورين تان به پردو کڻي ٿو. ان کان سواءِ هڪ عورت جي حيثيت ۾ گُلان هڪ راڳيندڙ بلڪه ڪن محققن جي بقول ڪڃريءَ جو ڪردار نورمحمد ڪلهوڙي جهڙي عياش حاڪمن کان بهرحال بهتر ۽ برتر ٿو محسوس ٿئي.
    انهيءَ کان پوءِ ٻيون ڪافي روايتون نقل ڪيل آهن، اهي ٻين اديبن جون آهن. ٻي هنڌ لکي ٿي ته ” شاهه لطيف سان به شروع ۾ سندس وڌندڙي مقبوليت سبب بغض رکي کيس مارائڻ جون ڪوششون ڪيون هئائين، عورتن جي معاملي ۾ به تمام خراب ۽ عياش بادشاهه هو. (صفحو نمبر182.) وري اڳتي پنهنجي راءِ ڏيندي لکي ٿي ته ” گُلان جي حوالي سان عورت جي باري ۾ پڻ نتيجا ڪڍي سگهجن ٿا. ميان نور محمد ڪلهوڙي لاءِ لکيو ويو آهي. هن گُلان سان ان مهل ئي صحبت يا محبت ڪرڻ چاهي پر هن نڪاح کان سواءِ هٿ به لاهڻ ڪونه ڏنس.“ چئبو ته ميان نور محمد سنڌ جو حاڪم اهڙو ڪردار جو ڪچو هو جو درٻار ۾ پيش ٿيل هڪ ڪڃريءَ تان به نه ٽريو ۽ ساڻس يڪدم صحبت جي خواهش اُٿيس. ٻئي طرف گُلان سماج جي بقول هڪ ڪڃريءَ م ايتري ساڃاهه يا پختگي هئي جو هن وقت جي بادشاهه جو ناجائز مطالبو مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ بادشاهه پنهنجي خواهش کان مجبور ٿي ان مهل ئي قاضي گهرائي ساڻس نڪاح وڌو.“ گُلان جي ڪردار شاهه لطيف کي تمام گهڻو متاثر ڪيو ڏسو صفحو (210) اهي ته اهي حوالا آهن جيڪي ڊاڪٽر صاحبه پاڻ پنهنجي راءِ طور ڏنا آهن. جنهن جو وچور هن ريت آهي ته: ”نور محمد ڪلهوڙوبدڪردار عياش ۽ ڪڃرين تان نه ٽرڻ وارو هو.“ انهيءَ ۾ ڪنهن به شڪ شبهي جي گُنجائش نه آهي ته اهي غلط روايتون اسان جي چوٽيءَ جي اديبن جي ڪتابن ۾ موجود آهن. جتان کان محترمه حوالا ڏنا آهن پر اسان کي شڪايت اها آهي ته پاڻ جتي ٻين مڃيل حقيقتن کان انڪار ڪيو اٿس ته پوءِ نور محمد ڪلهوڙي جي روايت کي بنا تحقيق جي اهميت ڇو ڏني اٿس؟ هت انهيءَ روايت جي پس منظر بيان ڪندي حوالن سان ثابت ڪندس ته گُلان جڏهن ڀٽ تي نچي هئي ته غلام شاهه 20 سالن جو هو ائين گُلان ڪڃري جي ميان نور محمد ڪلهوڙي سان وابستگي واري ڳالهه ئي چڪنا چُور ٿي وڃي ٿي . گُلان واري روايت سڀ کان پهرين مير عبدالحسين سانگي مريدن کان ٻڌي لطائف لطيفي ۾ ٻارهين حڪايت جي عنوان سان هن ريت لکي آهي ته ” مشهور آهي ته ميان نور محمد عباسي کي غلام شاهه پُٽ حضرت اوليا صاحب جي دُعا سان ٿيو هو. جيئن ته گُلان نالي ڪڃري حضرت اوليا صاحب جي خدمت ۾ خوش نصيبيءَ سان آئي ۽ راڳ ڳاتائين جنهنڪري اوليا صاحب تي گريي جي حالت طاري ٿي، فقير به وجد ۽ استغراق جي حالت ۾ اچي ويا. ان عورت اهڙي عجيب حالت ڏسي، حضرت اوليا صاحب کي عرض ڪيو ته منهنجي حق ۾ دعا ڪريو ته حلال جي روزي نصيب ٿئي ۽ عزت سان زندگي گُذاريان. حضرت اوليا صاحب گُلان کي فرمايو ته تون ميان نور محمد عباسي سنڌ جي حاڪم جي زال ٿيندين ۽ ان مان توکي پُٽ ڄمندو جيڪو عباسين جو به اڳواڻ هوندو. عزت اقتدار جي رتبي ۾ پيءُ کان به وڌي ويندو. آخرڪار ڪن منافقن اها خبر وڃي سنڌ جي حاڪم کي ٻُڌائي ته سيد عبداللطيف مڪار آهي(معاذالله) صوفي شاعر، بزرگ ۽ فقير نه آهي . مٺي آواز واريون ڪڃريون وٽس رهن ۽ عزت لهن ٿيون. ميان نور محمد انهيءَ خبر ٻُڌڻ شرط ماڻهو موڪليا ته وڃي حقيقت حال ڏسن جي واقعي اتي ڪا ڪڃري هجي ته ان کي مون وٽ وٺي اچيو ته پڪ ٿئي. ميان صاحب جا خدمتگار ماڻهو اڃان ڀٽ تي پُهتا ئي ڪين هئا ته حضرت اوليا صاحب کان گُلان وڃڻ جي موڪل ٿي ورتي تنهن تي اوليا صاحب فرمايو ٿورو ترس ته مڻيا دار موتيءَ جا خريدار ظاهر ٿين ۽ اچن. اوليا صاحب اڃا ائين چئي بس نه ڪئي ته ميان صاحب جا ماڻهو اچي پهتا ۽ گُلان کي پاڻ سان وٺي وڃي ميان نورمحمد جي درٻار ۾ حاضر ٿيا. ميان صاحب ان کي ڏسندي مٿس عاشق ٿي پيو. آخر گُلان شريعت محمدي موجب ميان صاحب ان کي ڏسندي مٿس عاشق ٿي پيو. آخر گُلان شريعت محمدي موجب ميان صاحب جي زال ٿي. ان مان غلام شاهه ڄائو. (لطائف لطيفي ترجمو صفحو52) بنيادي طور تي پهريون دفعو مٿئين روايت تحريري صورت ۾ آئي. انهيءَ ۾ محبت يا صحبت (زنا) ڪرڻ جو اضافو ڪيائين.مرزا صاحب جو سڄو بيان نقل ڪرڻ سان مضمون طويل ٿيندو، هت صرف اهو بيان لکون ٿا جيڪو مرزا صاحب پنهنجي طرفان اضافو ڪيو. ”گُلان تڪڙ نه ڪر ترس ته ڀلي موتين جا خريدار اچن ائين ڪندي ميان نور محمد جا ماڻهو اندر گهڙي آيا. کنڀڙين کان وٺي گُلان کي ٻاهر ڪڍي ۽ يڪدم ميان نور محمد وٽ آندائونس ميان هن جي سونهن ۽ جواني ڏسي مٿس عاشق ٿي پيو ۽ ڀانيائين ته ساڻس صحبت ڪري پر گُلان هٿ لاهڻ نه ڏنس ۽ چيائينس ته ميان جي شرع موجب نڪاح وجهندين ته آئون سڄي ساري تنهنجي ملڪ آهيان، ائين مون کان هرگز نه ٿيندو ميان کي ته عشق جي باهه تپائي ڏنو، اهڙو لاچار ٿيو جو ان وقت قاضي گهرائي کڻي نڪاح وجهايائين. پوءِ ان مان غلام شاهه ڄايس جو ان کان پوءِ سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو. (احوال شاهه عبداللطيف ڀٽائي صفحو 41). قارئين خود اندازو لڳائين ته لطائف لطيفي ۽ مرزا صاحب جي بيان ۾ ڪيڏو نه فرق آهي. صحبت ڪرڻ (زنا) واري ڳالهه جو اضافو مرزا صاحب ڪيو جنهن جي وٽس ڪا به سند نه هئي. جيئن ته مرزا صاحب جا ڪتاب مير عبدالحسين سانگي کان پهرين شايع ٿيا هئا.انهيءَ ڪري گُمان ڪري سگهجي ٿو ته اها روايت پهرين مرزا صاحب ڏني هجي. سانگي ۽ مرزا صاحب جي لکڻين مان واضح آهي ته پهرين روايت سانگي صاحب لکي. مير عبدالحسين سانگي لکي ٿو ته ”آخر اهو اڃا اڻ پوريو رسالو هو جو مير گل حسن خان بهادر وٽ پهتو ۽ اتان اهو برڪت ڀريو رسالو مطالعي واسطي مير علي خان کنيو. ڳچ وقت کان پوءِ مرزا قليچ بيگ فريدون بيگ کي حضرت شاهه صاحب بابت رسالي ٺاهڻ جو شوق ٿيو. اهو ٻڌي راقم کي گهڻي خوشي ٿي، جيڪي به محقق خبرون مون وٽ گڏ ٿيل هيون سي مرزا صاحب کي پهچايم مرزا صاحب انهن مان چونڊ ڪري ٿوري تي اڪتفا ڪئي ۽ چيد نسخا، هڪڙو انگريزي ٻوليءَ ۾ ٻيو سنڌي زبان ۾ تيار ڪيا لطائف لطيفي“ صفحو نمبر2. اهڙيءَ طرح خود مرزا صاحب لکي ٿو ته ” آئون جناب مير صاحب مير عبدالحسين خان ٽالپر ساڪن حيدرآباد جي جو گهڻي قدر ممنون ۽ شڪر گُذار آهيان جو انهن کان هن ڪتاب جي مضمون گڏ ڪرڻ ۾ مونکي گهڻي مدد ملي آهي. جي مير صاحب متان ايتري درد سري پاڻ تي نه کڻن ها ته هي ڪتاب ايترو جلدي پورو ٿي نه سگهي ها. (احوال شاهه ڀٽائي صفحو4) مٿين ٻن حوالن مان ثابت ٿيو ته جيڪي به واڌارا ڪيا آهن اهي مرزا صاحب جا ٿيل آهن. جنهن به صحبت ڪرڻ (زنا) وارو جملو شامل آهي. جنهن کي ڊاڪٽر فهميده ميمڻ بنياد بنائي نور محمد ڪلهوڙي کي بدڪردار ۽ عياش چيو آهي. اسان انهيءَ روايت کي تحقيق جي ڪسوٽي تي پرکيندي پهرين اهو معلوم ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين ته مائي گُلان ڪڃري ڀٽ تي ڪهڙي سن ۾ نچي يا ڳايائين. سڀئي اديب انهيءَ ڳالهه تي متفق آهن ته گُلان ڀٽ آباد ڪرڻ واري سال ڳايو ته معنى شاهه حبيب جي وفات جي سن کي بنياد بنائينداسين. سانگيءَ جي بيان مطابق حبيب شاهه جي وفات وقت شاهه سائين ڪوٽڙي مرزا مغل بيگ ۾ هئا.(لطائف لطيفي صفحو29) مير علي شير قانع لکي ٿو ته: سندن وفات جي تاريخ هن جملي مان نڪري ٿي. ”الموت جسريوصل الحبيب لقاء ا لحبيب“ موت هڪ پل آهي جيڪا دوست کي دوست جي ديدار ڏانهن پهچائي ٿي. هي تاريخ مخدوم محمد صادق جي ڪڍيل آهي هجري سن موجب 1155 نڪري (تحفة الڪرام صفحو435) مٿئين ڳالهه مان اها ڳالهه مڪمل ثابت ٿئي ٿي ته حبيب شاهه جو چالاڻو 1155 هه ۾ ٿيو هو.
    سانگيءَ کان سواءِ ڪي محقق اهو به چون ٿا ته شاهه صاحب ان وقت ڀٽ کي آباد ڪريڻ جي تيارين ۾ هئا. مطلب ته شاهه سائين حبيب شاهه جي وفات تائين ڀٽ کي مڪمل آباد نه ڪيو هو. ٻي صورت ۾ ائين چئي سگهون ٿا ته شاهه سائين جي گُلان کي دعا ڪئي هوندي ته به 1155 هه کان پوءِ نور محمد ڪلهوڙي جي شادي به 1155 کان پوءِ ٿي هوندي ۽ غلام شاهه ڪلهوڙي جي جلدي ڄائو هوندو تڏهن به 1157 ۾ ئي ڄائو هوندو. اسان غلام شاهه متعلق تاريخي حوالن کي ڏسنداسين 1157هه ۾ هو سال جو هو يا اُن کان وڏو هو؟ انهيءَ لاءِ هيٺيان تاريخي حوالا ڏجن ٿا. مولانا غلام رسول مهر مقامي مصنف جي ڪتاب نامه نغز جي حوالي سان لکي ٿو ته: ” ميان غلام شاهه نادر جي درٻار ۾ پهچڻ سان عرض ڪيو ته آئون هڪ پيغام کڻي آيو آهيان جيڪو اڪيلائي ۾ عرض ڪرڻ گهران ٿو. نادر صاحبزادي جي طور طريقن کان ڏاڍو خوش ٿيو. انهيءَ کان پوءِ اڪيلائيءَ ۾ پيغام ٻُڌي چيائين تنهنجي ڳالهه ٻولهه ايتري ته چڱي آهي جو دل چوي ٿي ته جيڪي ڪجهه تو چيو آهي اُنهي کي مڃان پر مون ٻُڌو آهي ته تنهنجي پيءُ لڙائي جي تياري ڪري رکي آهي. انهيءَ لاءِ دل چوي ٿي ته يڪدم سنڌ پهچان ۽ انهيءَ جي سگهه کي آزمايان.(تاريخ سنڌ عهد ڪلهوڙا اردو صفحو 466). ان بيان مان ثابت ٿئي ٿو ته نادر اڃا ن سنڌ نه پهتو هو. هن جو خيال هو ته سنڌ پهچي ميان نورمحمد سان مقابلو ڪري.اسان کي پنهنجي مقصد لاءِ هاڻ اهو ڏسڻو آهي ته ان وقت غلام شاهه جي عمر گهڻي هئي. نادر شاهه جهڙي ظالم سان ڳالهائڻ وارو سو به اڪيلائيءَ ۾ ننڍو ٻار ته يقينن نه هوندو، اهڙي ظالم کي متاثر ڪرڻ لاءِ عمر ۽ تجربي جي ضرورت هوندي آهي. بهرحال اسان ٿلهي ليکي هت اندازو لڳايون ٿا، انهيءَ وقت غلام شاهه جي عمر 15 سال هوندي. هاڻ اهو ڏسڻو آهي ته نادر شاهه سنڌ ۾ ڪڏهن ڪڙڪيو. مولانا غلام رسول مهر لکي ٿو ته : نادر 14 ذوا لقعد 1152 هجري ۾ لاڙڪاڻي پهتو اتي خبر پيس ته ميان نور محمد ٿر ڏانهن نڪري ويو آهي. هن وزندار سامان لاڙڪاڻي ۾ ڇڏيو ۽ سوار وٺي پيڇو ڪيائين. (ساڳيو ڪتاب صفحو 439) هن حوالي مان ثابت آهي ته نادر سنڌ تي 1152 هه ۾ ڪڙڪيو ۽غلام شاهه ان وقت 15 سالن جو هو. مٿي اسين ٻُڌائي آيا آهيون ته غلام شاهه جي پيدائش 1157 هه ۾ متوقع آهي. هتي ته معاملو ئي اونڌو آهي ، يعني 1152 هه ۾ هڪ ڳڀرو جوان آهي جيڪو هڪ ظالم بادشاهه سان اڪيلائيءَ ۾ پيو ڳالهائي اسان جي 52 مان 15 ڪٽ ڪريون ته غلام شاهه جي تاريخ پيدائش 1137 هجري بيهندي. هاڻ قارئين اندازو لڳائين ته ڪٿي 1137 ۽ ڪٿي گُلان ڪڃري کي دُعا جيڪا 1156 ۾ ڪئي وئي هوندي.اسان جي گُلان ڪڃري جي روايت کي درست مڃون ته پوءِ غلام شاهه جو گُلان جو پٽ هجڻ ممڪن نه آهي. جڏهن ته اسان جي اديبن فهميده ميمڻ سميت غلام شاهه کي پٽ ڄاڻائي ڪوڙي روايت کي بنياد بنائي ايستائين ڪوڙ لکيو ويو ته غلام شاهه شاهه سائين جو قبو اڏائي ماڻس گُلان سان گڏ روضي تي زيارت لاءِ ايندو هو. اهڙيءَ طرح ڀٽائي جي دُعا واري روايت به ڪوڙي ثابت ٿي ته گُلان تو مان گل ڄمندو جيڪو ڪلهوڙن جو سردار هوندو. مٿئين سڄي بحث مان ثابت ٿيو ته غلام شاهه گُلان جو پُٽ نه هو انهيءَ ڪري مير عبدا لحسين جي ٻارهين حڪايت مڪمل ڪوڙي ثابت ٿئي ٿي. انهيءَ حوالي سان ڊاڪٽر فهميده ميمڻ جو نور محمد ڪلهوڙي کي بدڪردار ۽ عياش چوڻ به سراسر نا انصافي آهي. هڪ باڪردار ۽ نيڪ منش ماڻهو تي زناڪاريءَ جو الزام لڳائڻ سراسر ناانصافي ۽ عظيم گُناهه آهي جنهن جي مرتڪب ڊاڪٽر صاحبه ٿي آهي. گُلان جي حوالي کي ڇڏي به ڊاڪٽر صاحبه جون اکيون کولڻ لاءِ آئون ميرن جي درباري شاعر عظيم الدين ٺٽوي جنهن ٽالپرن جي حمايت ۾ فتح نامه فارسي ۾ لکيو جتي هن رڳو ٽالپرن جي تعريف ڪئي آهي جن ڪلهوڙن جي حڪومت ختم ڪئي. اهڙي ميرن جي درٻاري شاعر به جڏهن نورمحمد ڪلهوڙي جو ذڪر ڪندي اجهو هن ريت لکيو آهي. (1) خدا يار خان يعني ميان نور محمد ڪلهوڙو ناليوارو سردار هو ۽ حضرت محمد ﷺ جي نور سان ان جو چهرو روشن هو. (2) هو انتهائي ديندار ۽ سُٺي اعتقاد وارو بزرگ هو. خُدا جي خدمت لاءِ هر وقت حاضر رهندو هو.(فتح نامه عظيم التتوي صفحو 29) اهو بيان هڪ اهڙي ماڻهوءَ جو آهي جيڪو ميرن جو درٻاري شاعر آهي جيڪڏهن نور محمد ڪلهوڙي جو درٻاري شاعر هجي ها ته سندس بيان تي شڪ ڪري سگهجي ها ته هن اهو مصلحت تحت لکيو آهي. ليڪن ڪلهوڙن جي مخالفن جي درباري شاعر جي تعريف يقينن سچي هوندي. منهنجي خيال ۾ نور محمد ڪلهوڙي جي ديندار هجڻ لاءِ اهوئي بيان ڪافي آهي. عظيم الدين ٺٽوي جي سچائيءَ جو انهيءَ مان به اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ميان نور محمد ڪلهوڙي جي وڏي پُٽ وليعهد ميان مراد جي نالي لکي ٿو ته : (مي و مطرف ولوليش يار بود ـــــ شب و روز او صرف اين ڪاربود) (ساڳيو ڪتاب صفحو 29) معنى رنڊيون ڳائڻا ۽ شراب سندس يار هئا، صبح وشام سندس اهوئي ڌنڌو هو.
    جيڪو مصنف ميان مراد جي باري ۾ رنڊين جو ذڪر ڪري ٿو، سو ته نور محمد ڪلهوڙي لاءِ به ڪري سگهيو ٿي ته هن ڪڃري سان شادي ڪئي. حقيقت ۾ گُلان واري ڳالهه ميان مراد سان منسوب ٿئي ها ته هرڪو اعتبار ڪري ها. پر ميان نور محمد جهڙي انسان کي ڪڃري سان نسبت ڏئي سندس ڪردار ڪشي ڪئي وئي آهي. ميان نور محمد ڪلهوڙي جي ذاتي ذهنيت کي ڏسڻ ۽ پرکڻ لاءِ آئون ڊاڪٽر فهميده حسين کي گُذارش ڪندس ته سندس لکيل وصيت نامو جيڪو هن پنهنجي اولاد لاءِ لکيو ته سندس مرڻ کان پوءِ هنن کي ڇاڇا ڪرڻ کپي ؟ هي وصيت نامو فارسيءَ ۾ آهي جنهن کي حسام الدين راشدي ايڊٽ ڪيو، سنڌي ادبي بورڊ شايع ڪيو. انهيءَ کي پڙهي ڏسي جي پاڻ فارسي نه سمجهي سگهي ته ڪنهن ڄاڻوءَ کان پڙهائي ته سندس عقل حيران ٿي ويندو ته جنهن کي هو عياش ۽ بدڪار چوي ٿي سو ڪيڏو نه عظيم انسان هو. قارئين جي معلومات لاءِ انهيءَ وصيت نامي مان ڪي اهم نڪتا ترجمون ڪري لکان ٿو ته جيئن اوهان اندازو لڳائي سگهو ته نور محمد ڪلهوڙو ڪهڙي طبيعت جو مالڪ هو.



    1) ڪامگاران من همه وقت وهمه حال نيازمند
    بدرگاه بي نياز بايد بود و بيداري نيم شب عادت ڪند
    ترجمون: منهنجا خوشبختو هر حال ۾ ۽ هر وقت خدا جي درٻار ۾ نيازمند ٿي رهو ۽ اڌ رات جاڳڻ جي عادت ڪريو.
    (2) واگر مقدمه اسلام واقع شو آن را بعلملا رجوع ڪنند
    هر چه او بموجب شرع شريف فتوى دهند برآن عمل ڪنند.
    ترجمون: جيڪڏهن ڪو شرعي رڳڙو پيدا ٿئي ته عالمن جي حوالي ڪريو جيڪو هو فيصلو ڪن ان تي عمل ڪريو.
    (3) وسوائي مقدمه اسلام اگر ديگر قضيه روي دهد
    سياست آن چنان چه دست بريدن و گوش
    بريدن شتابي نه ڪند که دير حق ظاهر مي شود
    ترجمون: اسلامي رڳڙن کان سواءِ جيڪڏهن سياسي رڳڙا منهن ڪڍن ته ان ۾ هٿ ۽ ڪن وڍڻ ۾ جلدي نه ڪريو. انهيءَ لاءِ ته حق جو پرو دير سان پوي ٿو.
    (4) وچون ازڪار ها ى دنوي فارغ شوند صحبت باعلماء وصلحا مقرر ڪند.
    ترجمون: جيئن ئي دنياوي ڪمن مان واندا ٿيو نيڪ ۽ عالمن جون ڪچهريون قائم ڪريو.
    (5) رضامند اهل البر و شرفا برخود لازم دانند
    مردان خدا، خدا نه باشند ليڪن زخدا جدانه باشند
    ترجمون: درويشن ۽ شريفن جو راضپو پاڻ تي لازم ڄاڻو انهيءَ لاءِ ته درويش خدا ته نه آهن پر ان کان جُدا به نه آهن.
    (6) ونيز آدم را بايد که روز محشر مرگ خود را هميشه ياد نمايد.
    ترجمون:انسان کي کپي ته موت ۽ قيامت کي هميشه ياد ڪندو رهي.
    ( 7)وعيش و عشرت شعار خود نه سا زند: ترجمون: عيش عشرت اختيار نه ڪجو.
    (8) ورسم ميڙ منت ورسم تازه در ملڪ سنده شده است که اڪثر مردمان
    اهل الله راتصديع داده براي کارهاي دنيوي بطريق(ميڙ) ميارند ودنياي
    دون عزيز است لکن چشم پوشيده دل از دنيا برداشته در رضا جوئي
    اهل الله ضرور الف ضرور ميکو شيده باند که رضامندءَ فقرا گنج نهفتہ
    است وترحم برخلق باعث زيادتي عمرو جاه و جلال واقبال



    ترجمون: تازو سنڌ ۾ جيڪا ميڙ منٿ جي رسم ٿي آهي جو اڪثر ضرورت مند دنياوي ڪمن لاءِ درويشن کي تڪليف ڏئي ميڙ جي صورت ۾ آڻين ٿا. دنيا ڏاڍي پياري آهي. پر درويشن دنيا تان هٿ کڻي ڇڏيو آهي. درويشن کي راضي ڪرڻ جي حد کان وڌيڪ ڪوشش ڪجو انهيءَ لاءِ ته فقيرن کي راضي ڪرڻ هڪ لڪل خزانو آهي. الله جي مخلوق تي رحم ڪرڻ سان عمر جاه و جلال ۽ عزت وڌي ٿي.


    (9) و بروزه و نماز و زکواة و شب مشغول باشند روز محشر که جانگداز بود
    اولين پرسش از نماز بود که ميان ما مسلمانا و ڪافران همين فرق است
    ترجمون: زڪواة روزو ۽ نماز ۾ ڏينهن رات مشغول رهو. قيامت جي ڏينهن جڏهن پگهر مان شم هونداسين ته نماز جي پڇا ٿيندي، اسان مسلمانن ۽ ڪافرن ۾ نماز جو ته فرق آهي.

    نوٽ :بشڪريه
    ڪمپوزنگ نثاراحمد ناز
    حڪيم محمد يوسف کتري جي ذاتي ويب سائٽ
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: ڊاڪٽر فهميده ميمڻ جي تحقيقي ٿيسز ( ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“تي تنقيد

    محترم ممتاز وگهيا شال سلامت هُجو! هن ٽنهي زبردست مقالن ۾ تاريخ جي پنن تي پيل ڌُوڙ ڪافي حد تائين صفا ٿِي وئي آهي، ميان نور محمد ڪلهوڙي کي محترما ڊاڪٽر فهميده ميمڻ هڪڙو ظالم ۽ عياش حُڪمران ڄاڻايو هو ان ڳالهه کي حڪيم محمد يوسف کتري صاحب پنهنجي دليلن، پنهنجي علمي حوالن سان يڪسر ڪوڙو ثابت ڪيو آهي، ان کان علاوه گُلان نچڻي جي باري ۾ اڪثر اهو ڪوڙ گهڙيو ويو هو ته سنڌي حُڪمران غلام شاهه ڪلهوڙو اُن گُلان نچڻي جو پُٽ هو ان ڳالهه کي به حڪيم محمد يوسف کتري پنهنجي علمي ريفرنسس جي حوالي سان بوگس ڪري ڏيکاريو آهي مونکي ذاتي طرح خبر آهي ته حڪيم محمد يوسف کتري جي انهي ٽنهي تاريخي مقالن جي جواب ۾ سنڌ جِي ڄائي ڏاهِي محترما فهميده ميمڻ جنهن شاهه سائين جي شاعري ۾ عورت جو روپ ۾ تحقيقي مقالو لکي پي ايڇ ڊاڪٽري ماڻِي هُئي ڏهه ٻارهان سال گُذرڻ باوجود ڪو به تاريخي جواب ڏئي جهٽلائي نه سگهي آهي، جنهن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ٽنڊو محمد خان شهر جي ڏاهي محترم حڪيم محمد يوسف کتري جا اهي ٽئي مقالا علمي ادبي ۽ فني لحاظ کان ڪيتري قدر نه مستند آهن، توهان کي هڪڙي ڳالهه اها ٻه ٻُڌائيندو هلان ته سڀ کان پهرين اهي تاريخي مقالا محترم ناز سنائي جي ذاتي اشاعت گهر طرفان ماهوار رسالي ڪينجهر ۾ قسط وار شايع ٿيا هُئا۔ ان سلسلي مان پڻ خوشنصيب آهيان ته انٽر نيٽ تي اهي تاريخ ساز مقالا مون ناچيز طرفان ڪمپوز ڪيا ويا۔ حڪيم يوسف کتري صاحب کي مون ذاتي طور گُذارش ڪئي هُئي ته اهي مقالا سنڌ سلامت تي اپ لوڊ ڪريان ته پاڻ انڪار ڪري ڇڏيو هُئائين خير توهان اهي مقالا کڻي آيا، سُٺو ڪيو توهان مونکي اميد آهي ته سنڌ جي تاريخ ۾ جيڪي ڀنڊ( مغالطا) آهن هن مقالن کي پڙهڻ سان ڪافي حد تائين دور ٿي ويا هوندا پڙهندڙن جي ذهنن تان۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڊاڪٽر فهميده ميمڻ جي تحقيقي ٿيسز ( ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“تي تنقيد

    [​IMG]
    ۔
    سائين توهان جيڪي ڳالهيون لکيون آهن اهي به پنهنجي جڳهه تي صحيح آهن ۽ انهن ڳالهين کان انڪار ڪري نه ٿو سگهجي۔ ۽ اهيا به حقيقت آهي ته علمي ادبي معامرن ۾ اهي بحث مباحثه ۽ علمي ادبي تاريخي دلائلن جو سلسلو هلندو رهندو آهي، ۽ سوالن جا عتراضن جا جواب پڻ ڏنا ويندا آهن۔۔۔ جڏهن ته محترمه ڊاڪٽر فهميده حسين ميمڻ صاحبه جي شخصيت به ڪا عام شخصيت نه آهي، ۽ هڪ سنڌي ادب جي ماياناز ليکڪه آهي جيڪا هڪئي وقت ليکڪه، شاعره، محقق، لسانياتي ماهر ۽ سماجي ڪارڪن به رهي آهي. سنڌ يونيورسٽيءَ جي سينڊيڪيٽ سان گڏ ڪيترن ٻين ادارن جي بورڊ آف گورنرز جي ميمبر پڻ رهي آهي شاهه عبداللطيف ڀٽائي چيئر پاران شايع ٿيندڙ تحقيقي جرنل ’ڪلاچي‘ جي ڏهن سالن تائين ايڊيٽر رهي، گڏوگڏ سندس مقالا ۽ تحقيقي مضمون به ڇپجندا رهيا. هن ڪلاچيءَ جا لڳ ڀڳ 40 شمارا جاري ڪيا. جڏهن ته سنڌي لئنگئيج اٿارٽيءَ جي تحقيقي جرنل ’سنڌي ٻولي‘ جي ادارت سان گڏ اٿارٽيءَ جي اهم رٿا ’انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‘ جي چيف ايڊيٽر طور ٽيم جي رهنمائي ۽ نگراني ڪندي رهي آهي ، سنڌ جي هن پهرين سنڌي جامع انسائيڪلوپيڊيا جا ٽي جلد ( [​IMG] انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي اشاعت سنڌي ٻولي اٿارٽي، سنڌي ٻوليءَ جي پهرين جامع انسائيڪلوپيڊيا، ”انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا‏“ جو پهريون جلد الف ب ٻ اکرن جي اٽڪل3500 داخلائن تي مشتمل ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن جلد ۾ %80 سنڌ سان لاڳاپيل مواد آهي، جهڙوڪ: شخصيتون، ماڳ مڪان، ڍنڍون ڍورا، واهه ،وهڪرا، وڻ ٽڻ، ٻوٽا ، آبي ۽ زميني پکي ۽ حياتيات، رسالا، ڪتاب، اخبارون، صحافي،اديب،شاعر،عالم، علمي ادبي ادارا، ريتون رسمون ، هنر، ڳوٺ، ديهون ، قومون، قبيلا، ذاتيون، مذهب ، فرقا، راڳ، ناچ، موسيقي، خانقاهون، درگاهون، قبرستان، ميلا ملاکڙا، سياسي شخصيتون وغيره ۽ %20 دنيا سان لاڳاپيل ڪائناتي، سائنسي ۽ ٻين موضوعن تي مواد، ايجادون وغيره شامل آهي.650 صفحن تي مشتمل هي اهم دستاويز 100 گرام آرٽ پيپر تي چئن رنگن ۾ ڇپايو ويوآهي، ۽ ان جي قيمت صرف =/750 روپيا رکي وئي آهي.سنڌي ٻوليءَ ۾ هيءَ پهرين رنگين تصويرن سان آرٽ پيپر تي ڇپيل نسائيڪلوپيڊيا آهي. ڪتاب جون 2000 ڪاپيون ڇپايون ويون آهن مختلف ادارن ۽ علم دوست ماڻهن کي جلد آرڊر بڪ ڪرائڻ لاءِ چيو ويو آهي ) سندس نگرانيءَ ۾ شايع ٿيا ۔۔مگر خبر ناهي ڇو؟ ڊاڪٽر صاحبه محترم حڪيم محمد يوسف کتري صاحب جي علمي ادبي عتراضن جو ايتري عرصي ۾ به جواب ڏئي ناهي سگهي۔ ڊاڪٽر صاحب جو مقالو ( ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“ ) ۔۔۔شاهه تي ڊاڪٽريٽ ڪندڙن ۾ هڪ بهترين ٿيسز آهي، جنهن جي علمي ادبي دنيا ۾ تمام گهڻي تعريف ڪئي وئي آهي، پر ان تعريف سان گڏ ڪجهه عالمن جو انهيء مقالي جي ڪجهه ڳالهين ۽ حوالن تي عتراض به آهي، ڇو جو ڊاڪٽر صاحبه پنهنجي مڪتبِ فڪر جي حساب سان ان ۾ ڪجهه ڳالهيون آنديون آهن۔
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڊاڪٽر فهميده ميمڻ جي تحقيقي ٿيسز ( ”شاهه لطيف جي شاعريءَ ۾ عورت جو روپ“تي تنقيد

    سٺي ونڊ آهي ادا .
     
  7. رسول بخش جوڻيجو

    رسول بخش جوڻيجو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    157
    ورتل پسنديدگيون:
    245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    413
    ماڳ:
    مارئي جو ديس ٿر
    ادا بهترين پر يوسف کتري صاحب کي به گهرجي ها ته سائين ميڊم فهميده حسين تي تنقيد نگاري ۾ هلڪو هٿ رکي ها۔۔۔۔
     
  8. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    سائين رسول بخش جوڻيجا صاحب اصلاحي تنقيد ۾ هلڪو هٿ يا ڳرو هٿ رکڻ جي ڪا گُنجائش ته ڪونه هوندي آهي، سانئڻ فهميده بلاشبه اسان جي سنڌ جي معروف ۽ مقبول ڏاهي آهي، اسان سندس ڏاهپ کي ڪڏهن به جهٽلايو ڪونهي الله کيس سلامت رکي ، پر حڪيم محمد يوسف کتري جيڪي به دليل حوالن سان ڏنا آهن اهي به جهٽلائڻ جهڙا ڪونه آهن ، ڪو غلط تاريخ جي تشريح ڪري ان تي اهو سمجهي خاموش ٿي وڃڻ ته هو سنڌ جو ڏاهو آهي ان کي ان غلطي جي اجازت ڏئي ڇڏڻ به ناانصافي آهي هي اصلاحي تنقيد جيڪڏهن هڪ رتي به ڪوڙي هُجي ها ته سانئڻ علمي ادبي ۽ تحقيقي ڳالهيون لکي حڪيم يوسف کتري جي تحقيقي حوالن کي رد به ڪري ڇڏي ها ۽ جيڪڏهن حڪيم يوسف کتري جا علمي ادبي ۽ تحقيقي حوالا درست آهن ته ان تنقيد کي وڏي دل ڪري منظور به ڪري پئي سگهي۔ ان هوندي به ادا رسول بخش جوڻيجا ان هوندي به توهان جي مهرباني جو توهان حڪيم محمد يوسف کتري جا هي خوبصورت مقالا پڙهيا۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو