ڪلچر ڊپارٽمينٽ جو ويل ڪلچرڊ سيڪريٽري ليکڪ : الطاف شيخ

'مقالا' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏26 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    ڪلچر ڊپارٽمينٽ جو ويل ڪلچرڊ سيڪريٽري​


    ليکڪ : الطاف شيخ

    پاڻ گذريل ڪالم ۾ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي سيڪريٽري ڊاڪٽر ذوالفقار سيال جي شاعري جي ڪتابن جي ڳالهه پئي ڪئي. سندس هڪ ٻه ٻيو شعر ياد اچي رهيو آهي.
    لفظ هوا ۾ ڳالهائين ٿا
    تنهنجا سڏ ڪا تڙپائين ٿا
    گل مٽي مان مهڪي نڪتا
    تنهنجي خوشبوءِ ڦهلائين ٿا….

    پشم جهڙا پير کڻي ٿي
    گلڙا چوڌر لهرائين ٿا
    تون جو آڏو بيٺي آهين
    آئينا به شرمائين ٿا….
    ’ذلف زماني وارا ماڻهو
    سارولا سهسائين ٿا….
    سنڌي ادبي سنگت جي هن ايوارڊ فنڪشن ۾ آيل مراد علي مرزا ۽ ڊاڪٽر لائق زرداري سان ملي رهيو هوس ته اتي خبر پيئي ته محفل جو خاص مهمان، صوبائي وزير سسئي پليجو صاحبه اچي رهي آهي. چوڌاري نظر ڊوڙايم سڄو هال مهمانن سان ڀرجي چڪو هو. هڪ ڪرسي به خالي نه رهي هئي بلڪه پنجاهه کن مهمان هال جي پٺين حصي ۾ بيٺا هئا. سخت گرمي ۽ هال Over Crowded هجڻ ڪري مڙني ايئرڪنڊيشنرن گڏجي به هال کي ٿڌو ته ڇا پر Pleasant حد تي به نٿي آندو. سڄي هال ۾ سختSuffocation ۽ حبس محسوس ٿي رهيو هو. جهاز جي انجن روم ۾ به گرمي ٿئي ٿي، سعودي عرب ۾ به گرمي ٿئي ٿي پر سنڌ ۾ سانوڻي واري چاليهي کان اڳ جيڪو هي چاليهو ٿئي ٿو اهو منجهند جي وقت ساڙيو رکي. مونکي اهو سوچي کل آئي ته اڄ کان پورا 38 سال اڳ، هن ئي مهيني جي هن ئي هفتي منهنجي شادي جو فنڪشن دادو ۾ ٿيو هو. گهوٽ آئون ٿي پيو هوس سو ويٺو رهيس. جي مهمان هجان ها ته ڀڄي وڃان ها. منهنجا دوست پير مظهرالحق (هاڻوڪو وزير تعليم) غلام محمد سومرو (ريلويز وارو) جسٽس غلام نبي سومرو، هالن جو پير پنيلڌو مخدوم (سائين غلام محي الدين ۽ (N) ML شاهنواز شاهه جو والد صاحب) ۽ ٻيا منهنجا ڪيترا دوست ۽ ڪلاس ميٽ ٻه ڏينهن دادوءَ ۾ ٽڪي پيا. هڪ انهن کي شاباس هجي ۽ هڪ اڄ جي مهمانن کي، جيڪي اسان جي خوشي خاطر ڪٿان ڪٿان اچي گڏ ٿيا آهن ۽ آئون اهوئي سوچي رهيو آهيان ته مونکي جي ايوارڊ وٺڻو نه هجي ها ته ڀڄي وڃان ها.
    چيف گيسٽ سسئي پليجو جي هال ۾ داخل ٿيڻ تي مائيڪ تي اعلان ڪيو ويو ته هوءَ اچي صدارت جي ڪرسي تي ويهي ۽ جيئن ئي هوءَ ويٺي ته بجلي هلي وئي ۽ حيدرآباد ۾ لوڊشيڊنگ جي ٽن ڪلاڪن جو وقت شروع ٿي ويو. امر جليل ۽ مون کي به مٿي اسٽيج تي ويهاريو ويو. ان کان علاوه ثقافت کاتي جو سيڪريٽري، انجمن ترقي پسند جو سرپرست راحت سعيد ۽ سنڌي ادبي سنگت جي اڳوڻي ۽ هاڻوڪي جنرل سيڪريٽري کي ويهاريو ويو. سچ هِي آهي ته سخت گرمي جي باوجود مزو اچي رهيو هو ۽ اسٽيج تان آئون رکي رکي سنڌ جي اهم اديبن ۽ شاعرن کي ڏسي خوش ٿي رهيو هوس. منهنجي لاءِ زندگيءَ ۾ هي پهريون موقعو هو جو هڪ ئي وقت ايترن ادبي شخصيتن کي ڏسي رهيو هوس. انعام شيخ سنڌي ادبي بورڊ جو اڳوڻو سيڪريٽري ۽ دلير ڪالم نويس، گل حسن ڪلمتي جنهن جو ڪتاب ’ڪراچي‘ منهنجي خيال ۾ ايشيا جو ٿلهي ۾ ٿلهو ڪتاب آهي، ڊاڪٽر محمد لائق زرداري جنهن جو آتم ڪٿا جو ڪتاب ”ڪيم روح رهاڻ“ هر هڪ کي پڙهڻ کپي. منهنجي جهاز ران دوستن: ڪئپٽن بشير وسطڙو کان وٺي ڪئپٽن رشيد ابڙو ۽ چيف انجنير ظهير بابر قريشيءَ ان ڪتاب کي نه فقط پڙهيو پر تمام گهڻي تعريف ڪئي، قرآن جا انگريزي ۾ تفسير لکندڙ ڊاڪٽر عبدالرئوف سومرو، عاشق سولنگي، حفيظ باغي، حفيظ چنا، عباس ڪوريجو، فقير محمد ڍول، مختيار سهتو، عبدالعزيز مينڌرو، رخسانا لغاري، ڊاڪٽر قربان جهتيال، زيب نظاماڻي، امر سنڌو، بهادر رند ۽ ٻيا ڪيترا اديب ۽ شاعر نظر اچي رهيا هئا جن سان فنڪشن ختم ٿيڻ تي ملڻ جو پڪو پهه ڪيم. هڪ ڳالهه نوٽ ڪيم ته هيڏي گرمي هوندي به نه فقط مرد حضرات پر عورتون به فنڪشن جو سمورو ٽائيم صبر سان ويٺيون رهيون ۽ ان ڳالهه جو اظهار نه فقط مون پر امر جليل به پنهنجي تقرير ۾ ڪيو.
    چيف گيسٽ سسئي پليجو جي هڪ پاسي امر جليل ويٺل هو ٻئي پاسي منهنجي ڪرسي هئي. امر جليل جي ٻئي پاسي سنڌ گورنمينٽ جي ثقافت کاتي جو سيڪريٽري شمس جعفراڻي ويٺل هو. امر جليل چيو ته پاڻ کي ته هتي ئي گرمي پيئي ٿئي ڪجهه دير اڳ سسئي پنهنجي سيڪريٽري سان ٻئي هفتي جيڪب آباد هلي عوام سان کلي ڪچهري ڪرڻ جو پروگرام ٺاهي رهي آهي. سسئي صاحبه کي چيم ته تون خوش نصيب آهين جو توکي شمس جعفراڻي جهڙو ماڻهو مليو آهي، جيڪو نيڪ، محنتي، ايماندار، عوام جي خدمت ڪرڻ جو جذبو رکي ٿو.
    ”توهان شمس کي سڃاڻو؟“ سسئيءَ حيرت مان پڇيو.
    ”ها مڙيئي“
    ”ڪڏهن کان؟“
    ”اها ڳالهه ئي نه پڇو،“ مون ٻڌايو مانس، ”شمس کي اڄ سالن کانپوءِ ڏسي اهو احساس ٿي رهيو آهي، جيڪو فلمي دنيا ۾ ٿيندو آهي. جنهن ۾ به جاڙا ڀائر ميلي ۾ وڇڙي ويندا آهن ۽ سالن کانپوءِ ملندا آهن ته خبر پوندي آهي ته هڪ ڌاڙيل ٿي ويو آهي ته ٻيو پوليس آفيسر. پر شڪر آهي جو اسان ٻنهي ۾ ڪو ڌاڙيل يا اسان جي معاشري جو ظالم پوليس آفيسر نه ٿيو آهي.“
    آئون گذريل زماني جو سوچڻ لڳس جڏهن 1964ع ۾ چٽگانگ مان مئرين انجنيئرنگ جو ڪورس ڪري ڪراچي جي شپ يارڊ ۾ ٽريننگ وٺڻ لاءِ ميٺار رام هاسٽل ۾ اچي رهيو هوس. ڪراچي جي هيءَ پراڻي ۽ مشهور هاسٽل پاڪستان چوڪ ۾ ڊي جي سائنس ڪاليج جي سامهون آهي. سنڌ جون ڪيتريون ئي اهم شخصيتون هن ۾ رهي ويون ۽ اڄ به اهي ولي محمد بورچي جي ماني ياد ڪن ٿيون. آئون جن ڏينهن ۾ هن هاسٽل ۾ رهندو هوس انهن ڏينهن ۾ منهنجي ڀرواري ڪمري ۾ سيد مظفر شاهه (اڳوڻو چيف منسٽر) ان جي ڀرواري ڪمري ۾ هزار خان بجاراڻي رهيو ٿي ۽ ٻئي پاسي ٺٽي جو محمد خان سومرو هو، جنهن جو پيٽارين پٽ عبدالواحد سومرو پيپلس پارٽي جو اهم سياسي ليڊر آهي. منهنجي ڪمري جي کاٻي پاسي وارن ڪمرن مان هڪ ۾ ٺٽي جا عقيلي ڀائر ۽ ٻئي ۾ هاءِ ڪورٽ جو هالا وارو ڊگهو وڪيل عبداللطيف انصاري رهيو ٿي. ڇهه اٺ مهينن بعد مون کي مٿين فلور تي ڪمرو مليو، جتي منهنجي ڀرواري ڪمري ۾ شمس جعفراڻي رهيو ٿي. ان بعد ساڄي ۽ کاٻي وارن ڪمرن ۾ منهنجا پيٽارو جا ڪلاس ميٽ يا سال کن جونيئر رهيا ٿي، جيڪي NED ڪاليج جا شاگرد هئا، جهڙوڪ اختر عباسي (سينيٽر صفدر عباسي جو وڏو ڀاءُ) شاهه پنجو جو غلام محمد سومرو جنهن ريلوي ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪئي،NED ڪاليج جي آخري امتحان ۾ فرسٽ ڪلاس حاصل ڪيو، جهانگارا باجارا وارو اقبال ترڪ جيڪو انٽر ۾ سنڌ جي بورڊ ۾ فرسٽ ڪلاس فرسٽ آيو، نَول راءِ اوڏ (جنهن پوءِ CSS 32 جو امتحان ڏيئي انڪم ٽئڪس ڊپارٽمينٽ ۾ نوڪري ڪئي ۽ ڪمشنر جي پوسٽ تي هو ته 57 سالن جي ڄمار ۾ گذاري ويو) ۽ سندس ڀاءُ ڊاڪٽر رامچند اوڏ جيڪو UNO سان وابسته آهي. آمريڪا جي رياست ڪالو روڊو ۾ رهي ٿو ۽ ٻيا به ڪيترائي پيٽارو جا هئا. ايتريقدر جو اسان کي پنهنجن پيٽارو وارن سان ئي ملڻ جي فرصت نٿي ملي ۽ ٻي ڳالهه ته تن ڏينهن ۾ اسان پيٽارو وارن جو دماغ ڪجهه وڌيڪ ئي خراب هو ۽ اسان پيٽارو وارن مان اڃا ڪو صوبيدار به نه ٿيو هو پر پنهنجو پاڻ کي ملڪ جو والي وارث ٿي سمجهيوسين. تو به نعوذ باالله! ٻين کي پنهنجي مقابلي ۾ ڄٽ ٿي سمجهيوسين ۽ هاسٽل ۾ رهندڙ ٻئي ڪنهن سان ڳالهائڻ ۾ بي عزتي ٿي محسوس ڪئيسين. ان ماحول ۽ تناظر ۾ شمس جعفراڻي جيڪو جيتوڻيڪ اسان کان پنج سال ننڍو هو ۽ ٺٽي جي هڪ ڳوٺ سجاول کان ڪراچي جي ڊي جي ڪاليج ۾ فرسٽ ييئر ۾د اخلا وٺي ميٺارام هاسٽل ۾ اچي رهيو هو. پر هاسٽل ۾، توڙي ميس ۾ هن جو پاڻ جيڏن ۽ اسان وڏن سان ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي انداز ۽ اخلاق سڀني کي موهي رکيو. ننڍو ٿي ڪري هن جي ڪرنٽ افيئرس بابت ڄاڻ توڙي عام معلومات تمام سٺي هئي. شمس جعفراڻي جي هوندي به آئون سال ڏيڍ کن ميٺارام هاسٽل ۾ رهيس پر مون ڪڏهن به هن کي اجايو سجايو رُلندي يا ڳالهائيندي نه ڏٺو. ڪمري ۾ هر وقت لکڻ پڙهڻ ۾ مشغول رهيو ٿي. هر هڪ سان ادب ۽ فضيلت سان ڳالهايو ٿي. ايتري قدر جو مونکي ياد آهي ته اختر عباسي شمس جي حوالي سان چوندو هو ته ڪي ڪي شاگرد ڳوٺن جا ٿي ڪري به ڪيتري سٺي انگريزي ڳالهائين ٿا، ڪيتري سٺي جنرل ناليج اٿن. اڄ به مون کي شمس جي اها خوبي ياد آهي ته هو ڪنهن سان به جاهلن وانگر جهيڙو جهٽو ڪرڻ بدران دليلن سان Convince ڪندو هو. ميٺارام هاسٽل ۾ شمس جا ٻيا به ڪيترائي ڪلاس ميٽ رهيا ٿي جيڪي سنڌ جي مختلف ڳوٺن کان ڪراچي آيا هئا پر شمس جي شخصيت سڀني کان مختلف ۽ اعليٰ هجڻ ڪري هن جي شڪل ۽ نالو هميشه ياد رهيو. ميٺارام ڇڏڻ بعد نه وري محمد خان سومرو سان ملاقات ٿي نه هزار خان بجاراڻي يا سيد مظفر حسين شاهه سان ۽ نه وري شمس جعفراڻي سان. سياست ۾ حصو وٺندڙن جو مُک يا نالو وري به ٽي وي يا اخبار ۾ ڏسي خبر پوندي ٿي رهي پر شمس جي خبر نٿي پئي. پر هڪ ڳالهه آهي ته شمس جعفراڻي جڏهن به ياد ايندو هو ته سوچيندو هوس ته ڪاش خبر پئجي سگهي ته هو ڪٿي آهي. هڪ ٽيچر جي حيثيت سان مون کي هميشه اهو تجسس رهندو هو ته شمس فرسٽ ييئر ۽ سيڪنڊ بيئر کانپوءِ ڇا ڪيو؟ هو هڪ ڳوٺ جو ڇوڪرو هو. خبر ناهي هن جون حالتون ڪيئن هيون. هو وڌيڪ پڙهي به سگهيو يا نه؟ ڪٿي آهن سنڌ جا ڳوٺ ۽ انهن جا رهاڪو سُکيا ستابا جو اتي جا ٻار اعليٰ تعليم حاصل ڪري سگهن. جيڪي پئسي وارا پير مير وڏيرا آهن، انهن جا ٻار ورلي ڪو پڙهن ٿا.
    شمس جعفراڻي سان منهنجي ملاقات 1965ع ۾ ٿي هئي ان بعد ڪا خبر نه پيئي. پورن چاليهه سالن بعد 2005ع ۾ USA هوس ته SANA جي هڪ فنڪشن ۾ ڪنهن جي واتان (شايد شيري رحمان جي ڀيڻ حميرا رحمان جي) شمس جعفراڻي جو نالو ٻُڌم. سُک ڦِٽي پيم. شوڪت نظاماڻي، منظور ٻانڀڻ، ڪليم وساڻ ۽ ساجد صديقي جهڙا نالا ته ٻين جا به ٿي سگهن ٿا پر شمس جعفراڻي هڪ اهڙو نالو آهي جو ورلي ڪو هجي. آخر معلوم ڪرايم ته شمس جعفراڻي حيدرآباد جي شهباز بلڊنگ ۾ ڪنهن ڊپارٽمينٽ ۾ آفيسر آهي. آمريڪا کان ملائيشيا پهچي پيٽارو جي دوستن قاسم لاشاري ۽ عبدالجبار عباسي کي فون ڪيم، جن مونکي ته وري نه ٻڌايو پر هنن شايد شمس جعفراڻي کي مون بابت ٻڌايو ته آئون پاڪستان ۾ايندو رهان ٿو. ان بعد هو مونکي هر عيد ۽ سال جي پهرين ڏينهن تي ڳوٺ جي ائڊريس تي ڪارڊ موڪليندو رهندو جيڪو پوءِ ڦرندو گرندو مونکي ڪراچي يا ڪوالالمپور ۾ مليو ٿي. گذريل مهيني مونکي خبر پيئي ته شمس ڪراچي ۾ ثقافت کاتي ۾ آهي. سندس آفيس جو پُڇائيندو سندس ڪمري ۾ پهتس. مونکي کيس سڃاڻڻ ۾ ڪا دقت نه ٿي. منجهس ڪا خاص تبديلي نه آئي هئي. ڪلاڪ کن ساڻس خبر چار ڪرڻ دوران محسوس ڪيم ته هن جي اخلاق، طور طريقي ۽ ٻين سان ڳالهائڻ جي نموني ۾ به ڪو فرق نه آيو آهي. هو مونکي ڪنهن به ڪنڊ کان اسان جي معاشري جو ٽون ڦان وارو بيورو ڪريٽ محسوس نه ٿيو. ڪهڙا ڪهڙا ماڻهو اسان وٽ پيا آهن! ڪي ته معمولي سرڪاري آفيسر ٿيڻ تي به پاڻ کي الائي ڇا ٿا سمجهن ۽ وتن عوام جي زندگي زهر ڪندا ۽ ڪي سيڪريٽري ليول تي پهچيو وڃن ته به منجهن اهوئي اخلاق، فضيلت ۽ نرم مزاجي ۽ خدا جو خوف! منهنجي خيال ۾ ان ۾ ڪو وڌاءُ نٿو لڳي. جيڪڏهن مون سسئيءَ کي کڻي چيو ته هوءَ خوش نصيب آهي جو هن جي ڊپارٽمينٽ جو سيڪريٽري اسان جي ميٺارام هاسٽل جو ساٿي شمس جعفراڻي آهي پر هتي ان جو Credit شمس کي ڏيڻ بدران سندس استاد والد سائين محمد جمن کي ڏيندس، جنهن غربت ۾ رهي به پنهنجي اولاد کي صحيح تعليم و تربيت سان گڏ اخلاق ۽ ادب به سيکاريو. هن کي ننڍي هوندي کان محنت ۽ ايمانداريءَ سان زندگي گذارڻ جو سبق ڏنو. هن پنهنجي پٽ جي دل ۾ خدا جو خوف وڌو ۽ کيس انسان ذات جي مدد ڪرڻ جو درس ڏنو. شمس کي چيم ته مهيني ٻن لاءِ ٻاهر وڃي رهيو آهيان. موٽي اچان ته تون مونکي پنهنجن ٻارن سان ضرور ملائجانءِ آئون هنن کي ٻڌائڻ ٿو چاهيان ته هنن جي والد ننڍي هوندي کان ڪيئن محنت ڪئي، ڪيئن سٺي اخلاق سان هرهڪ سان پيش آيو ۽ ٻين جي دلين ۾ پنهنجي لاءِ جاءِ ٺاهي ۽ جنهن جو شاهد آئون پاڻ آهيان.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪلچر ڊپارٽمينٽ جو ويل ڪلچرڊ سيڪريٽري ليکڪ : الطاف شيخ

    واقعي شمس جعفراڻي صاحب جي شخصيت تعريف جي لائق آهي۔ جهڙو سندن اخلاق اهڙو ئي ملنسار۔ پهريون دفعي جي ملاقات ۾ ايئن لڳندو ٍڄڻ ڪو پراڻو دوست سان پيا ملون۔

    سنڌ جو خدمتگار جڏهن کان پاڻ ثقافت کاتي ۾ آيا آهن ته ان جي پليٽ فارم تان ڪافي ڪجه ڪيو اٿن۔ سچل ڳوٺ ڪراچي سان سندن خاص مهربانيون رهيون آهن ۽ هميشه ڪجه اسڪيمون ۽ مدد ڪندا رهيا آهن خاص ڪري شهيد بينظير ڀٽو لائبرري جي بلڊنگ جنهن جو ڪم تيزي سان جاري آهي۔
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪلچر ڊپارٽمينٽ جو ويل ڪلچرڊ سيڪريٽري ليکڪ : الطاف شيخ

    اهڙي سٺي جاڻ ڏيڻ جي مهرباني
     
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ڪلچر ڊپارٽمينٽ جو ويل ڪلچرڊ سيڪريٽري ليکڪ : الطاف شيخ

    مهرباني ڀاء
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪلچر ڊپارٽمينٽ جو ويل ڪلچرڊ سيڪريٽري ليکڪ : الطاف شيخ

    ادا بهترين ونڊ آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو