ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
شاھ جي نظر ۾ مومل جو مقام
ڊاڪٽر بشير احمد شاد
شاھ سائين جي سُر مومل راڻو جو مطالعو ڪرڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته شاھ سائين مومل جو ڪردار ٻين سورمين جي ڀيٽ ۾ ٻن حوالن سان منفرد انداز ۾ پيش ڪيو آهي.
1. مومل جي حسن و جمال جي غير معمولي هاڪ.
2. مومل جو پڇتاءُ ، انتظار ۽ اوسيئڙو.
لطيف سرڪار ٻين سورمين جو ذڪر ڪرڻ وقت سندن همت، حوصلي، جرئت، پاڪ دامني، حب الوطني، پڇتاءُ وغيره کي تمام گھڻو ساراهيو آهي. پر سندن حسن و جمال، سونهن سوڀيا ۽ لباس جي نالي ماتر تعريف ڪئي آهي. جڏهن ته سُر مومل راڻو ۾ لطيف، مومل توڙي سندس سهيلين سرتين جي سونهن ۽ سوڀيا جو ذڪر ڪري کين آسماني اپسرائن سان وڃي ملايو آهي ۽ ائين سندن ڪردار کي اَمر بڻائي ڇڏيو آهي.
مومل جي حسن و جمال جا مثال ملاحظه ٿين :
گُجر کي گجميل جون ، تارن ۾ تبرون
هڻي حاڪمين کي ، زور ڀريون زبرون
ڪاڪ ڪنڌيءَ قبرون ، پسو پرڏيهين جون
يا
مومل کي مجاز جا ، اکين ۾ الماس
نه ڪا عام نه خاص ، جي ويا سي وڍيا
وري مومل ۽ سندس ساٿ ۾ رهندڙ ڀينرن ۽ سهيلين سرتين جي لباس ۽ سونهن سينگار کي شاھ سائين ڪهڙي نه خوبصورت پيرايي ۾ بيان ڪيو آهي:
جهڙا گل گلاب جا ، تهڙا مٿن ويس
چوٽا تيل چنبيليا ، ها ها ! هو هميش
پسيو سونهن سيد چئي ، نينهن اچن نيش
لالن جي لبيس ، آتڻ اکر نه اُڄهي
يا
جهڙا پانن پَنَ ، تهڙيون سالون مٿن سائيون
عطر ۽ عنبير سين ، تازا ڪيائون تَنَ
مڙهيا گھڻو مُشڪ سين ، چوٽا ساڻ چَندنَ
سُونهَنِ رپي سون سين ، سندا ڪامِڻ ڪَنَ
ڪيائين لطيف چئي ، وڏا ويس وَرَنَ
منجھ مرڪيس مَنَ ، سوڍي سين سڱ ٿئو
يا
سون ورنيون سوڍيون ، رپي رانديون ڪن
اگر اوطاقن ۾ ، کٿوريون کٽنِ
اوتيائون عنبير جا ، مٿي تاڪ تڙن
ٻاٽن ٻيليون ٻَڌيون ، پسيو سونهن سڙن
ٿيا لاهوتي لطيف چئي ، پسڻ لئه پرين
اجھي ٿا اچن ، ڪاڪ ڪڪوريا ڪاپڙي
شاھ صاحب جي هن سُر کي چوندا ئي حسن ۽ جمال جو سُر آهن. هن ۾ جمالياتي حسن Aesthatic Beauty ۽ عشق جو برملا اظهار آهي. ان ڪري هي ٻين سُرن کان مختلف ۽ منفرد سُر آهي.
محترم محمد حسين ڪاشف پنهنجي ڪتاب ڪنڌيءَ ڪونر ٽڙن ۾ شاھ سائين جي اهڙي ڪمال حڪمت ۽ بي مثال تخيّل جي ساراھ هنن لفظن ۾ ڪئي آهي :
جيڪڏهن مومل سهڻي ۽ ڪونج جهڙي ڪامڻي هئي ته سندس ڀيڻ سومل ۽ سرتيون سهجان ۽ مرادي به حسن ۾ با مراد هيون. نه صرف اهي پر سڀ سوڍيون سونَ ورني حسن جو پيڪر هيون. ائين ڄاڻجي ته ڪونجن جو ويڙهو هو. جن وٽ سونهن ۽ سيتلتا سان گڏ حرفت، کيڏ ۽ ناٽ جو به نيهو هو.
ٻي طرف ڏٺو وڃي ته مومل جي ڪردار متعلق تجزيه نگارن ۽ ماهر نقادن جي ڪا سٺي راءِ نظر نه ٿي اچي. انهن مومل جي ڪردار تي تنقيد ڪئي آهي. پروفيسر نارائڻ داس ڀمڀاڻي پنهنجي ڪتاب شاھ جون سورميون ۾ لکي ٿو:
مومل ته فقط پيسي ميڙڻ لاءِ ڪاڪ وارو طلسمي ٽڪساٽ اڏيو. هن سمجھيو ٿي ته ڪوبه آدمي وٽس پهچي ڪين سگھندو. ناتر جهڙيون حرفتي ٻانهيون هن کي منجھائي ڇڏينديون. انهيءَ مان خبر پوي ٿي ته ڪنواري مومل هڪ هلڪي طبيعت واري ڇوڪري هئي، جنهن ۾ سچي عشق کان وڌيڪ ظاهري ناز نخرو هو. هوءَ پنهنجي ماڻي ۽ نينهن جي نيش سان آسائتن جو اندر جلائيندي هئي.
ڊاڪٽر فهميده حسين پنهنجي پي ايڇ ــ ڊي ٿيسز ۾ رقمطراز آهي :
هن قصي ۾ لڳي ٿو ته شاھ صاحب شعوري طور ڪوشش ڪري مومل جي ڪردار جي Image کي مٿڀرو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. مومل جي سيرت سان شاھ وڌيڪ محنت ڪئي ٿي ڏسجي.
دراصل مومل ۾ هڪ سورميءَ وارا گڻ ته هئا ئي ڪونه. هن جيڪو مقصد ماڻڻ لاءِ سڄو ٽڪساٽ سِٽيو هو ان جي پٺيان ڪو عظيم مقصد يا سچائي ڪارفرما ڪونه هئي. اها لطيف جي ڪمال حرفت، حڪمت ۽ عقلمندي آهي جو هن مومل جي جسماني حسن ۽ جمال کي بنياد بڻائي کيس سورمين جي صف ۾ شمار ڪري ڇڏيو. ان کـــان ســـواءِ ته هن جي آڏو ڪـــو عظيم مقصد يا انـــدروني واردات ( Inner Feeling ) درد ، ڪَرب ، پڇتاءُ يا محبت واري ڪيفيت ڪانه هئي. تنهن ڪري سندس پڇتاءَ ۾ به اهو اثر ڪونه هجي ها. پر شاھ صاحب مومل جي حسن و جمال سان گڏ سندس پڇتاءَ کي به اهڙي درد انگيز پيرايي ۾ پيش ڪيو آهي جو مومل جو ڪردار پنهنجين سمورين اوڻاين پوڻاين باوجود لازوال ۽ اَمر بڻجي پيو آهي.
ڊاڪٽر فهميده حسين پڻ اهڙن خيالن سان سهمت نظر اچي ٿي. لکي ٿي :
منهنجي خيال ۾ هن سُر ۾ ڪردار جي ظاهري سونهن جي ساراھ شاھ صاحب ان ڪري ڪئي آهي جو ائين نه ڪرڻ جي صورت ۾ مومل سورمي ڪانه بڻجي سگھي ها. قصي جي مختلف روايتن کي ٿو ڏسجي ته منجھس ٻين سورمين واري ڪردار جي ته ڪا خاصيت ۽ خوبي نظر ئي ڪانه ٿي اچي. بلڪه پاڻ ڪردار ۾ خامي اٿس. شاھ صاحب ان کي برابر ( Balance ) ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو آهي. ڇاڪاڻ جو هن ۾ ڪردار جي جيڪا خامي موجود آهي ان ڪري ٻين سورمين جهڙي همدرديءَ جي لائق بڻجي نه ٿي سگھي. سندس آهُن داهُنِ ۾ اهو تاثر محسوس ڪونه ٿئي ها. سندس سڪ ۾ سسئيءَ ۽ سهڻيءَ واري سچائي ۽ پاڻ ارپڻ جي چاهنا ڏسڻ ۾ ڪانه اچي ها. منڍ کان وٺي وٽس اها صداقت ڪانه هئي.
مومل جو پڇتاءُ ، انتظار ۽ اوسيئڙو
مومل جي ڪردار جي حوالي سان هن سُر جو هڪ ٻيو اهم پهلو مومل جو اهو پڇتاءُ آهي جيڪو راڻي جي رُسامي بعد اندر جي اڌمن جي صورت ۾ سندس دل مان نڪتو آهي. جيتوڻيڪ اها ڪيفيت رسالي جي ڪجھ ٻين سورمين جي به اظهاريل آهي. جئن هار تي هرکجي وَرَ وڃائڻ بعد لِيلا جو پڇتاءُ، سسئيءَ جي سويل سمهي رهڻ جي نتيجي ۾ پنهل جي کڄي وڃڻ بعد سسئيءَ جو پڇتاءُ ۽ آھ و زاري. باقي سورمين سهڻي، مارئي، سورٺ ۽ نوريءَ جي ڪيفيت منفرد رهي آهي. پر مومل جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ لاءِ شاھ سائين سندس پڇتاءَ واري ڪيفيت کي اهڙي ته موثر نموني پيش ڪيو آهي جو مومل جو اهو پهريون رنگ جنهن ۾ سندس طبيعت ۾ لوڀ، لالچ، فريب ڪاري، مڪاري، اٽڪل، چالبازي، ڪوڙو شان شوڪت ۽ غرور نمايان نظر پئي آيو سو هاڻي بلڪل ئي ختم ٿي چڪو هو. گويا هي مومل جو نئون روپ يا جنم هو. جنهن ۾ هاڻي هوءَ سراپا عجز ۽ نياز بڻجي وئي هئي. هاڻي ماضي ياد ڪري هوءَ هنجون هاري رهي هئي. کيس اڪيلائي کائڻ ٿي آئي. مومل جي پڇتاءَ جا چند مثال پيش ڪجن ٿا :
رئان ٿي راڻا! هنڌ نهاريو حجرا
پيئي کھ کٽن تي ، ٿيا پلنگ پراڻا
ڌريا ئي ڌوڙ ٿيا ، وَرَ ريءَ وهاڻا
جايون گل جبات وڻ ، تو ريءَ ڪوماڻا
مينڌرا ماڻا ، تو ريءَ ڪنديس ڪن سين
ڪاڪ ڪڙهي وڻ وئا ، ٻريا رنگ رتول
تو پڄاڻان سپرين ! هينئڙي اچن هول
جي مون سين ڪيئي قول ، سي سِگھا پارج سپرين
اڀي اڀاريام ، نکٽ سڀ نئي ويا
هڪ ميو ٻيو مينڌرو ، رات سڄي ساريام
ڳوڙها ڳل ڳاڙيام ، سورج شاخون ڪڍيون
ڪتين ڪر موڙيا ، ٽيڙو اڀا ٽيئي
راڻو رات نه آئيو ، ويل ٽري ويئي
کوءِ ساکاڻي راتڙي ، جا پرينءَ ريءَ پيئي
مونکي ڏنءِ ڏيئي ، وڃي ڍوليو ڍٽ قرارئو
مومل جي پڇتاءَ جو انداز به عجيب آهي. هن سهڻي، سسئي ۽ ليلا وانگر گھر نه ڇڏيو بلڪه ڪاڪ ڪنڌيءَ ئي دانهيندي رهي. البته ان ۾ لطيف سائين سچي دل وارو پڇتاءُ سٽن جي مالها ۾ اهڙيءَ ريت پويو آهي جو پڙهندڙ توڙي ٻڌندڙ کي مومل جا ورلاپ ڳاري ٿا ڇڏين.
ڍٽ نه وڃج ڍول ، ڪاڻياري ڪاڪ ڪري
آنءُ اڳيئي آهيان ، ٻڌي تنهنجي ٻول
توکي ساري سپرين ، رنم منجھ رتول
ٽڪاڻا ۽ ٽول ، وسهه ! مون وِه ٿيا
شمع ٻاريندي شبَ ، پرھ باکون ڪڍيون
موٽ مران ٿي ميندرا ، راڻا ڪارڻ رَبَّ
تنهنجي تات طلب ، ڪانگ اڏايم ڪاڪ جا
وَٽِ سوريندي ولها! ويو تيل ٻري
موٽ مسافر سپرين ، چانگي تي چڙهي
راڻي لاءِ رڙي ، وئي وهامي راتڙي
تون ڍاٽي ڍٽ ڌڻي ، ڍولا تنهنجو ڍٽ
پائي تراڙي توريان ، ته ملڪ نه تنهنجي مَٽُ
لاهي ڪسر ڪَٽُ ، اچي کوڙِ قناتون ڪاڪ ۾
ڪاڪ ڪڙهي وڻ وئا ، لوٺو لڊاڻو
تو پڄاڻان سپرين! آتڻ اجھاڻو
مُين سين ماڻو ، مناسب نه مينڌرا
لطيف سائين، سچل سرمست جي مومل وانگر راڻي کي ڏوراپا ڪونه ڏيارا آهن. کيس ڪَچو ڪونه ڪيو آهي. جئن سچل سائين فرمايو :
هڪ جوءِ ٻي جوءِ ، ڇڏين ڪين جوان
اهي ڀي انسان جي ننگن تان نثار ٿيا
يا
هڪ جوءِ ٻي جوءِ ، مرد نه ڇڏين مينڌرا
تو پڻ پرينءَ پوءِ ، ڪوه لڄايو ڪاڪ کي
يا
مومل مهڻي هاب ، راڻا ڪر نه راءِ تون
جَوئِن کي جواب ، مرد نه ڏين مينڌرا
پر لطيف مومل کي سراپا عجز ۽ نياز ڏيکاريو آهي. جنهن جي مزاج ۾ هاڻي فقط پڇتاءُ آهي. هن سمورا ڏوھ پنهنجي حصي ۾ کنيا آهن. گھمنڊ ۽ غرور واري مومل مري ويئي.
راڻا رهاڻيون ، سوڍا! ويٺي ساريان
سهسين سج اُلَٿاَ ، راتيون وهاڻيون
ڪوڙين مون ڪاڻيون ، ڍولا ! ڍڪي آءُ تون
آخر مومل جي عاجزي ۽ پڇتاءُ انهيءَ حد کي پهچي ٿو، جو راڻو سندس رڳ رڳ ۾ رچي وڃي ٿو. پوءِ هوءَ هڪ مرحلي تي چئي ٿي ڏئي:
ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو ؟ چوڏس چٽاڻو
منجھين ڪاڪ ڪڪوري ، منجھين لڊاڻو
راڻو ۽ راڻو ، ريءَ راڻي ، ٻيو ناه ڪو
اسان جا ڪي محّقق مومل سان همدردي ڪندي کيس معصوم ۽ بيڏوهي ثابت ڪرڻ لاءِ پنهنجا دليل ڏين ٿا. سندن خيال مطابق مومل معصوم هئي. هن کي گمراھ ڪرڻ ۾ بنيادي هٿ سندس سڳي ڀيڻ سومل جو هيو. سومل ئي حرفت هلائي مومل کي راڻي کان جدا ڪرڻ ۽ راڻي جي دل ۽ دماغ تي غلط فهمي ۽ ڪَٽر وجھڻ خاطر سڄو مانڊاڻ منڊيو هو ۽ مرداڻي لباس ۾ مومل سان سندس ننڊ واري حالت ۾ اچي ستي هئي.
ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو پنهنجي تحّققي مقالي شاھ جي شاعري ۾ علامت نگاري ۾ مذڪوره ڳالھ کي هٿي ڏيندي لکي ٿو :
حقيقت هن ريت آهي ته مومل پاڻ مرادو ڪو ڏوھ ڪونه ڪيو هو، پر اهو سڄو مانڊاڻ منڍ کان سومل جو سٽيل هو. مومل کي مايا جي محّبت، حرفت ۽ چالبازي هجي ها ته هوند راجانند جي خزاني وارو ڏند فقير کي ڪين ڏئي ها. هوءَ ته پاڪ پَوتر هئي. سندس دماغ اٽڪلن کان صاف هو. اها سومل ئي هئي جنهن کيس هٿيار طور استعمال ڪري ڪاڪ محل جوڙي منجھس مومل جي حسن جو وستار ڪري ڏوڪڙ ڪمايا.
هتي هڪڙو سوال ٿو پيدا ٿئي ته آيا مومل کي ڏند جي اهميت جي خبر هئي؟ جي خبر هئي ته پوءِ هوءَ اياڻي چئبي جنهن ڏند وڃائي سڄي ڪٽنب کي ڏوٺ ڏينهن ڏسڻ تي مجبور ڪيو. منهنجي خيال ۾ ائين ڪونه هوندو. هن پڪ بي خبريءَ ۾ اهڙي غلطي ڪئي هوندي.
ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ مومل جي هڪ خطا جو ذڪر هيٺين لفظن ۾ ڪيو آهي :
مومل جي اها خطا جو راڻي جي اچڻ ويل سومل سان ستي ۽ غفلت واري ننڊ ڪيائين. نينهن جي ناتي ۾ ذرو به غفلت روا ناهي.
سچل سرمست ڪانفرنس خيرپور جي موقعي تي مون پنهنجي مقالي سچل سرمست جي سُر راڻو ۾ طالب ۽ مطلوب جي آخر ۾ هڪ ڳالھ ڪئي هئي جيڪا هتي پڻ ورجائڻ مناسب ٿو سمجھان. مون لکيو هو ته :
ڪيترا ئي فاضل اديب ڪڏهن ڪڏهن سنڌ جي لوڪ داستانن جي هر ڪردار ۽ واقعي کي هروڀرو روحاني رنگ ڏئي، ان مان پنهنجا روحاني مطلب ۽ معنائون ڪڍڻ ضروري سمجھندا آهن، جيڪي تمثيلون بعض اوقات جڙتو ۽ انتهائي غيرمناسب لڳنديون آهن. مثال طور: هن داستان ۾ ڪن صاحبن راڻي جي ڪردار جي تمثيل حق تعالى سان ڏني آهي ۽ مومل کي روحاني طالب ڏيکاريو آهي. هاڻي جيڪڏهن اها ڳالھ صحيح مڃجي ته پو۽ راڻي کي اصل حقيقت جو پتو پاڻ ئي پئجي وڃڻ کپندو هو، جيئن الله پاڪ کي پنهنجي بندن جي هر عمل جي ڄاڻ آهي. هو ته دلين جو پارکو آهي، پر راڻي کان ته مختلف اوقات ۾ ڪيئي ڪوتاهيون به سرزد ٿيون، جيئن راڻي جي رسامي جو بنياد ئي غلط فهميءَ ۽ جلدبازيءَ واري عمل تي هو. کيس کپندو هو ته ٻنهي تان لٽو لاهي پڪ ڪري ها ۽ پوءِ موقعي جي تقاضا مطابق عمل ڪري ها، پر هن ائين نه ڪيو ۽ ڪاوڙ ۾ موٽي هليو ويو، ۽ اهو عين انساني عمل آهي. ربّ ڪريم جي ذات ته ڪوتاهين، غلط فهمين ۽ جلدبازيءَ جي خامين کان مبرا ۽ بلڪل پاڪ آهي، تنهن ڪري اهڙي بي وقتي ۽ اڻ سونهندڙ تمثيل ڏيڻ منهنجي نظر ۾ بلڪل غلط آهي. البته مناسب جاءِ تي جڙائيندڙ تمثيل ڏيڻ سان معنى توڙي مفهوم واضح بيهي ٿو، ۽ مضمون جي وقعت وڌي وڃي ٿي. ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو پڻ پنهنجي ٿيسز شاھ جي شاعريءَ ۾ علامت نگاري ۾ منهنجي ڳالھ جي تاعيد ڪندي نظر اچي ٿو. هو صاحب لکي ٿو:
جيڪڏهن خدا وندِ ڪريم جي علامت ۾ راڻو پيش ٿيل هجي ها ته اهو خدائي شان جي خلاف آهي، جو حق ۽ سچ جي کيس پروڙ نه پوي، هو ته سميع ۽ بصير آهي.
تنهنڪري اسان کي گھرجي ته لطيف سرڪار جي ڪلام کي رڳو روحاني رنگ جي عينڪ پائي نه ڏسون. سندس ڪلام ۾ ٻيون به انيڪ فڪري توڙي فني خوبيون ۽ نزاڪتون موجود آهن.
جن ڪتابن تان استفادو ڪيو ويو
o شاھ جو رسالو ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ
o شاھ جو رسالو غلام محمد شهواڻي
o شاھ جي شاعري ۾ عورت جو روپ ڊاڪٽر فهميده حسين
o شاھ جي شاعري ۾ علامت نگاري ڊاڪٽر غلام نبي سڌايو
o شاھ جون سورميون پروفيسر نارائڻداس ڀمڀاڻي
o عرفان لطيف ڊاڪٽر بشير احمد شاد
o ڪنڌيءَ ڪونر ٽڙن محمد حسين ڪاشف
o سچل سرمست جي سُر راڻو ۾ طالب ۽ مطلوب (مقالو)
ڊاڪٽر بشير احمد شاد ــــ (سرمست 22 : مرتب: مولا بخش لاڙڪ)