نثارابڙو
نائب منتظم
شــــاه عبـــــد اللــطيــــف ڀٽــــــــائــــــــيءَ
جي سر سريراڳ جي هڪ وائي ۽ سمجهاڻي
سَهسين شُڪرانا، ڪوڙِيـين ڀالَ ڪَرِيمَ جـــــــــا،
حَمـــــد چئج حڪيم کي، جورِ هڻِي جانــــــــــــــا؛
تـــو ڏيــــکاري تو ڌڻِـــــي، باطِــــــنَ جـــا بانـــــــــــــا؛
مَتــــــان، مــــردَ! وســــارئين، صاحبَ جو ثَنـــــــــــا؛
دوستُ رکِــــــي دل ۾، پَـڙهَ لالـــــَنُ لِسانــــــــــــــــــا؛
جَفـــا ڏيئِي جِيَ کي، ٿِيُ فِڪـــرَ منجھه فَنــــــــــــا؛
تُسِي تــــو سين توهُ ڪــري، مَنَ آگـو اَحِسانــــــــــا؛
ڪَڍُ تُــــون دَغا دِل مـــان، ٻانَهپَ سيـن، ٻانـــــــــا!
صاحـبَ وڻي سَـــــــچَ سيـــن، ٿِيُ دانہُ، دِيوانــــــــــــا!
جي تَسلِيمَ سين تَحقِيقُ هئا، سي ڪِئن اَمـــــــانا؟
جـــــاڳيـــا جـي جَبــارَ لَءِ، سيئِـــي سَمـــانــــــــــــــا؛
"فَـاذۡکُـرُونِيۡ، اَذۡکُــرۡکُـمۡ"، ڪَـــــهِيو قُـــــرآنــــــــــا؛
”واشڪرو الي ولا تڪفرون"، ڪَڍُ تون ڪُفرانا؛
سَڀِ سَنــوريا سُپِـــرينءَ، ڪُـوَلَ تو ڪَنــــــــــــــــا؛
چَـــڱِي چئــــج چاهَ سيــن، مَـــــدحَ اِيَ مَنـــــــــــــا؛
تـائِبَ ٿيــــــو تَــــڪڙا، جوشــــــا، جُوانـــــــــــــــــــا!
ته لَهِيــــن تُـــــون لَطِيفُ کـــــــان، اَمَنُ اِيمـــــــــــانـا
سمجهاڻي؛
سهسين شڪــــــرانا ۽ ڪــــروڙين ڀلايـــــون ٻاجــــــــــــھاري سائينءَ جــــون،
ان حــــڪيــــــم جــــــــي پـــــــــــوري طاقــــــــــت سان ســــــاراه ڪـــــــــج،
ته هـــــــو تــــوکي انـــــدر جي ڳجهـــــن رازن کــــــان آگــــــاهــــــــي ڏئـــــــــي،
اي مـــــرد! متـــــــان تـــــون رب جـــــي واکــــاڻ کي وســـاري ويهــــي رهيــــن،
سچــي سڄـــــڻ جـــــي ســـــاراه دل ۽ زبـــان ســــان ڪنــــدو۽ پڙهنـــــدو رهه،
تـــــن کـــي تــــڪــليــــفون ڏئــــــي، سنـــــدس خـــيـــــــال ۾ مـهــــــــو رهه،
ته ڌڻــي سڳـــورو ريجهــــي، پنهنجي لطـــف سان توتــي ڪـــو فيض ڪـري،
اي ٻانهــــا! ٻانــهپ جـــــي تـــــاثير ســـان، دل مــــان دغــــا ڪـــڍي ڇـــــــڏ،
اي ديــوانــــــا! سيــــاڻــــو ٿــــــيءُ، صاحــــــب کـــــــي رڳــــو سچ ٿـــــو وڻـــــي،
جــــــي رب جي رضـــــا ســـــان راضـــــــي ٿيــــا سي ڪيئن بي مانـا ٿينــــدا،
جي جبـــــــار جي عبادت ۾ راتيـــــون جاڳـــن ٿا ســـي ئي مـــــان وارا ٿيـــــــا،
”يـــاد ڪــــريو مــــونــــکي، ته يــــــاد ڪــريان اوهانــکي“ قـــرآن چيـــو آهي،
”شڪر ڪريو منهنجو ۽ ڪفر نه ڪريو“ دل مان بيشڪرائي ڪڍي ڇڏ،
جيـــــڪــي بـــــرايـــون تـــــو ڪيــــون آهـــن سي سپرين سڌاري ڇڏيـنـدـو،
رب جـــــــــــــي تعـــــــــــــريف پـــــــوري چـــــاهه ۽ مـــــن ســـــان ڪــــــــــر،
اي جـــــــــوان! دل جـــــــــــي گھـــرائيءَ سان تــــوبه ڪرڻ ۾ تڪڙ ڪـــــر،
ته جيئــن تون ٻــاجهاري ڌڻـــيءَ کان امـــن ۽ ســـلامتي حاصـل ڪــــــــــرين.