پوني ۾ اديبن ۽ شاعرن سان ملاقات

'ڪهاڻيون' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏26 آگسٽ 2010۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    پوني ۾ اديبن ۽ شاعرن سان ملاقات​


    الطاف شيخ

    (حصو پهريون)

    پوني پهچڻ تي رات ساڌو واسواڻي چونڪ تي سينٽ ميران گرلس اسڪول جي سامهون واري گيسٽ هائوس ۾ گذاري، صبح جو ڏهين بجي ڌاري پاڪستان ۽ انڊيا جي قانون موجب مڪاني پوليس اسٽيشن تي رپورٽنگ لاءِ پهتس. هر پاڪستانيءَ کي انڊيا جي ڪنهن به شهر ۾ پهچڻ سان، پوليس آفيس ۾ پنهنجو نالو درج ڪرائڻو پوي ٿو ته ”آئون هتي بس، ٽرين يا هوائي جهاز ذريعي پهتو آهيان ۽ منهنجي فلاڻي هنڌ (هوٽل، گهر يا گيسٽ هائوس وغيره) ۾ رهائش آهي.“ اها رپورٽ شهر ۾ پهچڻ بعد 24 ڪلاڪن اندر ڪرائڻي پوي ٿي. پوليس آفيسر ان جي تصديق خاطر، توهان کي ان فارم تي ٺپو هڻي ڏئي ٿو جيڪو ڪراچي کان ممبئي ايئرپورٽ تي پهچڻ سان انڊيا جو اميگريشن کاتو توهان جي حوالي ڪري ٿو.
    رپورٽنگ جو ڪم لاهي گيسٽ هائوس ۾ پهتس ته مهيش آئيداساڻي ٻڌايو ته ”انڊيا جي مشهور سنڌي ليکڪا، ريٽا شهاڻي جي گهر سڀاڻي جي فنڪشن جي انتظام جي ميٽنگ آهي. پاڪستان کان آيل نمائندي جي حيثيت ۾ توهان به هلو.“
    ”چئبو ته اڃان تائين سنڌ کان ٻيو ڪو نه پهتو آهي؟“ مون پڪ ڪئي.
    ”نه، ٿي سگهي ٿو شام تائين ڪو اچي وڃي.“ مهيش ٻڌايو. مهيش ۽ سندس زال مينو هتي ئي رهن ٿا ۽ بنا ڪنهن پگهار جي هن گيسٽ هائوس جو انتظام هلائين ٿا. اسان جي سُک ۽ بهتر رهائش لاءِ هو اسان جي اچڻ کان وٺي پڇندا رهن ٿا. مهيش مون کي ريٽا شهاڻي جي گهر پهچائڻ لاءِ، ڪنهن دوست کي فون ڪيو جيڪو پنجن منٽن ۾ پنهنجي ڪار ۾ اچي پهتو. مون کي ڏاڍو افسوس ٿيو ته منهنجي آزادي ختم ٿي وئي. مون سان گڏ حيدرآباد جا ٻيا به ساٿي (موهن مدهوش، اسحاق سميجو، پروفيسر قاضي خادم ۽ امرجليل جن) اچن ها ته هي ڪم هو پيا ڪن ها ۽ آئون هڪ بئڪ بينچر ٻار وانگر آزادي سان گهمندو ڦرندو رهان ها.
    ريٽا شهاڻي جي گهر پهتس ته هن وڏي حب ۽ احترام سان منهنجو آڌر ڀاءُ ڪيو. اتي موجود ٻن همراهن جو ريٽا تعارف ڪرايو ته هو هندستان جا وڏا شاعر ۽ اديب آهن جيڪي ممبئي جي ڀرسان سنڌين جي رهائش واري شهر الهاس نگر کان هتي آيا هئا. هڪ وڏي عمر جو نارائڻ ڀارتي هو جيڪو مشهور پبلشر به آهي. نارائڻ ڀارتي جا ڪجهه ڪتاب هند سنڌ ۾ تمام گهڻو پڙهيا وڃن ٿا جهڙوڪ ”هو جمالو“، ”سنڌ جي لوڪ ڪلا“، ”سنڌ جو ڪلچر“، ”سرءُ جا پن“ وغيره.
    نارائڻ ڀارتي سان گڏ، کانئس ڪجهه ننڍو ٽيڪچند مست هو. ٽيڪچند مست به سنڌي ادب جو مشهور شاعر ۽ اديب آهي، سندس شاعري جي ڪجهه مجموعن جا نالا هن ريت آهن:
    ڪنهن سان هوريان حال
    اچ پيار ڪريون
    نگاهون
    مسڪراءِ
    ۽ سندس ڪهاڻين جا ڪتاب آهن:
    حسين پڙاڏا
    رنگين پڙاڏا
    هي بمبئي آپيارا
    ڄڻي ڦاٿاسين ٻار
    سنڌي ادب ۾ ناولن جو تعداد تمام گهٽ آهي. ٽيڪچند مست جو پڻ هڪ عدد ناول آهي جنهن جو نالو آهي: ”شاديءَ جا لڏون“. پاڻ ٻڌايائين ته هو سنڌ جي ڳوٺ چوهڙ جماليءَ ۾ 15 مارچ 1938ع تي ڄائو ۽ نارائڻ ڀارتيءَ کان چار سال کن ننڍو آهي.
    نارائڻ ڀارتي جنهن کي پنهنجو پبلشنگ ادارو آهي جنهن ۾ سنڌي ڪتاب ۽ رسالا پڻ ڇپجن ٿا تنهن ٻڌايو ته الهاس نگر ۾ سڀ کان گهڻا سنڌي اديب ۽ شاعر رهن ٿا جن مان جيڪي هي فنڪشن ۽ سيمينار اٽينڊ ڪرڻ لاءِ پوني پهتا آهن، اهي هن ريت آهن:
    يم ڪمل ( مولچند ڪمل) جنهن کي ادبي انعام به ملي چڪو آهي.
    پروفيسر هيرو شيوڪاڻي، سنڌي ادب جو نقاد (Critic) آهي.
    جرديش لشاني- اديب
    نند ڇڳاڻي- اديب
    لتا ٽهلياڻي- شاعره
    ڊاڪٽر ديال آشا- شاعر (پاڻ Ph.d آهي)
    نند هندو جا - شاعر ۽ اديب
    ندرا پونا والا- شاعره ۽ ڪهاڻيڪار
    تارا مير چنداڻي- شاعره
    ۽ آئون جنهن وقت گيسٽ هائوس مان نڪري ريٽا شهاڻي جي گهر ڏي اچي رهيو هوس ته ان وقت گيسٽ هائوس جي در وٽ، الهاس نگر جي هڪ ٻي ادبي شخصيت هري پنکج سان منهنجي پهريون ڀيرو ملاقات ٿي. ٽيڪچند مست ٻڌايو ته هندستان جو مشهور سنڌي ليکڪ ۽ نقاد هيرو شيوڪاڻي پڻ هن جو ڳوٺائي آهي، يعني هو به ٺٽي ضلعي جي ڳوٺ، چوهڙ جماليءَ جو آهي. هيرو جو سنِ پيدائش 6 جنوري 1935ع آهي، پاڻ B.A آنرس ۽ M.A هنديءَ ۾ ڪرڻ بعد الهاس نگر جي ”آر. ڪي تلريجا“ ڪاليج جو پرنسپال ٿي رهيو. ستر واري ڏهي ۾ جڏهن سنڌ ۾ انڊيا جو سنڌي رسالو ڪونج ۽ ٻيا ڪتاب عام ملندا هئا تڏهن هيرو شيوڪاڻي (پيءُ جو نالو تيرٿداس) جو ڪهاڻين جو ڪتاب ”زندگي ۽ ڪئڪٽس“ ۽ ٻيو ادبي تنقيد جو ڪتاب ”جدت جو مفهوم ۽ سنڌي ڪهاڻي“ تمام مشهور هئا. لال سنگهه اجواڻيءَ جو انگريزي ۾ سنڌي ادب جي تاريخ جو ڪتاب History of Sindhi Literature جو سنڌي ترجمو پڻ هيرو ڪيو آهي. جنهن تي هن کي، يعني سنڌي ۾ سٺو ترجمو ڪرڻ تي، ساهتيه اڪادمي ايوارڊ پڻ مليو آهي. اسان وٽ شايد اهڙا ايوارڊ نه آهن، نه ته اسان وٽ به ڪيترائي سٺا ترجمي ڪرڻ وارا آهن جن جا ڪتاب سنڌي ادبي بورڊ، سنڌيڪا ۽ روشني پبليڪشن وارن ڇپايا آهن. اسان وٽ اهڙن اديبن جي لسٽ ڊگهي آهي پر هن وقت، توڻي کڻي Out of the way، ٻن جا نالا هتي لکڻ بي محل نٿو سمجهان جن جا ترجما ٿيل ڪتاب هن هفتي پڙهي پورا ڪيا اٿم ۽ سندن سٺي ترجمي ۽ محنت کي داد ڏيڻ چاهيان ٿو ته، هڪ اسان جو نوجوان پيٽارين ادا سراج ميمڻ جو پٽ ڊاڪٽر امجد سراج آهي، جنهن ڊاڪٽر فهميده حسين جو ڪتاب انگريزيءَ ۾ Image of Sindhi Woman جي نالي سان ترجمو ڪيو آهي ۽ ٻيو اسان جو دوست قمر شهباز آهي جنهن رام بخشاڻي جو انگريزيءَ ۾ لکيل آتم ڪٿا جو ڪتاب ”Taking The High Road“ جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي ۽ سنڌي اڪادمي، دهلي وارن ”آکيرا آڪاس ۾“ نالي سان شايع ڪيو آهي. قمر سنڌيءَ مان انگريزيءَ ۾ ته کوڙ ترجما ڪيا آهن ۽ بنا شڪ جي قمر شهباز، سراج ميمڻ ۽ مظهر صديقي جي انگريزي سٺي آهي. پر هي پهريون دفعو ڄاڻ ٿي ته قمر شهباز کي سنڌي ۾ ترجمي ڪرڻ جي به وڏي قابليت آهي.
    بهرحال هتي هيري شيوڪاڻي جي ڳالهه هلي رهي هئي جيڪو سٺي معيار جو نقاد آهي. سندس ڪتاب ”زندگي ۽ ڪئڪٽس“ سنڌ ۾ پڻ ڇپيو آهي.
    ريٽا جو گهر بوٽ ڪلب روڊ تي آهي جيڪو شهر جي وچ ۾ هوندي به پُرسڪون علائقو آهي. گهر اڳيان چڱو خاصو باغيچو آهي. پوني، جتي ملائيشيا وانگر بهترين Soil آهي، بهترين موسم آهي، مينهوڳي آهي، جهوني کان جهونو ائگريڪلچر ڪاليج آهي اتي ڀلا سٺا ۽ سهڻا گل ٻوٽا ڪيئن نه هجن. گهٽ مينهن ۽ گرمي هوندي ٽنڊو ڄام ۾ جڏهن گلڪاري ٿي سگهي ٿي ته هتي ڇو نه؟ اسان ڪجهه دير ريٽا جي لڳايل ٻوٽن ۽ ولين جو جائزو وٺي ڊرائنگ روم ۾ اچي ويٺاسين ۽ سندس مرهٺي Maid (ڪم واري) سموسا، ڪچوريون ۽ پاپڙ کڻي آئي. مون چانهه پيتي ٻين شربت. ريٽا ٻئي ڏينهن ٿيندڙ سيمينار ۽ ادبي فنڪشن جي انچارج هئي. ڪهڙا ڪهڙا اديب ۽ شاعر اچڻا هئا، ڪهڙن کي اسٽيج تي وهڻو هو، ڪهڙن کي پيپر پڙهڻو هو ....... ان بابت هوءَ اسان سان Discuss ڪري فيصلو ڪندي وئي. هن اهو به ٻڌايو ته امرجليل، موهن ۽ ڊاڪٽر درمحمد پٺاڻ جيتوڻيڪ هن فنڪشن لاءِ نه پيا اچن پر هنن پنهنجا پيپر ڏياري موڪليا آهن، جيڪي پڙهيا ويندا. اسٽيج تي ٽيڪچند مست، ڊاڪٽر جگديش لڇاڻي، پروفيسر لڇمڻ خوبچنداڻي ۽ ديدي رتنا واسواڻي کي وهڻو پوندو. مون کي اهو ٻڌي خوشي ٿي ته اسٽيج تي وهڻ جي قيد کان مون کي آزادي ملي. ڪنهن جو پيپر بور لڳو ۽ ٻڌڻ تي دل نه چيو ته ٿوري دير لاءِ ٻاهر جو چڪر به هڻي سگهبو، هڪ هنڌان اٿي ٻئي هنڌ ويهي ڀر وارن سان خبرچار ڪري سگهبي. اهي ئي ته شيون آهن جيڪي مون کي سفرنامو لکڻ لاءِ مواد مهيا ڪن ٿيون، يعني مون لاءِ، هڪ سفرنامو لکڻ واري لاءِ، يا هڪ جرنلسٽ لاءِ ڪنهن واقعي جي رپورٽ لکڻ لاءِ سرگس ۾ گهوٽ ٿيڻ بدران ڄڃ جو هڪ عام ماڻهو ٿيڻ بهتر آهي. ٽن چئن ڪلاڪن جي سيمينار ۾ ڪلاڪ کن کڻي آئون فضيلت سان هڪ هنڌ وهان، هڪ ٻن جو پيپر ٻڌان ۽ پنهنجو پيپر اسٽيج تي اچي پڙهان، باقي ٽي ڪلاڪ کن، آئون آيل مهمانن مان ڪجهه اهم، دلچسپ ۽ ڪشش رکندڙن (عورتن توڙي مردن) سان ملي سندن زندگي بابت ڪجهه ڳالهيون نوٽ ڪري سگهيس ٿي. پر ائين ٿي نه سگهيو. ريٽا مون کي سنڌ کان آيل وڏو پير مرشد سمجهي، وڏي عزت سان چيو ته ”الطاف صاحب! توهان کي نه فقط اسٽيج تي وهڻو پوندو پر ان ادبي نشست جي صدارت به توهان کي ڪرڻي پوندي.“
    ريٽا جي ان فيصلي تي مون ڪافي Resist ڪيو ۽ پنهنجي جان آزاد ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. کيس ياد ڏياريم ته ”مون پهرين ڏينهن کان اهو پئي چيو ته آئون فقط هي فنڪشن اٽينڊ ڪرڻ لاءِ ايندس ۽ پيپر به نه لکي ايندس. پر پوءِ سنڌ کان گهٽ مهمانن جي هلڻ جو ٻڌي مون کي پيپر لکڻو پيو، پر هاڻ هن صدارت واري رتبي کان مونکي بچاءِ.“

    (هلندڙ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو