• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شهدادڪوٽ به ٻوڏ جي ور چڙهي ويو۔۔۔

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ مست
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

مست

سينيئر رڪن
تازي خبر موجب شهدادڪوٽ ۾ سم نالي ۾ وڏو گهارو پئجي وڃڻ سبب شهدادڪوٽ شهر کي خالي ڪرڻ جي لاءِ آخري وارننگ ڏني وئي آهي۔۔ ڊي پي او شهدادڪوٽ آخري وارننگ ڏيندي تنبيهه ڪئي آهي ته شهري جلدي جلدي ڪنهن محفوظ مقام تي منتقل ٿي وڃن۔۔ ان سلسلي ۾ ٽرانسپورٽ‌وغيره جي خبر نه پئجي سگهي آهي ته اها حڪومت مهيا ڪئي آهي يا نه۔۔
سم نالي جو پاڻي فقير موهن لعل ڳوٺ ۾ ڪاهجي پيو آهي جيڪو شهدادڪوٽ شهر کان 3 ڪلوميٽر پري آهي۔ توڙي جو انتظاميه گهارو ٻڌڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي پر ڪا خاص ڪاميابي نه پئي ملي۔۔ علائقو خالي ڪرڻ‌لاءِ‌مسجدن ۾اعلان ڪيا پيا وڃن ۽‌ سائرن پڻ وڄايا پيا وڃن۔۔ ماڻهن شهر خالي ڪرڻ شروع ڪري ڏنو آهي ۽‌ وڏي تعداد ۾ ماڻهن لاڙڪاڻو جو رخ ڪيو آهي۔۔
 
جواب: شهدادڪوٽ به ٻوڏ جي ور چڙهي ويو۔۔۔

سنڌ جو تمام گهڻون نقصان ٿي رهيو آهي ۽ هي تاريخ بڻدي اسان پاڻ اکين سان ڏسي رهيا آيون ...... پر اسان ڪنهن جي خلاف جنگ ڪيون اسلام آباد کان ڪراچي تائين اسان جا پنهنجا نومائندا ويٺا آهن ...........
 
جواب: شهدادڪوٽ به ٻوڏ جي ور چڙهي ويو۔۔۔

سنڌ جو تمام گهڻون نقصان ٿي رهيو آهي ۽ هي تاريخ بڻدي اسان پاڻ اکين سان ڏسي رهيا آيون ...... پر اسان ڪنهن جي خلاف جنگ ڪيون اسلام آباد کان ڪراچي تائين اسان جا پنهنجا نومائندا ويٺا آهن ...........

ادا سنڌ ۽ سنڌين کي هميشه پنهنجن جي هٿان وڌيڪ نقصان مليو آهي۔۔ تاريخ شاهد اٿوَ۔۔۔
 
جواب: شهدادڪوٽ به ٻوڏ جي ور چڙهي ويو۔۔۔

پنهنجي سنڌي ۾ عام چواڻي آهي ته

ميرن کي پنهنجن مان لڳي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: شهدادڪوٽ به ٻوڏ جي ور چڙهي ويو۔۔۔

الله پاڪ قرآن مجيد جي 22هين سيپاري "ومن یقنت" جي سورت صبا جي آيت نمبر 6 1 ، 7 1 ۾ فرمايو آهي ته؛
34_16.png

34_17.png


ترجمو؛ انهن اسان جي حڪمن کان منهن موڙيو ته اسان انهن مٿان زبردست سيلاب موڪليو، اسان اها سزا انهن کي ناشڪري
جي ڪري ڏني، اسان اهڙي سخت سزا وڏن وڏن ناشڪرن کي ڏيندا آهيون۔۔۔۔
دوستو هي سيلاب الله تعالى جي طرفان اسانجي ڪُڌن ڪمن ۽ ناشڪري جون سزائون آهن۔

رمضان المبارڪ جهڙي با برڪت ۽ رحمتن ڀري مهيني ۾ به نه ڄاڻ الائي ڪيترا مسلمان توبهه ڪرڻ‌بجا نا شڪري جي،
ان حد تي پهتل آهن ته اسان جيڪو ڪجه آهيون پنهنجي محنت ۽‌چالاڪي جي ڪري ئي آهيون۔۔۔۔ پر انهن کي ياد رکڻ گهرجي ته
اسان جو پالڻهار جيڪو "رحمان " ۽‌"راحمين" به آهي پر ان پروردگار جو هڪ نالو "واحد القهار" به آهي۔
منهنجي تمام دوستن کي گذارش آهي ته هن عذاب واري گهڙي مان توبهه وارو رستو اختيار ڪندي پنهنجي پالڻهار کان پنهنجا گناهه معاف ڪرايون ۽ پروردگار جي حڪمن تي عمل ڪيون، بيشڪ اسانکي پروردگار جي طرفان موڪليل عذاب کان ڪائنات جي ڪابه وقتي حڪومت بچائي نه ٿي سگهي۔۔۔۔
اچو ته انسانن مٿان تحمتون هڻڻ بجا پنهنجي پروردگار کي راضي ڪريون ته جيئن اسانکي اهڙن عذابن کان ڇوٽڪارو ملي سگهي۔
بيشڪ تمام تڪليفون ۽ عذاب پروردگار جي طرفان ئي آهن ۽ هو بهتر ۽ ڊگهي حڪمت عملي ڪرڻ وارو آهي۔۔

images
 
Back
Top