عاشق سولنگي
سينيئر رڪن

ڪويت ۾ ڪنواري عورتن جو انگ گهٽائڻ لاءِ پارليامينٽ جي هڪ ميمبر مردن کي ٻه شاديون ڪرڻ جي اجازت ڏيڻ ۽ سندن مالي امداد ڪرڻ جو مشورو ڏنو آهي. پارليامينٽ جي آزاد ميمبر فيصل الدويسان جو چوڻ آهي ته سندس صلاح جو مقصد ڪنوارين عورتن جا مسئلا حل ڪرڻ آهي جن کي اسانجي معاشري ۾ مشڪلات آهن. هن کان علاوه بيوه ۽ طلاق ٿيل عورتن ۽ مردن جي ٻي شادي لاءِ حوصلو وڌائڻ آهي. ته جيئن هو پنهنجي نئين زندگي جي شروعات ڪري سگهن.
ڪويت ۾ شادي کان اڳ مردن کي هڪ عورت سان پهريون ڀيرو شادي ڪرڻ تي ”شادي امداد“ نالي سان 4 هزار دينار جي رقم ادا ڪئي ويندي آهي. هن مان اڌ رقم گرانٽ جي شڪل ۾ هوندي آهي ۽ باقي رقم بنا وياج جي قرض هوندي آهي جيڪا آسان قسطن جي شڪل ۾ واپس ڪرڻي پوندي آهي. پر فيصل الدويسان صلاح ڏني آهي ته سرڪار کي ٻي شادي ڪندڙ مردن کي اضافي امدادي پئڪيج ڏيڻ گهرجي. پر هن لاءِ اهڙن مردن کي ڪيتريون ئي شرطون پوريون ڪرڻيون پونديون. ٻي شادي ڪندڙ ماڻهن کي سندن ذالن کان ٻي شادي ڪرڻ لاءِ اجازت نامو حاصل ڪرڻو پوندو يا وري هو طلاق يافته هجن.