اڃايل ڪانءُ جي ڪهاڻي : سائنسي کوج ننڍي هوندي اڃايل ڪانءُ جي ڪهاڻي پڪي ڳالهه آهي ته ضرور پڙهي هوندي، جيڪو گھڙي سان گڏ هيٺ لڳل پاڻي کي پيئڻ لاءِ هن جي اندر ڪنڪر اڇلائيندو آهي، انهي ڪري جو هن جي چنب پاڻي اندر وڃي سگھي. يوناني اديب ايساپ جي لکيل هن اڍائي هزار سال پراڻي ڪهاڻي جا ترجما لڳ ڀڳ دنيا جي هر ٻولين ۾ موجود آهن. هن ڪهاڻي کي ڪڏهن هڪ افساني کان وڌيڪ احميت ناهي ڏني وئي، پر هاڻ سائنسدانن جو چوڻ آهي ته اها پراڻي ڪٿا حقيقت تي ٻڌل ٿي سگھي ٿي، ڇو جو ڪانءُ ۾ ايتري ته عقل ۽ سڃاڻپ آهي جو، هو پنهنجون بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ لاءِ هي ڪري سگھي ٿو. اڃايل ڪانءُ جي ڪهاڻي جي باري ۾ چيو ويندو آهي ته هن کي سڀني کان پهرين ايٿوپيا جي هڪ غلام لکي هئي، ڪهاڻي موجب ڪانءُ پنهنجي اڃ مٽائڻ لاءِ مٽڪي جي اندر پٿر وجھندو آهي ڇو جو پاڻي مٽڪي ۾ تمام هيٺ هوندو آهي. ايساپ جي ٻين ڪهاڻين ۾ (خرگوش ۽ ڪڇوا) ( شير آيا شير آيا) (لومڙي ۽ انگور) به شامل آهن. ڪرنٽ بيالوجي ۾ ڇپجڻ واري هڪ رپورٽ موجب ڪيمبرج يونيورسٽي جي حيوانيات جي شعبي جي ڪرسٽوفر برڊ هن پراڻي ڪهاڻي کي بنياد بنائي ڪانئن تي تجربا ڪيا. هي تجربو چار ڪانئن تي ڪيو ويو، انهي ترتيب سان ڪيترائي تجربا ڪيا ويا، جنهن ۾ ٽيسٽ ٽيوب ۾ پاڻي وجھي انهن کي عمودو رکيو ويو.ٽيسٽ ٽيوب ۾ پاڻي جي سطح کي تمام گھٽ رکيو ويو هو جو ڪان پاڻي نه پيو پي سگهي، انهي کان پوءِ سڄي عمل جي ويڊيو تيار ڪئي وئي