• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

انجلينا جولي پاران ڏنل امداد زرداري ۽ ٻين سياستدانن کان وڌيڪ

عاشق سولنگي

سينيئر رڪن


هالي ووڊ جي اداڪاره انجلينا جولي پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ 1 لک ڊالر ڏنا آهن جيڪي پاڪستاني ڪرنسي ۾ 85 لک آهن ۽ اِها امداد پاڪستاني صدر آصف علي زرداري پاران ڏنل 50 لک ۽ ڪيترن ئي سياستدانن پاران ڏنل رپين کان وڌيڪ آهي.

ڪجهه پاڪستاني اڳواڻن پنهنجي امداد جي رقم لڪائيندي چيو آهي ته اسين پنهنجي امداد پنهنجي پارٽي فنڊ ۾ ڏئي ڇڏي آهي. سرعام امداد جا دُهل وڃائيندڙن ۾ زرداري ۽ الطاف حسين 50،50 لک رپيا ڏنا آهن.

وزير اعظم سيد يوسف رضا گيلاني جو چوڻ آهي ته کيس نقد پئسا ڏيڻ مناسب نٿو لڳي تنهنڪري يوسف رضا گيلاني کاڌي پيتي جي سامان جي شڪل ۾ امداد ڪئي آهي.

پاڪستان مسلم ليگ جي سربراهه ميان نواز شريف، پنجاب جي وڏي وزير ميان شهباز شريف ۽ سندن خاندانن ٻڌايو آهي ته اسين اڍائي ڪروڙ رپين جون شئيون ٻوڏ متاثرن جي امداد لاءِ ڏنيون آهن. نواز ڀائرن نقد پئسا ڪونه ڏنا آهن.

مسلم ليگ ق جي سربراهه چوڌري شجاعت حسين ۽ سندس خاندان پاران اڍائي ڪروڙ رپين جي امداد ڏني وئي هئي.
 
جواب: انجلينا جولي پاران ڏنل امداد زرداري ۽ ٻين سياستدانن کان وڌيڪ

ادا ڳاله ڏاڍي وڻي پر اسان جا رانديگر ، اداڪار ، اداڪارائون ۽ سيا ستدان الئي ڪٿي آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
جواب: انجلينا جولي پاران ڏنل امداد زرداري ۽ ٻين سياستدانن کان وڌيڪ

ادا ڳاله ڏاڍي وڻي پر اسان جا رانديگر ، اداڪار ، اداڪارائون ۽ سيا ستدان الئي ڪٿي آهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

انهن ۾ اسان جا وڏيرا به شامل آهن

سائين اهي ڏيڻ سکيا ئي ناهن اهي وري ان چڪر ۾ به آهن ته مليل امداد ۾ ڪيئن روڻِ هڻجي


وڌيڪ پاڻ سياڻا آهيو
 
جواب: انجلينا جولي پاران ڏنل امداد زرداري ۽ ٻين سياستدانن کان وڌيڪ

سائين ويچاري اهي پئسا جي پاڪستاني حڪومت جي حوالي ڪيا ته پوءِ‌ٻوڏ متاثرن تي هرگز خرچ نه ٿيندا۔۔
 
جواب: انجلينا جولي پاران ڏنل امداد زرداري ۽ ٻين سياستدانن کان وڌيڪ

انهن ۾ اسان جا وڏيرا به شامل آهن

سائين اهي ڏيڻ سکيا ئي ناهن اهي وري ان چڪر ۾ به آهن ته مليل امداد ۾ ڪيئن روڻِ هڻجي


وڌيڪ پاڻ سياڻا آهيو

سائين اهي سڀئي ائين سمجهو ته پاڻ ئي ٻوڏ متاثرن جي لسٽ ۾ شامل آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ سو ڪٿان وري امداد ڏيندا
 
جواب: انجلينا جولي پاران ڏنل امداد زرداري ۽ ٻين سياستدانن کان وڌيڪ

جيتري پاڪستان کي امداد ملي آهي۔۔۔۔۔۔ان جو ڇوٿون حصوبه غريبن کي ملي هان ته اڄ غريب ٻيا گهر به ٺاهي ويهن هان۔افسوس آهي پاڪستان جي حڪومت تي
 
Back
Top