ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
ڪالاباغ ڊيم هجي ها ته به ٻوڏ کي ڪنٽرول نه ڪري سگهجي ها: مشرف
ڪراچي(مانيٽرنگ ڊيسڪ)اڳوڻي صدر(ر) جنرل پرويز مشرف چيو آهي ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم ٺهيل هجي ها ته به ٻوڏ واري صورتحال کي مڪمل طور ڪنٽرول نه ڪري سگهجي ها ڇو ته ڊيم پاڻي سان مڪمل ڀرجي وڃن ته انهن جا دروازا به ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي ڇڏڻ لاءِ کوليا ويندا، هڪ خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي پرويز مشرف چيو ته جيڪڏهن ڪالاباغ ڊيم هجي ها ته سنڌ ۽ پنجاب ۾ ٻوڏ جي تباهي ڪجهه گهٽ ٿئي ها، ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ جو مضبوط ارادو هو پر ان کي سياسي اشو بڻايو ويو، هن وڌيڪ چيو ته وطن واپس ضرور ايندس جلد قوم کي خبر پئجي ويندي، ان حوالي سان ڪنهن جي به منظوري جي ضرورت ناهي، مون ڄامشورو ۾ هڪ يونيورسٽي ۾ ڪالاباغ ڊيم ٺاهڻ بابت تقرير به ڪئي هئي، هن چيو ته هو الطاف حسين جي مارشل لا بابت ڏنل بيان تي تبصرو نه ڪندو، پاڪستان اچڻ لاءِ موقعي، ڪنهن جي فيصلي يا اعلان جي ضرورت ناهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان ۾ ٻوڏ سٽيلن جي بحالي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي، هن متاثرن لاءِ هڪ ڪروڙ رپيا پاڪستان مسلم ليگ ۽ ق ليگ ذريعي امداد فراهم ڪري ڇڏي آهي، ٻوڏ سٽيلن کي پهرين گهرن جي ضرورت آهي گذر سفر لاءِ کين چوپايو مال ڏنو وڃي، پرويز مشرف وڌيڪ چيو ته هو برطانيا ۾ ٻوڏ سٽيلن لاءِ امداد گڏ ڪرڻ لاءِ هڪ فائونڊيشن رجسٽرڊ ڪرائي رهيو آهي، هن چيو ته هو گڏ ڪيل امداد حڪومت جي حوالي نه ڪندو پر سڌي ريت ٻوڏ سٽيلن کي امداد فراهم ڪندو.