• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچيءَ ۾ ٻوڏ متاثرن تي گوليون هلائيندڙن کي معاف نه ڪنداسين: قادر مگسي

ممتاز علي وگهيو

سينيئر رڪن
ڪراچيءَ ۾ ٻوڏ متاثرن تي گوليون هلائيندڙن کي معاف نه ڪنداسين: قادر مگسي

ONPPix09-58-jpg__600.jpg
حيدرآباد (پ ر) سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي چيو آهي ته ٻوڏ تاثر ڪئمپن ۾ لکين ماڻهو گيسٽرو، مليريا ۽ ٻين بيمارين جي ور چڙهي ويا آهن. حڪومت جي نااهلي سبب بک ۽ بيماري وگھي روزانه مختلف ڪئمپن ۾ ڪيترائي ٻار عورتون ۽ مرد موت جو شڪار ٿي رهيا آهن. سرڪار پاران اڃا تائين ٻوڏ متاثرن لاءِ ڪي جوڳا اپاءُ نه ورتا ويا آهن. اهڙو اظهار هن ترقي پسند هائوس تي قائم امدادي ڪئمپ تي سامان جمع ڪرائيندي مختلف ماڻهن سان ڳالهائيندي ڪيو. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي علاج لاءِ ٻوڏ متاثر علائقن ۽ امدادي ڪئمپن ۾ جنگي بنيادن تي ميڊيڪل ڪئمپون هڻي علاج ڪيو وڃي. بک ۽ بيماري وگھي ٻوڏ متاثر موت جو شڪار نه ٿيڻ گھرجي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن کي ڪراچي ۾ آباد ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به حل ناهي. ڪراچي ۾ روزگار جا وڏا موقعا آهن. سرڪار پاران متاثرن کي في خاندان کي 120 والن جو پلاٽ ۽ 5 لک روپيا ڏنا وڃن باقي روزگار ماڻهو پاڻ ڳولي وٺندا ۽ ٻوڏ متاثرن لاءِ فوري طور تي 50 هزار روپيه في خاندان عيد پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي. هن چيو ته ٻوڏ متاثرن جي ڪراچي ۾ آبادڪاري خلاف ڪا به سازش برداشت نه ڪئي ويند.ي ايم ڪيو ايم سميت ڪجهھ لساني ڌريون ۽ ٽولا ٻوڏ متاثرن کي ڪراچي ۾ اچڻ کان روڪڻ لاءِ سازشون ڪري رهيا آهن. ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثرن کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. هن چيو ته ڪراچي ۾ ٻوڏ متاثرن تي گوليون هلائڻ وارن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪنداسين.
 
جواب: ڪراچيءَ ۾ ٻوڏ متاثرن تي گوليون هلائيندڙن کي معاف نه ڪنداسين: قادر مگسي

ان عمل ڏاڍو ڏکيو آهي
 
Back
Top