سيالڪوٽ قتل جي حقيقت تائين پهچي ويو آهيان: انڪوائري جج

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏26 آگسٽ 2010۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    [​IMG]

    سيالڪوٽ ۾ پوليس ۽ مقامي آبادي جي موجودگي ۾ 2 نوجوان ڀائرن مٿان شديد تشدد ڪرڻ کانپوءِ کين قتل ڪرڻ واري واقعي جي جاچ ڪندڙ عدالتي ڪميشن جي سربراهه جسٽس رٽائرڊ ڪاظم علي ملڪ اربعا جي ڏينهن ميڊيا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته هن سمورا ضروري ثبوت گڏ ڪري ورتا آهن جن ثبوتن جي بنياد تي ايندڙ 2 ڏينهن دوران پنهنجي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪندو.

    سپريم ڪورٽ سيالڪوٽ ۾ 2 ڀائرن جي اذيتناڪ قتل جي جاچ جسٽس رٽائرڊ ڪاظم ملڪ کان ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو هو. ڪاظم ملڪ ٻڌايو ته کيس جيڪا ذميواري ڏني وئي آئون هو ذميواري پوري ڪري ڇڏي آهي. سندس موجب آئون ڪاميابي سان قانوني، قابل قبول، ثبوت گڏ ڪري ورتا آهن جيڪي منهنجي نظر ۾ حقيقت سان جڙيل رپورٽ لکڻ لاءِ ڪافي آهن.

    جسٽس سندس رپورٽ باري ڪجهه نه ٻڌايو. پر هن چيو آهي ته آئون سچ جي تحه تائين پهچي ويو آهيان ۽ سندس رپورٽ سان اِها خبر پئجي ويندي ته مظلوم ڪير آهي ۽ ظالم ڪير.

    ڪاظم ملڪ ٻڌايو ته سندس رپورٽ جا ٻه رُخ هوندا. هڪ حصو قتل جي حقيقتن سان جڙيل هوندو ۽ ٻيو سپريم ڪورٽ جي آڏو سندس سفارشون پيش ڪندو ته سندس نظر ۾ ڪهڙي ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. سيالڪوٽ ۾ 2 ڀائرن جي قتل لاءِ پنجاب پوليس جي سربراهه پڻ جاچ ٽيم قائم ڪري ڇڏي آهي.
     
  2. ALI AKBAR SHAR

    ALI AKBAR SHAR
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 فيبروري 2010
    تحريرون:
    1,433
    ورتل پسنديدگيون:
    741
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    موبيلنڪ
    ماڳ:
    ڏهرڪي
    جواب: سيالڪوٽ قتل جي حقيقت تائين پهچي ويو آهيان: انڪوائري جج

    هي اسٽوري هر ماڻهون جي زبان تي آهي ته آخر ڇا ٿيندو جيڪڏهن سنڌ هجي ها ته ظالمن کي شايد بيگناهه ثابت ڪري کين ڪجهه چٽي ڀرائي وڃي ها پر هي پنجاپ آهي ڏسون ته ڪهڙو فيصلو سامهون ايندو
     
  3. آفتاب علي ميرجت

    آفتاب علي ميرجت
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    5
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاعر ۽ ليکڪ
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سيالڪوٽ قتل جي حقيقت تائين پهچي ويو آهيان: انڪوائري جج

    ادا اسانجي دعا آهي ته بي گناه ڀائرن جو جلدي انصاف ٿئي ۽ ڏکايل ما جي دل کي به چين ملي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو