راڳي ڇوڪري کان مداري ٿيڻ تائين ڊاڪٽر منظور اعجاز هاڻي آئون پوئتي ڏٺو ته ساهيوال هڪ وڏو ڳوٺ هو جٿي الاهي رٽائرڊ ماڻهون رهندا هئا يا ڳوٺ جي ننڍي وڏي چوڌرين پنهنجي ٻارن کي اعلي تعليم ڏيارڻ لاءِ گهر خريد ڪيا هئا يا مسواڙ تي رهندا هئا. لڳ ڀڳ هر ماڻهون پنجابي ئي سهي ۽ پنهنجي ماءُ ٻولي ئي ڳالهائيندو هو، ايستائين جو شهر جي وڏي ڪتاب مرڪز جو نالو به بُڪ ڊيپو يا بُڪ شاپ نه هوندو هو بلڪ هنن جا نالا ”اُستادن جي دُڪان“ ۽ ”رحمت جي دُڪان“ هئا. پر هي سڀ ڪجهه هجڻ باوجود به ڳوٺن کان هاءِ اسڪول يا ڪاليج ۾ تعليم حاصل ڪندڙ ڇوڪرن (ڇوڪرين جي خبر نه پوندي هئي) کين پاڻ کان بيگانو ٿيڻو ئي پوندو هو. پوءِ هنن ڇوڪرن جي ڪايا ڪلپ گهري هوندي هئي جيڪي راڳي ڇوڪري وانگر پنهنجي پنجابي دانشمندي ورثي سان گهڻي ويجهڙائپ رکندا هئا. کين پنجابي جو مڪمل جهان ڇڏي اُردو جي اوپري دنيا ۾ قدم رکڻو پوندو هو. کين وارث شاهه ۽ مولوي غلام رسول کي پنهنجي من مان ڪڍي غالب ۽ مير جي تهه ٺاهڻي پوندي هئي. ڪاليج هجي يا شهر، اديب ۽ دانشور هجڻ جو مطلب هوندو هو اُردو ادب جو ڄاڻو هجڻ، غزل نظم يا ڪهاڻي لکڻ. هن دور ۾ گورنمنٽ ڪاليج ساهيوال ۾ ڇوڪرن جي هڪ اديب ٽولي جو راج هوندو هو، هن ٽولي جو داهمان هوندو هو جنهن ۾ قيوم نظر، خالد طور، ساجد مير (اڄڪلهه ڪراچي ۾ شايد نواءِ وقت جو ايڊيٽر آهي)، فهيم جوزي، سعادت سعيد، مولانا امين، شاهد جعفري ۽ ميان حفيظ جهڙا نالا هوندا هئا. هڪ دوست امين رضا هو (هاڻي به آهي) جيڪو ڪاليج ۾ ته نه هو پر هن گروپ ۾ شامل هو. هو منهنجو خيال آهي ته هنن ڏينهن ۾ ڊرافٽسمين جي نوڪري ڪندو هو. سموري ٽولي مان صرف هو ڪهاڻي لکندو هو. بعد ۾ مظهر ترمذي به چيچه وطني کان موٽي آيو ۽ هن گروپ ۾ شامل ٿيو، تڏهن هو اُردو ۾ بهترين شاعري ڪندو هو. هڪ ٻي دوست حامد جيلاني به هو جيڪو بهترين شاعري ڪندو هو پر هو سڀ کان مختلف انداز جو مالڪ هو. هي سڀئي دوست فقط اُردو لکندا هئا، هنن مان ڪو به پنجابي نه لکندو هو. وڏي سنگت ۾ سڀ کان مٿي مجيد امجد صاحب هئا، پر مشهور ليکڪن ۾ ساهيوال ۾ هن وقت حاجي بشير احمد بشير، جعفر شيرازي، شهزاد ناصر ۽ مراتب جهڙا نالا به شامل هئا. منير نيازي صاحب لاهور وڃي چُڪو هو پر ظفر اقبال اوڪاڙا کان اڪثر گهمڻ ڦرڻ لاءِ ايندا هئا. اسين اهو به ٻُڌندا هئا سين ته نذير ناجي ۽ طارق عزيز به ساهيوال ۾ هوندا هئا، پر هو اسانجي اچڻ کان اڳ هتان لڏپلاڻ ڪري ويا هئا. سڀ کان وڏو مسئلو هو ته اسان جهڙا ڳوٺاڻا ڇوڪرا ايتري وڏي دانشورن جي سنگت تائين ڪيئن پهچندا؟ هتي وارث شاهه ۽ مولوي غلام رسول جي ڳالهه ڪرڻ وارو ڪو نه هو ۽ غالب مير جا اڃان تائين چڪر ڪونه ڇڙهيا هئا. ان ڪري اسين سوچيو ته شارٽ ڪٽ هڻي هي سڀ ڪجهه سکڻ لاءِ اردو فاضل جي امتحان جي تياري شروع ڪريون. هن وقت اردو فاضل وايا ڀٽنڊه بي اي ڪرڻ لاءِ ڪيو ويندو هو. معني توهان اُردو فاضل ڪريو ته صرف انگريزي جو ايف اي ۽ بي اي جو امتحان ڏئي بي اي پاس ڪريو. خير امتحان پاس ڪري ورتو سين، وڏو ڪلاسيڪي اردو ادب (غالب ۽ مير حسن سميت) ۽ عروض جا اُصول ياد ڪرڻا پيا. امتحان پاس ڪرڻ کانپوءِ خبر ناهي جو دانشورن جهڙي سوچ آئي يا نه (منهنجو خيال آهي ته آئي نه هئي) پر دل کي يقين هو ته هاڻي اسين به ادب جي سنگت ۾ ويهي سگهون ٿا. ڪجهه ايف اي ۾ فلسفي جا مضمون مضمون پڙهي پاڻ تي ڪجهه ڪوڙو سچو اعتبار ٿيو. اسين به ڪاليج جي ليکڪن جي ٽولي جي ڪنڍ پاسي ۾ ويهڻ شروع ڪيو سين ۽ ڀڳل ٽٽل نظمون ۽ غزلون لکڻ شروع ڪيون سين. شام هاسٽل ۾ ڇوڪرا گڏ ٿي ڪري بحث مباحثو ڪندا هئا. هاڻي آئون سوچيان ٿو ته هن وقت عام ڇوڪرن ۾ ڪيتري سهپ هئي ته ڪو روزانو مذهب جي خلاف، خدا جي نه هجڻ باري دليلون ڏيندو هو ۽ سڀ ٻُڌندا هئا. انهيءَ دور ۾ مطلب ايف اي ۾ اسانجون ڀڳل ٽٽل نظمون، ڪاليج ۾ بزم ادم جي مباحثي جو هي فائدو ٿيو جو اردو شعبي ۾ انچارج ڊاڪٽر الف.دال.نسيم صاحب مونکي ڪاليج جي اُردو رسالي ساهيوال جو اسسٽنٽ ايڊيٽر مقرر ڪري ڇڏيو. مون سان گڏ قاضي حبيب الرحمان کي به هي عهدو ڏنو ويو. ايڊيٽر بي اي جي فائنل سال مان ٿيندو هو جيڪو اسين ٻنهيءَ چوڏهين ڪلاس ۾ وڃي بڻجي ويا سين. خبر ناهي ته ڪهڙي وقت ۽ ڪيئن مجيد امجد ۽ حاجي بشير صاحب جي سنگت ۾ ويهڻ شروع ڪيو سين ۽ ساهيوال ۾ ڪاليج جا باقي ٽي سال هنن بزرگن جي ڪچهري ۾ ويهي سندن ڳالهيون ٻُڌندا هئا سين ۽ چانهه پيئندا هئا سين. ٻئي ڀلا ۽ نيڪ بزرگ هئا، ڀلي اسانجي ساهيوال ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ ٻنهيءَ ڳالهائڻ ڇڏي ڏنو هو. مجيد امجد وڏو شاعر ئي نه عظيم ماڻهون به هو. هر شام اسٽيڊيم هوٽل جي هڪ ميز تي مجلس ڪرائيندو هو، اسان جهڙا شاگرد پيشه ماڻهون روزانو سندس ڪچهري ۾ شامل ٿيندا هئا سين. شام هو اسٽيڊيم هوٽل ۾ پنهنجي هٿن سان گرم گرم بسڪوٽ ۽ سيخ ڪباب ٺاهي سڀنيءَ جي خدمت ڪندو هو. سندس هي اصول هو جو سندس ميز تي ويهي ڪو بل نه ڏئي سگهندو هو. شايد ان ڪري هن اها ڳالهه طئي ڪئي هئي جو باقي سڀئي سينيئر شاعر زميندار يا آفيسر هئا. امجد صاحب فقط اسسٽنٽ فوڊ ڪنٽرولر هو ۽ گهٽ پگهار ملڻ باوجود به فريد ٽائون جي هڪ ڪوارٽر ۾ رهندو هو جٿي ساڻس هڪ ملازم به رهندو هو. امجد صاحب شايد امير شاعرن وانگر نه ٿيڻ چاهيندو هو ، ڀلي ڪجهه به هو پر جيڪڏهن ڪو مهمان سندس ميز تي کائڻ کانپوءِ بل ڏيڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته امجد صاحب ناراض ٿيندو هو. پوءِ اهڙو وقت به آيو جڏهن هو رٽائرڊ ٿيو ۽ آمدني گهٽجي وئي پر هن پنهنجي ريت نه ڇڏي. پر سندس ريت جو بچاءُ انڪري به ٿيو جو هوٽل جو مالڪ جوگي سندس پراڻو دوست هو. اسين ٻُڌندا هئا سين (ائين ڪوڙ محسوس ٿيندو آهي) ته ڪنهن دور ۾ امجد صاحب ۽ جوڳي ڳوٺ ۾ سنگر مشين وڪڻڻ لاءِ گڏ ويندا هئا. خير جوڳي جي به ساڳئي ريت هئي ته سندس ميز تي ڪو بل ادا نه ڪندو هو. پوءِ امجد صاحب رٽائرڊ ٿيو ۽ بل ڏيڻ جي وقت جوڳي اچي ڪري سندس ميز تي ويهندو هو ۽ امجد صاحب بل نه ڏئي سگهندو هو، ٻنهيءَ بُزرگن جي ريت بچي ويندي هئي. اسين مجيد صاحب کي پنهنجون ڀڳل ٽٽل نظمون ٻُڌائيندا هئا سين، هو مُرڪندي مُرڪندي واه واه ڪندو هو پر پاڻ ڪجهه به نه ٻڌائيندو هو. هر ليکڪ نوجوان کي دلجاءِ ڏيندا هئا ۽ ڪڏهن به پريشان نه ٿيندا هئا. بلڪ بعد ۾ جڏهن آئون ۽ مظهر ترمذي انٽرڪالجيٽ مشاعرن جا گُرو گهنٽال بڻجي ويا سين ته هر هنڌ وڃي ڪري ٽرافيون کٽڻ اسانجو شوق بڻجي ويو ته امجد صاحب به اسانجي راند باري کل ڀوڳ دوران پُڇندو هو. هڪ دفعو اسين ڪنهن ٻي شهر جي انٽرڪالجيٽ مشاعري لاءِ وڃي رهيا هئا سين ۽ اسين اچانڪ رستي ۾ سوچيو سين ته ڇو نه امجد صاحب سان ملاقات ڪئي وڃي. چيائين، اڄ فوجون ڪيڏانهن حملو ڪرڻ وڃي رهيون آهن. اسين ٻڌايو پر هن سان گڏ اهو به ٻڌايو سين جو غزل ته اسانجي ٿي وئي آهي (اسين مشاعري لاءِ الاهي نظمون ۽ غزلون بس ۾ يا گاڏي ۾ ويندي لکندا هئا سين) پر اڃان مطلع ڪنٽرول نه ٿي رهيو هو. چيائون، مصرعو ڇا آهي؟ اسين ٻُڌايو ”پهول سي خوشبو جدا ڪرتي رهي“ انهيءِ مهل چيائون ته ائين لکو، عطر ڪش ڪتني اذيت ڪيش ٿي پهول سي خوشبو جدا ڪرتي رهي حاجي بشير صاحب سان جڏهن پهرين ملاقات ٿئي تڏهن حاجي صاحب جي وڏي پوسٽ آفيس ۽ اسٽيشن جي سامهون ۽ اسٽيڊيم هوٽل جي پٺيان نرسري هوندي هئي. بعد ۾ حاجي صاحب نرسري بند ڪري ڇڏي ۽ ڪيفي ڊي روز ۾ ويهڻ شروع ڪيائون جنهن جي مالڪ جو نالو رونق شاهه هو. رونق شاهه بهترين سموسا ٺاهيندو هو. سدائين ڪيفي جو بل حاجي صاحب ڏيندا هئا. مجيد امجد صاحب جي اُبتڙ هو پنهنجي شاعري به ٻڌائيندا هئا. منهنجي خيال ۾ ساهيوال جي سموري شاعرن مان حاجي صاحب ئي پنجابي غزل لکڻ شروع ڪئي هئي. شايد ڪنهن ٻئي شاعر ڪڏهن به پنجابي نه لکي. حاجي صاحب هو جڪ پنجابي شعر مونکي اڃان تائين ياد آهي: ڪني ڀُکي چور سي جنهان لُٽيا رات ملنگ نون سوٽا سلفا تان اڪ پاسي، لي گئي نال مطهر ڪيترا بُکيا چور هئا جن ڦريو رات ملنگ کي ڊنڊو هڪ پاسي، وٺي ويا ساڻ مطهر به حاجي صاحب به اسانجي گروپ جي ڇوڪرن جي شاعري سان کيچل ڪندا رهندا هئا. هن دور ۾ اسانجي ادبي گروپ ۾ وجوديت ۽ منطقي اثباتيت جو ذڪر ٿيندو هو بلڪ سجاد مير والا گروپ کي ته پاڻ تي ايترو فخر هو جو ڪاليج جي بزم ادب ۾ پروفيسرن کي به تنگ ڪندا هئا. هنن سڀنيءَ جي شاعري ڪجهه عجيب ۽ نئين انداز جي هئي. مونکي ياد آهي ته هڪ دفعي مولوي امين هڪ نظم لکي ٻُڌائي هئي. حاجي صاحب ٻئي ڏينهن ساڳئي بحر ۾ هن نظم جي پيروڊي لکي کڻي آيو هو ۽ مزي سان ٻڌائي رهيو هو ميري جان تم فلسفي هو ڪتابون ڪي بچڪي هوئي ٽائرون مين هوا ڀرچڪو تو ميري بات پر غور ڪرنا هن وقت تائين پهچندي پهچندي اسان جي اندر مان پنجابي ڪافي حد تائين پگهرجي چُڪي هئي ۽ اردو جو جن ۽ چڪر ڇڙهي چُڪا هئا. پر وري به شايد اندر ڪجهه نه ڪجهه باقي هو. ان ڪري آئون جڏهن هڪ دفعو پنجابي نظم لکي دوستن کي ٻڌائي ته سجاد مير چيو توهان پنجابي ۾ ئي لکو ڇاڪاڻ ته هن ۾ توهانجو اصلي روپ نظر ايندو آهي. پر آئون چپ رهيس، پوءِ الاءِ ڪيئن مونکي خيال آيو جنهن کانپوءِ مان ۽ مولوي امين گڏجي ڪري ڪاليج ۾ پنجابي سوسائٽي ٺاهڻ کانپوءِ جلسوس جو سلسلو شروع ٿيو. اسين مولوي امين کي اديب گهٽ ۽ چالباز سياستدان گهڻو سمجهندا هئا سين (هو ڪاليج جي اليڪشن ۾ به کيچل ڪندو هو). پر آئون اڄ سوچيان ٿو ته مولوي جو منهنجي زندگي جي بُنيادي موڙ ۾ وڏو هٿ هو. پنجابي سوسائٽي به پهرين دفعو اسين ٻنهيءَ گڏجي ڪري ٺاهي هئي ۽ بعد ۾ لاهور وڃي ڪري ڊاڪٽر عزيز الحق کي به پهرين دفعي هن ۾ شامل ڪيو جنهن سان منهنجي زندگي بدلجي وئي. اسانجي دور تائين ڪاليج ۾ نظرياتي سياست ڪونه ٿيندي هئي. هاسٽل ۾ زميندار خاندانن جا ڇوڪرا ذات برادري جي سياست ڪندا هئا. هو پاڻ ته اليڪشن وڙهڻ جي قابل نه هئا بس مختلف شهرن مان سُٺو ڳالهائيندڙ ڇوڪرن جي حمايت ڪري پنهنجي ذات برادري جي دشمني جي ٺرڪ پوري ڪندا هئا. هو ان ڪر يجو اليڪشن لاءِ ڪواليفائنگ تقريرون اردو ۽ انگريزي ٻولي ۾ ڪرڻيون پونديون هيون جيڪي هنن ڳوٺاڻي ڇوڪرن جي هٿ وس جي ڳالهه نه هئي. ان ڪري وڏي عهدن لاءِ شهرن جا ڇوڪرا ئي ڪامياب ٿيندا هئا توڙي هنن جو انگ تمام گهٽ هو. جڏهن آئون فرسٽ ايئر ۾ هوس ته مونکي ياد آهي جو صدر جو اليڪشن مجيب الرحمان شامي صاحب کٽيو هو جيڪو هاڻي ڊيلي پاڪستان جو مالڪ آهي ۽ ساڄي ڌر جو مشهور صلاح ڪار آهي. توڙي هو عارف والا جو شيخ هو پر سندس رهائش ڳوٺاڻي نه هئي. هن کانپوءِ به جن اليڪشن وڙهيو هنن ۾ خالد طور، راؤ آفتاب ۽ سجاد مير ۽ اعجاز (الاءِ ڪاٿي وڃائجي ويو آهي) ئي وڙهيو جيڪي شهري ڇوڪرا هئا. اسين چوڏهين ڪلاس ۾ هڪ ڳوٺاڻي ڇوڪري محي الدين چشتي (ٻُڌو آهي ته اڄڪلهه چوڌري پرويز جو وزير مشير آهي) کي اليڪشن وڙهايو، هن کي تقرير ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو سين پر هو ڪامياب نه ٿي سگهيو. هونئن ته ڪاليج ۾ نظرياتي سياست ڪونه هئي پر مونکي ياد آهي ته فاطمه جناح جي ايوب خان جي خلاف اليڪشن جي دور ۾ (يا ڪو ٻيو موقعو هو) مجيب الرحمان شامي صاحب مولانا مودودي کي جلسو ڪرڻ لاءِ گهرايو هو. فاطمه جناح جي اليڪشن ۾ اسانجون همدرديون ته ظاهر ڳالهه آهي محترمه سان هيون پر اڃان ايوب خان جي خلاف اوتري نفرت نه هئي جيڪا اڳتي پيدا ٿي. هو ائين به بي ڊي ممبرن جي ووٽن سان اليڪشن کٽندو هو ۽ ڳوٺ جا بُزرگ بي دي ممبر اسان ڇوڪرن جي ڳالهه ڪيئن ٻُڌي سگهندا هئا. اها صورت 1970 جي اليڪشن ۾ بدلجي وئي جڏهن اسين ڳوٺ جي ڪجهه ڇوڪرن سموري چوڌرين ۽ امير ماڻهن جي خلاف ووٽ وجهرايا ۽ پيپلز پارٽي جي اُميدوارن کي ڪامياب ڪرايو سين. ڪاليج ۾ جيڪڏهن ڪو نظرياتي تنظيم هئي ته هو اسلامي جمعيت طلباء هئي. مون جهڙا ڪيئين ڇوڪرا هئا جيڪي چاهندا هئا ته معاشري جي بربادي جو ڪجهه نه ڪجهه ٿيڻ گهرجي ڇاڪاڻ ته نظر فقط اسلامي جمعيت طلباء ايندي هئي ان ڪري اسين هن کي ڪڏهن ڪڏهن چندو ڏيندا هئا سين. هنن جو قابل اعتماد ورڪر هو جنهن جو نالو شاڪر يا جبار هو. پر اسلامي جمعيت طلباء طرفان وڏي عجيب ڳالهه ٿئي. هنن سالن ۾ ئي جماعت چراغ راه جو سوشلزم نمبر شايع ڪري رهي هئي. اسين ڪڏهن به سوشلزم جو نالو نه ٻُڌو هو پر جڏهن جمعيت وارن چيو ته رسالو شايع ٿيڻ لاءِ ايڊوانس جي طور تي ٻارهن رپيا ڏيو ته اسين ڏنا سين. هو رسالو ٻن جلدن ۾ شايع ٿيو جنهن ۾ چوڌري محمد علي کان وٺي هر ننڍي وڏي ماڻهون سوشلزم جي خلاف مضمون لکيو هو. جڏهن آئون اهو رسالو پڙهيو ته مونکي محسوس ٿيو ته جنهن نظريي جي خلاف لکيو پيو وڃي هو ته ڏاڍو سُٺو لڳي ٿو، پر مونکي پهرين دفعي اسلامي جمعيت طلباء کان سوشلزم جي باري معلوم ٿيو هو. پر اهو معلوم ٿيڻ کانپوءِ به آئون ايترو متاثر ڪونه ٿيو هوس جو آئون هن لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو سوچيان. بلڪ اسانجا ڪجهه دوست جڏهن چين ۽ هن جي نظام جي تعريف ڪندا هئا ته اسين کين جاهل سمجهندا هئا سين ۽ هنن وٽ ڪونه بيهندا هئا سين ڇاڪاڻ ته هاڻي اسين پاڻ کي وڏو اديب سمجهندا هئا سين جيڪي سياست جي گندگي کان پري رهندا آهن. هي دور بيحد عجيب هو. هن مهل سجاد مير جيڪو بعد ۾ اسانجو دوست بڻجي ويو هو ۽ مجيب الرحمان شامي جي ”زندگي ۾ شامل ٿيا“ ساهيوال ۾ هڪ ٻي دانشور اشرف قدسي سان ملي ڪري لينن ڏي ملهائيندا هئا سين. هنن ٻنهيءَ مائوزي تنگ جي نظمن جو ترجمو ڪري شايع ڪرايو هو. خبر ناهي ته هو ڪنهن جي چوڻ تي ائين ڪندا هئا ۽ بعد ۾ جڏهن هن دور جي ساهيوال جي نئين اديبن جو سمورو ٽولو کاٻي ڌر ڏانهن هليو ويو ته سجاد مير مڪمل طور تي ساڄي ڌر ڏانهن هليو ويو. 1967 تائين کاٻي ڌر جي سياست اسانجي حلقي تائين ڪونه پهتي هئي. پر جڏهن اسان کانپوءِ فهيم جوزي (منهنجو سڀ کان سٺو ۽ ويجهو دوست هو)، مولانا امين، شاهد جعفري ۽ سعادت سعيد پنجاب يونيورسٽي ۾ پهچي ويا (هي اسان کان هڪ سال اڳتي هئا) ۽ هنن موٽڻ کانپوءِ اسانکي کاٻي ڌر ۾ شامل ٿيڻ لاءِ ايلاز شروع ڪيا هئا. اسان تي ڪو خاص اثر نه پئجي سگهيو ڇاڪاڻ ته مان ۽ مظهر ترمزي ته ڪاليجن ۾ ٿيندڙ سمورا مشاعره فتح ڪرڻ ۾ مشغول هئا سين. پر هنن دوستن ۾ وڏي بحث ٿيندي هئي. هڪ دفعو ته ڪيفي ڊي روز ۾ جڏهن مولانا امين جوش ۾ چيو ته ڪٿي آهي غربت ته فهيم جوزي سندس مٿي ۾ ڪرسي هڻي ڪرسي ڀڃي ڇڏي هئي. سياست باري هي گم ٿيل وقت هو. ڪجهه ڀڃ ڊاهه ٿي رهي هئي، اسانجي اندر به ۽ ٻاهر به. پر اڃان تائين ڪنهن به ڳالهه جو خلاصو ڪونه ٿيو هو. پنهنجي سطح ته اسين ڪاليج جا خليفا هئا سين، مباحثي، مشاعري، بزم ادم، ٻين سوسائٽين ۾ اسين پنهنجي پوزيشن باري خوش هئا سين (خبر ناهي ته خوش هوس يا پاڻ کي وساري ڇڏيو هوس). هاسٽل جي يونين جو صدر ٿيڻ کان وٺي ڪيرم بورڊ چيمپيئن جي نشي ۾ چور ۽ مست رهندو هوس. پر پنهنجو سڀ ڪجهه وساري هاڻي آئون پنهنجي پيءُ ۽ چاچي الاهي بخش (چاچو بڙ) کي اڻپڙهيل سمجهندو هوس. راڳي ڇوڪرو مداري بڻجي ويو هو.