راڳي ڇوڪري جو وارو ڊاڪٽر منظور اعجاز جڏهن پنهنجي ڳوٺ شهر ساهيوال (تڏهن منٽگمري سڏائيندو هو) وڃڻ جي ياد اچي ٿي ته نجم حسين سيد جي نظم راگي ڇوڪري جو وارو ياد ايندي آهي. هن اسان جهڙي ماڻهن باري هي نظم لکي هئي ته ڪيئن ڳوٺن چڱي ڀلي ڪسبي ڇوڪرن کي شهر وڃي ڦيراٽيون اينديون آهن ۽ ڪيئن هنن جي پوئين ڪرتوتن تي ليڪ ڦرندي آهي، يا ڪيئن هنن جو ڏنگ ڪڍي کين بيحوش ڪيو ويندو آهي ائين ناهي جو ڳوٺ مان شهر وڃڻ جو شوق نه هيو، بيحد شوق هيو. شهر ته شهر آئون جڏهن ڳوٺ ۽ ساهيوال جي وچ ۾ ڪٽور والا اڏي تي هٿان شروع ٿيندڙ مضبوط روڊ ڏٺو ته منهنجي مٿان هڪ عجيب نشو سوار ٿي ويو هو. اڏي جون ٻه ٽي ڀڳل ٽٽل دُڪانون ۽ ٿڌا پڪوڙا، پراڻيون ڍليون جليبيون ۽ سوڏي جي جعلي بوتلن کان دل جيترو متاثر ٿيو اوترو ته پيرس جي شانزاليزي جي وڏي بازار به ڪونه ٿيو هوندو. آئون ساهيوال ٻن قسطن ۾ ويو هوس يا توهان ائين چئي سگهو ٿا ته ساهيوال ۾ ٻي دفعي ڦاٿو هوس. پهريان ته نائين ڪلاس ۾ گورمنٽ هاءِ اسڪول ۾ داخلو ورتو جيڪو هن وقت ضلعي جو نمبر ون اسڪول هوندو هو. آئون هاسٽل ۾ رهڻ شروع ڪيو. پر هاسٽل جي بيحد ڍئو ڪندڙ سپرنٽنڊنٽ قاضي صاحب جي هر منجهن مهري جي دال ۽ ڇلڙ جهڙيون ٻه مانيون ڳوٺاڻي ڇوڪري کي شهر ۾ ڪونه رکي سگهيون. ڳالهه ماني جي نه هئي، بس پنهنجي ڳوٺ کان ٻاهر ڪٿي به دل نه لڳندو هو. ان ڪري سرٽيفيڪيٽ ڪڍايو ۽ جاوي علائقي جي هاءِ اسڪول گنون ۾ جيڪو ڳوٺ کان پنج ميل جي مفاصلي تي هيو ۽ گهڻو پنڌ زمينن ۾ ڪرڻو پوندو هو. پر مونکي هي منظور هيو ته هوسٽل کان پري گورنمنٽ ڪاليج وارو نه کائيندو هو. بس هن چڪر ۾ ڇڙو ٻه مهينن تائين شهر ۾ رهي سگهيس. اڃان تائين راڳي ڇوڪري کي ڦيراٽيون ڪونه آيون هيون. پر ٻي دفعي وس نه هليو. ڏهين ڪلاس کانپوءِ ڪاليج صرف ساهيوال ۾ ئي هيو، بلڪ تڏهن ته پوري ضلع ساهيوال ۾ (اوڪاڙه پاڪپتن ۽ ديپالپوري به هن جون تحصيلون هيون) هڪ ئي ڪاليج هيو ۽ سموري علائقي جا، بلڪ لائل پور تائين جا ڇوڪري ساهيوال ڪاليج ۾ پڙهندا هئا. ڪاليج بيحد سهڻو هيو ۽ هاسٽل به شاندار هيو. هاسٽل جو ماحول زمينداراڻو ۽ ڳوٺاڻو هو. هاسٽل ۾ ڳوٺن وانگر راڻين ۽ ماڻهن جي هڪ ٻي سان بحث ٿيندي رهندي هئي. پر ڪاليج جي دنيا ڳوٺ کان مختلف هئي. هتي خاڪي پينٽ، شرٽ ۽ نيري رنگ جو بليزر پائڻ لازمي هوندو هو. ڪاليج جو پرنسپل ملڪ انور انگريزن وانگر ڊنڊو هٿ ۾ کڻي سڄو ڏينهن هاسٽل جي گيٽ واري روڊ تي گهمندو هو، ۽ جيڪڏهن هاسٽل جي ڪنهن به ڇوڪري کي گوڏ ۾ پڪڙي وٺي ته ڏهه رپيا جرمانو وٺندو هو. تڏهن ڏهه رپيا وڏي رقم هئي ڇاڪاڻ ته ليڪچرر جي پگهار ساڍا ٽي سئو رپيا هوندي هئي. گوڏ پائڻ ۽ پئنٽ نه پائڻ يا ايترو وڏو جرمانو نشان هيو جو ڪيئن زبردستي ڳوٺاڻي ڇوڪرن کي ”بابو“ ٺاهڻو آهي. هي راڳي ڇوڪري کي ڦيراٽيون چڙهڻ جو آغاز هيو. مونکي پهرين دفعو پينٽ پائڻ جو تجربو سڄي حياتي ڪونه وساري سگهندس. جڏهن منهنجي ڀيڻويو مشتاق مرحوم پهرين دفعي مونکي پينٽ پارائي هئي ته مونکي محسوس ٿيو جو آئون بلڪل اُگهاڙو آهيان. ائين محسوس ٿي رهيو هو جڻ ته مون وٽ ٻُنڊڻ ڍڪڻ لاءِ ڪو شئي ناهي. هاڻي سوچيان ٿو ته گوڏ ۾ به بيحد اوگهڙ هوندي هئي ۽ ڳوٺاڻا اُوگهڙ پن کان ايترا ڊيڄندا ناهن. ڇاڪاڻ ته ڳوٺآڻا شهر وارن جي غسل خانن ۾ وهنجهڻ بدران واٽر يا کوهن ۾ هڪٻئي جي سامهون وهنجندا آهن. وڏي عمر جون عورتون واٽر تي ويهي اڌ اُگهاڙيون ڪپڙا ڌوئيندي عام نظر اينديون هيون. پر وري به مونکي پتلوم ۾ اُوگهڙ محسوس ڇو ٿئي؟ شايد ان ڪري جو اوپري دنيا ۾ داخل ٿيڻ لاءِ ماڻهون کي اُگهاڙو ٿيڻو پوندو آهي، پنهنجو پهراڻ لاهي غير جو چولو پائڻو پوندو آهي، هن سان اوگهڙ جو احساس ٿيندو آهي. هي ڌار ڳالهه آهي جو ڪجهه عرصي کانپوءِ هي احساس ختم ٿي ويندو آهي ۽ پراڻو پهراڻ ڏسي حيرت ٿيندي آهي، ماڻهون جي پراڻي کل جي جاءِ تي نئين کل چڙهندي آهي. اسين هوٽل ۾ نوڪرن کان ڪيئين دفعي حقو ڀرائي ڳوٺاڻي محفل هڻندا هئا سين پر ”بابو“ ٿيڻ جو جن ايترو ڪمزور نه هيو جنهن کي هاسٽل جي اندر گوڏ ٻڌي حقو ڇڪي لاهي سگهجي. ميلي ۾ جهولي تي سوار ماڻهون کي ڦيراٽيون چڙهڻ کان روڪي نه ٿو سگهجي. روڪي به ڪيئن سگهجي ٿو جو اسين پنهنجي گهر مان جيڪا به تهذيب يا جيڪو به سبق پرايو سين هن جي قدر نه رهي هئي. وارث شاهه ۽ مولوي غلام رسول کي پڙهڻ باوجود به اسين ”ادب“ ۾ اڻپڙهيل ۽ بلڪل صاف هئا سين. اسانجي پنجابي جي ڄاڻ جو فائدو نه هو. هاڻي اسانکي ولي دڪني کان وٺي فيض کي سمجهڻو هو، هاڻي اسانکي وڊز روٿ ۽ شيڪسپيئر کي ياد ڪرڻو هو، هندوري ۾ اُگهاڙو ويهي پاڻ کي مدمست ڪرڻو هو، ڦيراڻيون چڙهائڻ کانسواءِ اسان وٽ ڪو ٻيو رستو نه هيو. آئون ڪڏهن ڪڏهن سوچيان ٿو ته اسانجي پنهنجي حياتي تي اسانجي پنجابي قوم جي حياتي ڇا هجي ها جيڪڏهن اسانکي پنهنجي ريت کي رد ڪري، پنهنجي شعور ۽ تعليم کي وساري نئين سري کان هڪ ٻي زبان ۾ مرتبو نه ٺاهڻو هجي ها. جيڪڏهن اسانکي اسڪول ۾ به ساڳئي زبان ۽ ادب پڙهايو وڃي ها جيڪو اسين پنهنجي گهر ۾ پڙهندا هئا سين ته پوءِ ڇا فرق پوي ها؟ جيئن آمريڪي يا انگريز کي گهر ۽ اسڪول جي زبان ۾ خاڪو نه ڪڍڻو پوندو آهي ۽ ڳوٺ کان شهر اچي اُگهاڙو ٿي ڪري سمورو ويس نه مٽائڻو پوندو آهي ته ڇا اسانجي پنهنجي ۽ سانجهي سوچ ۾ ڪو فرق پوي ها؟ هن سوال جو ڪو سڌو جواب ته نه مليو جو اسين ڪيترا هيڻا ماڻهون آهيون ڇاڪاڻ ته هي گهٽتائي اسانجي نجي ۽ اسانجي خودي کي متاثر ڪري ٿي. ڪو اهڙو جواب جنهن سان آئون پنهنجي ماڻهن کي سمجهائي سگهان جو ڊاڪٽر ٿيڻ سان يا ائٽم بم ٺاهڻ سان ڪو ماڻهون مڪمل ٿيندو آهي نه وري قوم. آئون صرف اهو چئي سگهان ٿو ته چين جاپان کان وٺي يورپ آمريڪا تائين ڪو اهڙو ملڪ يا قوم ناهي جنهن پنهنجي ماءُ ٻولي ڇڏي تعليم کي فروغ ڏنو هجي يا گهڻي ترقي ڪئي هجي.