ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
نڪ ٻوڙڻ لاءِ پاڻي! حسن مجتبيٰ
شايد هاڻي هڪ ڀيرو ٻيهر سنڌو معاشرو تباهه ٿيندو پيو وڃي. سنڌو معاشرو جيڪو سري نگر کان سنڌ تائين هو. ماڻهو ۽ قومون هڪ ٻي سان دشمني وارو سلوڪ ڪنديون هيون. ٻولي، رنگ، نسل، طبقو، مذهب جو لحاظ رکندا آهن پر موت ۽ درياهه نه. درياهه سندس محبت ۽ ڪاوڙ برابري سان ورهائيندو آهي.
منهنجي سنگتي انور پيرزادو هڪ ڀيرو ٽي وي تي ٿيندڙ بحث دوران چيائين ته درياهه سان نه وڙهجو.
درياهه سان وڙهڻ جو نتيجو توهان ڏٺو آهي ته درياهه گهر گهر ۾ ڪيترا ئي درياهه وهائي ڇڏيا آهن. لُڙڪن جا سمنڊ وهائي ڇڏيا آهن. اهڙا اهڙا شهر ڳوٺ تباهه ٿيندا پيا وڃن جن بابت ائين سوچي به نه سگهندا هئا سين.
هڪ سنگتي مونکي لکيو ”سوچ کان ٻاهر آهي ته منهنجو ڳوٺ، منهنجو گهر، جتي آئون پنهنجو ننڍپڻ گذاريو منهنجي ننڍپڻ جون گهٽيون سڀ ڪجهه قاتل پاڻي ۾ ڦاٿل آهي. منهنجو ڳوٺ جيڪو منهنجي محبت هو، پهرين محبت جنهن کي ماڻهون وڏي چاهت سان محفوظ هنڌ لڪائي رکڻ پسند ڪندو آهي.
هاڻي محبت ته ڇا پنجهتر سيڪڙو ماڻهن کي سر لڪائڻ لاءِ شايد ئي ڪا محفوظ ٺڪاڻو مليو هجي. پاڪستان ۾ فلڊ ايمرجنسي ڊيوٽي ۾ رڌل باخبر اهلڪار مونکي لکيو ته هتي ڪجهه به ناهي صرف فوٽو سيشن آهن. غير ضروري دير وارو چڪر آهي ۽ ماڻهن کي بچائڻ ۾ سنجيدگي ناهي.
هڪ ٻي دوست لکيو آهي ته هاڪس بي تي جيڪب آباد جي متاثرن جي ڪئمپن ۾ پئسا گهرڻ وارا غنڊا پڻ پهچي ويا آهن. آئون سوچي رهيو آهيان ته هر پاسي پاڻي ئي پاڻي آهي پر سرڪاري ۽ غير سرڪاري بي حس ماڻهن ۽ فوٽو سيشنز جي بُکين لاءِ نڪ ٻوڙڻ لاءِ پاڻي ڪٿي به ناهي!