• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڀاءُ رشيد کي گذارش؛

نثارابڙو

نائب منتظم
ڀاءُ رشيد کي گذارش؛
حق موجود؛
ادا سائين عرض ته مون هڪ مضمون پوسٽ ڪيو هو ” انڊيا جي ماڻهن لاءِ نوڪريون جام ڇو؟“ ٿريڊ آهي ” اڄ جي خبر“
پر اڄ حالات حاضره ٿريڊ کي ڏسندي نظر پئي ساڳي مضمون تي؛ جو ادي سلطان جو موڪليل آهي ..
عرض ته! مون اڻڄاڻائيءَ ۾ پوسٽ ڪيو هو پر هاڻ گذارش ته ان مون واري پوسٽنگ کي منسوخ ڪريو ته بهتر جو ساڳيو مضمون ٻه دفعا ٿي پيو آهي ..
۽ ها جي ڪا پوسٽنگ غلطيءِ سان ٿي وڃي ته انکي منسوخ ڪرڻ جو ڪو طريقو؟
جيئن ڪالهه هڪ مضمون تڙ تڪڙ ۾ ٻه دفعا موڪلي ويٺس ... يا وري ايڊيٽر دوستن کي گذارش آهي ته اهڙي ڪا پوسٽ جا ٻه دفعا هجي ته منسوخ ڪئي وڃي ...
سدائين گڏ
 
سائين توهان صحيح فرمايو ادا سلطان بهترين موضوع ڳولي فورم تي لڳايو هيو پر پنهنجي مصروفيت جي ڪري توهان وانگر مون کي تفصيل سان پڙهڻ جو موقعو نه ملي سگهيو۔۔۔ بعد ۾ توهان ساڳيو موضوع آندو پر جيئن ته توهان جي موضوع موڪلڻ وقت فورم تي تحرير موڪلڻ جي ٽريفڪ ايتري نه هئي ان ڪري دوستن ان تحرير ۾ پنهنجا جواب موڪليا۔۔۔
موضوع ڊپليڪيٽ هجڻ جي باوجود ان جي ڪري ختم نه ڪيو ويو جو دوستن ان موضع تي پنهنجا رايا موڪليا هئا۔۔۔
ڪجهه ڏينهن اڳ اهو محسوس ڪيو ويو ته ڪجهه دوست پنهنجي مرضي سان آيا ۽ پنهنجو تحريرون پڻ موڪليون پر معمولي ڳالهه تان ناراض ٿي پنهنجيون تحريرون ختم ڪرڻ لڳا۔۔۔ ان ڪري هر رجسٽرڊ رڪن کان اهو اختيار واپس ورتو ويو ته جيڪڏهن هو پنهنجي مرضي سان ڪا تحرير موڪلن ٿا ته ان کي ختم نه ڪري سگهن ها البته پنهنجي تحرير ۾ تبديلي وارو اختيار سندن حق سمجهي برقرار رکيو ويو آهي۔۔۔۔
تحرير کي ختم ڪرڻ جو اختيار فورم جي ايڊيٽر کي حاصل آهي ۽ اهي پنهنجي مصروفيت مان فارغ ٿيندي ئي ڊپليڪيٽ تحرير کي ختم ڪري ڇڏيندا۔۔۔۔
توهان جي صلاح کان پوءِ هڪ ٻي ڳالهه تي غور پيو ڪيو وڃي ته هڪ ردي جي ٽوڪري وانگر سيڪشن پڻ ٺاهيو وڃي جتي هر رڪن کي پنهنجي تحرير کي منتقل ڪرڻ جو اختيار حاصل هجي۔۔۔۔ جنهن جي لاءِ توهان جي راين جي ضرورت آهي۔۔۔
 
Back
Top