ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
سنڌ جي وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٻئي ڏينهن به رتيديري پهچي جيڪب آباد ۽ شڪارپور ضلعن جي حدن سان ملندڙ رتوديرو تعلقي جي شاخن جنت شاخ، سالار شاخ ۽ رتوديرو بئراج جو زمين رستي دورو ڪيو، ساڻس گڏ صوبائي وزير اياز سومرو، آغا سراج دراني ۽ آبپاشي وارو وزير سيف الله ڌاريجو گڏ هئا، وڏي وزير کيرٿر ڪئنال کي لڳل گهارن واري هنڌ ۽ شيرانپور جو به دورو ڪيو ۽ گهارن واري پاڻي جي رخ بابت معلومات ورتي، ان موقعي تي چيف انجنيئر رائيٽ بئنڪ سکر بئراج آغا اعجاز پٺاڻ ٻڌايو ته کيرٿر ڪئنال کي لڳل گهارن جي پاڻي جو رخ ڳڙهي خيرو، قبو سعيد خان ۽ زيرو پوائنٽ ڏانهن آهي، وڏي وزير هدايت ڪئي ته جنت شاخ، سالار شاخ جا ڪپر گولودڙو کان آخر تائين مضبوط ڪري بچاءَ بند طور استعمال ڪيو وڃي ۽ هيوي مشينري استعمال ڪئي وڃي، ان موقعي تي صحافين سان ڳالهائيندي وڏي وزير چيو ته ٻوڏ متاثر رليف ڪئمپن ۾ اچن ته جيئن کين سموريون سهولتون فراهم ڪيون وڃن، هن واضح ڪيو ته رتوديرو ۽ ڳڙهي خدا بخش ڀٽو کي ٻوڏ کان ڪوبه خطرو ناهي، ڊي سي او لاڙڪاڻو طرفان رتوديرو جي 5 ديهن کي خالي ڪرڻ واري وارننگ جاري ڪرڻ جي مون کي ڪابه ڄاڻ نه آهي ان جي جاچ ڪرائي ويندي ۽ رتوديرو واسين کي چوان ٿو ته هو لڏ پلاڻ نه ڪن ڇو ته رتوديرو ٻوڏ واري پاڻي کان 25 ڪلو ميٽر پري آهي ۽ پاڻي جو رخ اولهه شهدادڪوٽ طرف آهي تنهن هوندي به اسان سالار شاخ ۽ جنت شاخ جي ڪپرن کي مضبوط ڪرڻ لاءِ عملي ڪم شروع ڪري ڏنو آهي، هن چيو ته ڪٿي به هٿ سان گهارا نه هنيا ويا آهن پاڻي تمام گهڻو آهي جيڪو اور ٽاپ ڪري رهيو آهي، اسان ڏينهن رات ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته جيڪي علائقا ٻوڏ جي پاڻي کان بچي سگهن ٿا انهن کي بچايون، هن چيو ته شهدادڪوٽ ۽ قبو سعيد خان مان جيڪو پاڻي حمل ڍنڍ ڏانهن روانو ڪيو هوسين اهو پاڻي زيرو پوائنٽ ڏانهن وڃڻ بدران واپس شهدادڪوٽ طرف اچي رهيو آهي، شهدادڪوٽ شهر کي بچائڻ واسطي اسان نادر مگسي کي هيوي مشينري ڏني آهي جيڪو شهر کي بچائڻ لاءِ ڪوششن ۾ رڌل آهي، هن چيو ته سيڪيورٽي عملدارن کي سختي سان هدايتون ڪيون ويون آهن ته ڪئنال ۽ بندن تي ڪم ڪندڙ عملي جي مڪمل حفاظت ڪن جيڪو ان ڪم ۾ رڪاوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪري ان خلاف سخت قدم کنيو وڃي، ان دوران وڏي وزير سيد قائم علي شاهه ٻوڏ متاثر عورتن ۾ روڪ رقم ورهائي
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان