ڦلپوٽو فقير
سينيئر رڪن
صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته حڪومت اڪيلي سر ٻوڏ متاثرن جي بحالي ۽ رليف مهيا نٿي ڪري سگهي، عالمي برادري مدد ڪري، عالمي برادري کي يقين ڏياريان ٿو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ ملندڙ رقم جو هڪ هڪ پئسو متاثرن تي خرچ ڪيو ويندو، ٻوڏ سلوموشن سونامي آهي، اهڙو اظهار هن ڪالهه ايوان صدر ۾ ڊونر ادارن ۽ مختلف ملڪن جي سفيرن جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو، اجلاس ۾ موجود سفيرن ۾ آمريڪا جي سفير اين ڊبليو پيٽرسن، يورپي يونين جي سفير جان ڊي ڪوڪ، جرمني جي ڊاڪٽر مائيڪل ڪوچ، بيلجيم جي هينس ڪرسٽين، انڊونيشا جي اسحاق لاتوڪون سينا، ترڪي جي سفير مصطفيٰ بابر اذالان، جاپان جي سفير چير واتسومي، چين جي سفير ليوجيوان، ايران جي سفير ماشاءُ الله شاڪري، ڊپٽي هاءِ ڪمشنر برطانيا پرٽرتبر، سعودي عرب، يو اي اي، ڪئناڊا جي سفارتڪارن کان علاوه انوچا، يو اين ڊي پي، ڊبليو ايف او، عالمي بئنڪ سميت امدادي ادارن جا نمائندا شامل هئا، ملاقات ۾ پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، سڌ سماءُ جو وفاقي وزير قمر الزمان ڪائره، پاڻي ۽ بجلي جو وفاقي وزير راجا پرويز اشرف، قانون جو وفاقي وزير ڊاڪٽر بابر اعواڻ،گهرو وزير رحمان ملڪ، صدر جو سيڪريٽري جنرل سلمان فاروقي، پرڏيهي سيڪريٽري سلمان بشير، صدر جو ترجمان فرحت الله بابر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار به موجود هئا، صدر چيو ته عالمي برادري طرفان وڏي قدرتي آفت جي ڪري درپيش موجوده صورتحال تي ضابطو آڻڻ لاءِ فراهم ڪيل امداد ننڍي مدي وارو قدم آهي، تنهن هوندي به ايڏي وڏي نقصانن جي ازالي لاءِ ڊگهي مدي واري قدم، پاڪستاني مصنوعات لاءِ وسيع تر مارڪيٽ تائين پهچ جي اجازت، ترجيحي واپاري سهولتن جي فراهمي، نئين سر تعمير، زونر جي قيام ۽ ملڪ ۾ وڌيڪ سيڙپڪاريءَ جا خواهشمند آهيون، هن چيو ته موجوده جمهوري حڪومت پهرين دهشتگردي خلاف جنگ ۽ هاڻي ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصانن جي بحالي ۽ هميشه عارضي پيڪيجز تي واپار کي ترجيح ڏني آهي، صدر چيو ته بدترين ٻوڏ جي ڪري نقصانن جو شروعاتي ڪاٿو نقصانن کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ ٿي سگهي ٿو، هن چيو ته ڪا به حڪومت عالمي برادري جي امدادي ڪوششن کان سواءِ امداد ۽ بحالي جي ايتري ڏکئي ڪم ۾ اڪيلي منهن نٿي ڏئي سگهي، هن چيو ته حڪومت ڪفايت شعاري مهم تي سخت سان عمل پيرا آهي ۽ ترقياتي ۽ جاري خرچن کي گهٽ ڪرڻ کانسواءِ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وسيلا پيدا ڪرڻ ۽ دستياب وسيلن جو رخ موڙڻ جهڙا قدم کنيا پيا وڃن، صدر غير ملڪي شخصيتن کي ذاتي طور تي مختلف ٻوڏ سٽيل علائقن جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته هو تباهي جي شدت جي باري ۾ پنهنجي حڪومتن ۽ عوام کي احساس ڏيارڻ لاءِ پنهنجو اثر رسوخ استعمال ڪن، صدر چيو ته پاڪستاني قوم چئلينجن کي منهن ڏيڻ ۽ سرخرو ٿيڻ جي تاريخ رکي ٿي، هن اميد ظاهر ڪئي ته هن ڀيري به قوم 2005ع جي زلزلي وانگر جرئت ۽ ثابت قدمي سان چئلينج تي ضابطو آڻيندي، شرڪت ڪندڙن ٻوڏ متاثرين جي امداد،بحالي ۽ مسقبل ۾ ان قسم جي ڪنهن چئلينج کي منهن ڏيڻ جي تياري جي حوالي سان مختلف تجويزون پيش ڪيون.
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
روزانه ڪاوش جي ٿورن سان