السلام عليڪم دوستو دوستو مون وٽ موزيلا فائرفاڪس انسٽال ٿيل آهي هاڻي وري جڏهن مون ادا رشيد جو شيئر ڪيل سافٽ ويئر انسٽال ڪيم ان جي ٽول بار اچي بيهي رهي آهي وري جڏهن مست پاران ڏنل ڊي اي پي انسٽال ڪيم ته ان جي ٽول بار به اچي بيهي رهي آهي هاڻي مان انهن ٽول بار کي ختم ٿو ڪرڻ چاهيان ڇا ڪاڻ ته ڪافي اسپيس زيان ٿو ٿئي ڪا به تحرير پڙهڻ لا۽ يا وري آن لائين ويڊيو ڏسڻ لا۽ اسڪرول کي هيٺ مٿي ڪجي ٿو سو مان اهي ٽول بار ڪهڙي نموني سان ختم ڪريان ؟؟؟؟ اسڪرين شاٽ [/IMG] توهان جي راين جو شدت سان انتظار رهندو سدائين گڏ
جواب: موزيلا فائر فاڪس اهوئي ته فقير ويل آهي نه موزيلا ۾ انهي جي ڪري مان ڪروم استعمال ڪندو آهي۔اصلي ڪائي کيڇٽ ئي نه۔
جواب: موزيلا فائر فاڪس اسلام عليڪم ادا فلپوٽو فقير صاحب اوهان بلڪل پريشان نٿيو مان اوهان کي انهي جو حل ٻڌايان ٿو ت اوهان ٽول بار ڪيئن ختم ڪري سگهو ٿا۔ هيٺ ڏنل هدايتن تي عمل ڪيو ء پوء ٽول بار کي ختم ڪيو۔ سڀ کان پهريان اوهان Tools مينيو ۾ وڃو ان ۾ آپشن هوندو Add-ons جو ان تي ڪلڪ ڪريو، ڪلڪ ڪرڻ کانپوء Add-ons جي ٽيبل کلي ويندي، ان ۾ Extensions آپشن تي ڪلڪ ڪندو ت اوهان وٽ جيڪي ب ٽول بارس آهن اهي اچي وينديون، بس اوهان کي جيڪا ب ٽول بار ڊليٽ ڪرڻي آهي ت ان تي ڪلڪ ڪندو ت اوهان کي 2 آپشن نظر ايندا، هڪ Disable ء ٻيو Uninstall بس اوهان کي Uninstall تي ڪلڪ ڪرڻو آهي، ڪلڪ ڪرڻ کانپوء اوهان وٽ آپشن ايندو Cancel جو اوهان کي Cancel جي آپشن تي ڪلڪ ناهي ڪرڻو، پر اوهان کي رائٽ سائيٽ تي آپشن نظر ايندو Restart Firefox جو بس اوهان کي ان تي ڪلڪ ڪرڻو آهي، ڪلڪ ڪرڻ سان ئي اوهان جو فائر فاڪس Restart ٿي ويندو ء جيڪا اوهان ٽول بار ڊليٽ ڪئي هئي اها ب ڊليٽ ٿي ويندي۔ اميد ڪيان ٿو ت انشاء الله اوهان جو پرابلم ب حل ٿي ويندو۔ مظهر علي وگهيو
جواب: موزيلا فائر فاڪس قرب سائين اصل ٿڪ لهي ويا اصل ۾ مان گهڻو استعمال موزيلا کي ڪندو آهيان ڪڏهن ڪڏهن وري بحالت مجبوري وري گوگل ڪروم به استعمال ڪري وٺندو آهيان مهرباني سائين مظهر صاحب سدائين گڏ
جواب: موزيلا فائر فاڪس ادا فلپوٽو فقير صاحب اوهان جي مهرباني۔ ادا مان به موزيلا ئي يوز ڪندو آهي، ڇاڪاڻ ته هي منهنجو پسنديده برائوزر آهي۔