• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

رمضان ڪريم جو لوگو( ٽيمپليٽ)

نثارناز

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا ساٿيو، السلام عليڪم۔ مونکي ڪا خبر ناهي ته عربي مان سنڌي ۾ آندل هي لوگو ٽيمپليٽ ڪيتري قدر مقبول ويو، جيئن ته رمضان ڪريم جي آمد جي سلسلي ۾ هي عربي ٽيمپليٽ سنڌي ۾ ترجمون ڪري ماه رمضان جي آجيان ڪئي وئي، اڄ ماشاالله رمضان مهيني جي 21 تاريخ آهي، باقي 9 ڏينهن يا 8 ڏينهن رهيا آهن رمضان شريف جو مهينو ختم ٿِي ويندو ، ان هوندي به سنڌ سلامت جي بينڊٿ وٿ جي وڌڻ‌ ۾ انهي ٽيمپليٽ جو به وڏو حصو آهي، چلو خوبصورت رنگن ۽ چارمنگ جي ڪري ڪافي ڪشش هُئي ان ۾ هڪڙي ڳالهه دوستن کي شيئر ڪندو هلان ته هڪڙي پروفيسر صاحب کي انهي ٽيمپليٽ جو ديدار ڪرايم ته پاڻ کلندي چوڻ لڳو ته ناز ماشا الله مذهبي نقطي نگاهه سان ته اهو ٽيمپليٽ انتهائي شاندار آهي ايتري قدر جو توهان جي سنڌ سلامت سموري جي سموري مسيت جو ڏيک ڏئي رهي آهي، پر ڪٿي به سنڌ، سنڌي ماڻهن ، جي نمائندگي هن ٽيمپليٽ جي ذريعي ڪونه ٿي رهي آهي، دوستو پراڻو ٽيمپليٽ تمام بهترين هو، جيڪڏهن اهو ٽيمپليٽ ساڳيو رهي ها ۽ اسان بحيثيت مسلمانن جي رمضان ڪريم جي آجيان بهترين ٿريڊ ذريعي به ڪري ٿي سگهياسين، پر نواڻ جي ڪري انهي تبديل ٿيل ٽيمپليٽ جي دوستن سميت سڀني انتظاميه جي ميمبرن پڻ تعريف ڪئي هُئي ۔ جيڪڏهن هن مسيت نما ٽيمپليٽ کي تبديل ڪري وري ساڳيو پراڻو سنڌ سلامت جو ٽيمپليٽ لڳايو ٿو وڃي ته ڪنهن به صورت ۾ سُٺو ڪونه لڳندو انهي ڪري منهنجي سڀني سنڌ سلامت جي ساٿين کي گُذارش آهي خاص ڪري اهي ساٿي جيڪي فوٽو شاپ جو ڪم تمام بهترين نموني ڄاڻندا آهن، جن ۾ ادا ابو زين، ادا ابو واصف ، ادا مست، ڀائو، عاشق سولنگي، ادا ممبئي وارو مولائي رنجيت من جو ميت، ادا وهاب قمبراڻي، ادا عباس منگسي ۽ ادا رشيد سمون جن کي کپي ته چنڊ رات کان پهرين پهرين ڪو نئون لوگو جنهن ۾ شاهه سائين جو بيت ولر ڪيو وتن پرت نه ڇنن پاڻ ۾ ، پسو پکيئڙن ماڻهان ميٺ گهڻو لکي، سنڌ جي تاريخي جاين سنڌ جي روايتي سازن، سنڌ جي ماڳن مڪانن کي ايڪسپوز ڪري ٺاهي موڪليو وڃي ته ساري دنيا جي سنڌ دوستن کي اهو محسوس ٿئي ته واقعي خوبصورتي لحاظ کان، سنڌي ٻولي ۽ سنڌي قوميت جي لحاظ کان سنڌ سلامت جي اڱڻ تي ڪا نئين تبديلي ٿِي آهي۔توهان جا لک ٿورا۔
 
جواب: رمضان ڪريم جو لوگو( ٽيمپليٽ)

سائين توهان جي ڳالهه جاندار آهي۔۔۔ توهان جي ڳالهه ۾ اضافو ڪندي هلان ته هي ٽيمپليٽ صرف ماهِ رمضان جي ڪري فورم تي سجايو ويو آهي۔۔۔ جنهن کي عيد تي تبديل ڪيو ويندو۔۔۔ جيتري قدر لوگو کي تبديل ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته ان سلسلي ۾ گرافڪ جي ماهرن تائين توهان جي ڳالهه پهچي چڪي آهي۔۔۔ جيڪڏهن عيد تائين ڪو بهتر لوگو آيو ته يقينن تبديلي عمل ۾ آندي ويندي۔۔۔ پوءِ ڇونه نئين لوگو جو ننڍڙو مثال توهان کان شروع ٿئي۔۔۔ توهان جي آندل لوگو جو انتظار رهندو۔۔۔
 
جواب: رمضان ڪريم جو لوگو( ٽيمپليٽ)

اسانجو ڪم آهي ڪُٽي کائڻ ۔۔۔هاڻ ڏسجي ته ڪهڙو دوست ڪُٽي سٺي ٿو ٺاهي ۔۔۔ اسان ته حسن جا پوڄاري آهيون جيڪو سهڻو ٽيمپليٽ هوندو ته انجي تعريف دل کولي ڪنداسون ۔۔۔ ڏسجي وقت پيو آ ۔۔۔
 
جواب: رمضان ڪريم جو لوگو( ٽيمپليٽ)

سائين توهان جي ڳالهه جاندار آهي۔۔۔ توهان جي ڳالهه ۾ اضافو ڪندي هلان ته هي ٽيمپليٽ صرف ماهِ رمضان جي ڪري فورم تي سجايو ويو آهي۔۔۔ جنهن کي عيد تي تبديل ڪيو ويندو۔۔۔ جيتري قدر لوگو کي تبديل ڪرڻ جي ڳالهه آهي ته ان سلسلي ۾ گرافڪ جي ماهرن تائين توهان جي ڳالهه پهچي چڪي آهي۔۔۔ جيڪڏهن عيد تائين ڪو بهتر لوگو آيو ته يقينن تبديلي عمل ۾ آندي ويندي۔۔۔ پوءِ ڇونه نئين لوگو جو ننڍڙو مثال توهان کان شروع ٿئي۔۔۔ توهان جي آندل لوگو جو انتظار رهندو۔۔۔
پيارا رشيد سمان السلام عليڪم: توهان جو حۡڪم سر اکين تي پر دوست مان هاڻي انهي لوگو واري ڊوڙ ۾ ڊوڙي نٿو سگهان ڇاڪاڻ جو جهونو ٿِي ويو آهيان، انهي اهم ترين ڊوڙ ۾ نوجوان تازه دم دوستن کي ڊوڙڻ گهرجي، جادوگر رشيد سمان لوگو وارو ٽيمپليٽ پنهنجي ساري فورم جي اهم ترين سڃاڻپ هوندو آهي، جيترو خوبصورت هوندو اوترو ڪاميابي سنڌ سلامت جا قدم چُمندي۔ هڪ دفعو ٻيهر اها ذميواري محترم دوست ابو واصف کان وٺي نئين ڪنهن به ميمبر تي رکي وڃي جيڪي ايڊوب فوٽو شاپ کي خوبصورتي سان آپريٽ ڪن ٿا۔ ان سلسلي ۾ ادا اسد ڄامشورائي مست کان پڻ مدد وٺي سگهجي ٿي۔توهان صرف هنٽ طور نئين لوگو جي ويڪر ۽ ڊيگهه لکي دوستن کي ٻُڌايو۔
soonhin.gif
 
جواب: رمضان ڪريم جو لوگو( ٽيمپليٽ)

اسانجو ڪم آهي ڪُٽي کائڻ ۔۔۔هاڻ ڏسجي ته ڪهڙو دوست ڪُٽي سٺي ٿو ٺاهي ۔۔۔ اسان ته حسن جا پوڄاري آهيون جيڪو سهڻو ٽيمپليٽ هوندو ته انجي تعريف دل کولي ڪنداسون ۔۔۔ ڏسجي وقت پيو آ ۔۔۔
ڀا نثار ابڙا السلام عليڪم: انهي ڳالهه ۾ ڪو شڪ ڪونهي ته پاڻ وٽ ڪُٽي کائڻ وارا مجنان کوڙ آهن، ڇا ڪيون ليلا ڪٽيون ٺاهڻ ۽ کائڻ وارا بار اسان جهڙن مجنن تي رکيو ڇڏي، پاڻ ويهاڻي تي ڪياڙي جي هيٺان هٿ رکيو سمهيو پوي، ٻي ڳالهه ته اها به خبر ڪانه ٿِي پوي ته اسان جي سنڌ سلامت جي ليلا ڪهڙي آهي، بس ايتري خبر آهي ته ڪا ليلا آهي جيڪا تو کان وٺي مون نثار ناز کي ڪُٽي ٺاهڻ‌ ۽ ڪُٽي کائڻ جا بار رکي ٿي۔ ادا نثار ابڙا وقت ڪونهي نه انهي سلسلي ۾ وقت گهٽ مقابلو سخت آهي۔
moonji%20sindh.jpg
 
جواب: رمضان ڪريم جو لوگو( ٽيمپليٽ)

لوگو تمام پيارو ٿو لڳي پر وڌيڪ دوستن جي صلاح

پاڻ به سائين ابڙو صاحب جي ڳالهه جيئان ۡڪُٽي کائڻ وارن مان آهيون
 
Back
Top