هڪ حادثي ۾ ملان ۽ مني بس جو ڊرائيور شهيد ٿي ويا ... فرشتا ٻنهي کي جنت ڏانهن وٺي ويا ۽ ڊرائيور کي چيائون ته هو جيڪو سامهون وڏو محل آهي، جنهن جي اردگرد وڏا وڏا باغيچا آهن، اهي تنهنجا آهن، وڃ وڃي آرامده زندگي گذار ... اڳتي هلي، سامهون هڪ پراڻي ۽ ننڍڙي ڪوٺي نظر آئي ته ملان کي چيائون ته صاحب! هي سامهون جيڪا ڪوٺي آهي سان تنهنجي آهي ... وڃ وڃي آرامي ٿي ... ملان فرشتن کي چيو! محترم حضرات! اوهانکان ڪا غلطي ٿي آهي، ڊرائيور لاءِ عاليشان محل ۽ مان جڏهن ته ملان آهيان مسجد جي خدمت ڪندو هوس مون لاءِ هي ننڍڙي ڪوٺي؟ آخرڪار آءُ عبادتگذار آهيان ... فرشتن جواب ڏنو! اوهان بلڪل صحيح فرمايو! پر اوهان لئه هي ڪوٺي انڪري آهي جو اوهين جڏهن خطبو ڏيندا هئا ته سڀ حاضرين ننڊ ڪندا هئا ۽ هن ڊرائيور لاءِ هي وڏو محل انڪري آهي جو هو جڏهن مني بس هلائيندو هو ته سڀ مسافر دعائون گهرندا هئا ۽ الله کي ياد ڪندا هئا ))) (ڀوڳ ڀوڳ هوندو آهي)
جواب: ملان ۽ مني بس جو ڊرائيور مطلب ته فقيرن جي ملن سان نه پوي ۔۔۔ اصل ۽ ازل جي دشمني آهي ۔۔۔ دشمن جو دلو ڀڳو ته به ڀلو ۔۔۔8-}
جواب: ملان ۽ مني بس جو ڊرائيور ها ها ها ۔۔۔ ادا سچي ڳالهه ڪئي اٿوَ۔۔ عبادت مهل الائي جي ماڻهن کي ڇو ننڊ ايندي آهي۔۔۔