سيالڪوٽ واقعو: قتل ٿيل ڀائر ڏوهاري نه هئا: عدالتي ڪميشن رپورٽ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ عاشق سولنگي طرفان آندل موضوعَ ‏1 سيپٽمبر 2010۔

  1. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    [​IMG]
    سيالڪوٽ واقعي بابت جسٽس (ر) ڪاظم جي رپورٽ سپريم ڪورٽ ۾ پيش ڪئي وئي جنهن کانپوءِ سپريم ڪورٽ هو رپورٽ ميڊيا کي جاري ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي. رپورٽ موجب قتل ٿيل ڀائر منيب ۽ مغيث ڌاڙيل يا ڏوهاري نه هئا، ٻنهيءَ ڀائرن ڄاڻي واڻي ڪو ڪم ڪيو هوندو يا وري ٻنهيءَ کان ڪا غلطي ٿي هوندي پر قتل ٿيڻ مهل ٻنهيءَ ڀائرن خلاف ڪو به ڪيس داخل نه هو.

    پوليس اهلڪار بار بار ماڻهن کي ٻنهيءَ ڀائرن کي قتل ڪرڻ جو موقعو ڏيندا رهيا. جسٽس (ر) ڪاظم ملڪ جي رپورٽ موجب قتل ٿيل ڀائرن جون قبرون پٽي لاشن جو پوسٽ مارٽم ڪرايو وڃي. اِها ڳالهه نٿي چئي سگهجي ته قتل ٿيل ڀائر فرشتا هئا، ڌاڙيل هئا يا وري ڏوهاري هئا.

    رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٻنهيءَ ڀائرن کي ڌاڙيل قرار ڏيڻ وارو ڊامو قتل ٿيل ڀائرن جي خلاف درج ڪيل قتل جي ڪيس جي جوابدار شوڪت علي ۽ پوليس تيار ڪيو هو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هن واقعي ۾ ريسڪيو ون ون ٽو ٽو جي اهلڪارن جي مجرماڻي غفلت پڻ شامل آهي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو