(توهان جو شهر، تاريخ جي آئيني ۾ (عمر ڪوٽ) شمس العماء مرزا قليچ بيگ عمرڪوٽ يا امرڪوٽ عمر سومري ولد دودي سومري جو ٻڌل هو، جو 793ھ : 1390ع ۾ گاديءَ تي ويٺو ۽ 35 ورهيه بادشاهي ڪيائين. اهو ظالم شمار ڪيل هو. ماروئيءَ جو قصو سنڌ ۾ مشهور آهي. سنه 949: 1542ع ۾ مرزا شاھ حسن جي وقت همايون بادشاھ شير شاه افغان کان ڀڄي سنڌ ۾ آيو ۽ اچي سنڌ ۾ رهيو ۽ اُتي انهيءَ سال جي رجب مهيني جي پنجين تاريخ اڪبر بادشاه ڄائو. راڻيءَ جو نالو حميده بانو هو. عمرڪوٽ تڏهين ننڍڙو ڳوٺ هو، تنهنڪري همايون اُتان نڪري جونپور ۾ درياه جي ڪناري تي اچي رهيو. سنه 967ھ : 1559ع ۾ مرزا عيسى ترخان جي ٻنهي پٽن محمد باقي ۽ محمد صالح جي عيسى، محمد صالح جي فائدي ۾ هو، تنهنڪري محمد باقي شڪست کائي ونگ منجھان عمرڪوٽ ۾ آيو ۽ اتان جيسلمير مان لنگھي بکر ۾ سلطان محمود خان وٽ آيو. مرزا غازي بيگ جي وقت ۾ سنه 1599ع ڌاريءَ ابوالقاسم سلطان ولد شاه قاسم ارغون سوڍي سان وڙهي عمرڪوٽ ورتو. هو مرزا جانيءَ جو سالو هو. سنه 1152ھ ۾ جڏهين نادر شاه سنڌ تي ڪاهي آيو، تڏهين ميان نور محمد ۽ سندس پٽ محمد مراد ياب خان ڪلهوڙا ٺٽو ڇڏي عمرڪوٽ جي قلعي ۾ وڃي لڪا، پر نادر شاه هنن جي مٿان وڃي بيٺو ۽ هو لاچار ٿي پيش پيا. اتان نادر شاه جا امير سنڌ جي جدا جدا ڀاڱن ۾ پکڙي پيا. 1168ھ ۾ ميان محمد مراد ياب خان سنڌ جي گاديءَ تي ويٺو. هو عمرڪوٽ هو. جڏهن ديوان گدومل سندس لاءِ بادشاه کان سَنَد ۽ نواب سربلند خان جو لقب وٺي آيو، تڏهين هو عمرڪوٽ کان ٺٽي آيو ۽ رستي ۾ نصرپور وٽ تاجپوشيءَ جي رسم ادا ڪئي ويئي. سنه 1190غ ۾ ميربجار خان حج پڙهي موٽي آيو ۽ سڌو عمرڪوٽ ۾ وڃي رهيو، ۽ کوسن کي اتان ڀڄائي ڪڍيائين. ميان غلام نبيءَ کي تاجو ليکي هڪڙي لشڪر ساڻ وٺي آيو، ۽ اچي ڪوٽ کي گهيرو ڪيائون؛ پر فتحياب نه ٿيا. تڏهين الھ بخش جھنجھڻ دغا ڪري مير کان وڃي معافي گھري. تنهن تي ميربجار ڇھ هزار لشڪر وٺي ٽيهن هزارن ڪلهوڙن تي ڪاهي ويو. ڪلهوڙ نڪري لانياريءَ وٽ آيا، جتي جنگ لڳي ۽ شڪست کاڌائون ۽ ميان غلام نبي مارجي ويو. سنه 1194ھ ۾ ميان عبدالنبيءَ جي چوڻ تي بجيسنگ جوڌپور جي راجا کي ٻه ماڻهو موڪلي مير بجار خان کي دغا سان مارايو، انهيءَ لاءِ ميان راجا کي عمرڪوٽ ڏيئي ڇڏيو. انهيءَ وقت ڌاري جڏهين عبدلنبيءَ جي مدد لاءِ تيمور شاه مدد خان سردار لشڪر سان موڪليو، تڏهين مير عمرڪوٽ ۾ هئا. مير عبدالله خان بلوچن جو لشڪر وٺي هن کي سامهو ٿيڻ لاءِ نڪتو. گھڻي لکپڙھ کان پوءِ مدد خان عمرڪوٽ ۾ آيو ۽ مير فتح خان کي ٺڳاري پڪڙي وٺي ويو. پر پوءِ هو نڪري ڀڄي وڃي مير عبدالله ۽ مير فتح علي خان سان گڏيو، جي تڏهين دين ڳڙھ ۾ هئا. ميرن جي سانباهي جو ٻڌي مدد خان عبدالنبيءَ کان بيزر ٿي هن کي ڇڏي هليو ويو ۽ پوءِ عبدالنبيءَ لاچار ٿي اچي مير جي پيش پيو. سنه 1201ھ ۾ جوڌپور جي راجا ٻه هزار ماڻهو عمر ڪوٽ ۾ آڻي ويهاريا، جو اهو ڪوٽ ميان عبدالنبيءَ هن کي ڏنو هو اتفاق سان واٽ ويندي اُنهن جو جھيڙو مير سهراب خان جي ڀاءٌ مير غلام محمد جي ماڻهن سان ٿي پيو، جو هو ٿَر جي شڪار تي آيل هو. مير جا گھڻا ماڻهو مارجي ويا. تنهن تي مير سهراب خان، مير فتح علي خان جي مدد سان عمرڪوٽ تي ڪاهي آيو ۽ راجپوتن کي ماري ملڪ ڦري وير وٺي هليو ويو. سنه 1229ھ ۾ مير ڪرم علي خان ۽ مير مراد علي خان عمرڪوٽ جوڌپور جي راجا کان کسي ورتو ۽ انهيءَ کان پوءِ سندس هٿ ۾ رهيو. سنه 1258ھ ۾ سرچارلس نيپئر ميرن سان عهدنامو ڪيو، جنهن موجب عمرڪوت، سبزلڪوٽ، شڪاپور، ۽ ڪراچي انگريز سرڪار کي مليا.